بارود: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: بارُود يا باروت پوٽاشيئم نائٽريٽ (75 سيڪڙو)، تيزاب (10 سيڪڙو) ۽ ڪاربان (15 سيڪڙو) ملائڻ سان ٺڪاءُ ڪندڙ...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
بارُود يا باروت پوٽاشيئم نائٽريٽ (75 سيڪڙو)، تيزاب (10 سيڪڙو) ۽ [[ڪاربان]] (15 سيڪڙو) ملائڻ سان ٺڪاءُ ڪندڙ مصالحو ٺهندو آهي. اوائل ۾ -بارود- جي دونهين ۽ رڪ جي چني ڪري هٿيارن کي هر ڀيري صاف ڪرڻو پوندو هو، پر پوءِ جيئن جيئن -ترقي- ٿيندي وئي، تيئن تيئن -بارود- سان رک ۽ دونهين جا اثر ختم ٿيندا ويا.
بارود جي ايجاد کي راجر بيڪن يا برٿولڊ شوارٽز (Berthold Schwarz) ڏانهن منسوب ڪيو ويندو هو، پر نئين -تحقيق- مطابق -بارود- جي ايجاد 9 صديءَ ڌاري چين ۾ ٿي. يورپ ۾ هن جو رواج 14 صديءَ ۾ پيو، جنهن کان پوءِ -جنگ- جي طريقن ۾ -انقلاب- اچي ويو. 19 صديءَ ۾ اهڙا -بارود- ايجاد ٿيا، جيڪي دونهين کان پاڪ هئا. 1864ع ۾ پروشيا (جرمنيءَ) جي توپ خاني واري ڪپتان ايڊورڊ شلٽرز هڪ اهڙو -بارود- ٺاهيو، جيڪو 1870ع کان پوءِ شلٽز پائوڊر جي نالي سان مشهور ٿيو. گهڻو ڪري شوري ۽ نباتي ريشن جي جزن مان ٺهيل دونهين کان پاڪ -بارود- جو غالباً پهريون ڪامياب مثال هو. هي -بارود- بندوقن، شيلڪي ڪارتوسن ۾، دستي بمن ۽ توپ جي گولن ڇڏڻ لاءِ استعمال ٿيندو هو. -پال- ويئيل (Paul Vieille) 1885ع ۾ رائيفلن لاءِ شوري ۾ تَر ٿيل ڪپهه، ايٿر ۽ الڪوهل جي ميلاپ سان -بارود- تيار ڪيو، جيڪو -بارود- ”ب“ (Powder-B) جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ائلفرڊ نوبل (Alfred Noble) بعد ۾ -ان- ۾ بيلٽسائٽ جو اضافو ڪيو ۽ شوري ۾ تر ڪپهه کي شوري ۽ گليسرين جي ڪريم ۾ ماري نئون -بارود- ٺاهيو. ڪارڊائٽ (Cordite) دونهين کان پاڪ هڪ ٻيو -بارود- آهي، جيڪو سر ايف. اي ايبل ۽ سر جيمز ڊيوار 1889ع ۾ ايجاد ڪيو. -ان- ۾ شوري جي وڏي مقدار ۾ تر ٿيل گن ڪاٽن ۽ نائٽرو گليسرين هوندي آهي، -جن- کي ائسيٽون (Acetone) جي مدد سان گڏايو ويندو آهي. -ان- کان سواءِ انڊيورائٽ (Indurate) -بارود-، سي. اي منرو (Monroe) 1891ع ۾ ايجاد ڪيو. -ان- کان پوءِ اڄ تائين -بارود- وڏي -ترقي- ڪئي آهي ۽ سڄيءَ دنيا لاءِ خوف جي علامت بنيل آهي.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%A7%D8%B1%D9%88%D8%AF</ref>
 
 
==حوالا==
{{حوالو}}