"انسائيڪلوپيڊيا" جي ورجائن ۾ تفاوت

سنوار جو تَتُ ڪونھي
(نئون صفحو: علم جي سڀني شعبن يا ڪنهن هڪ شعبي تي حاوي تاليف، جيڪا لغت کان مختلف ۽ جامع هوندي آهي. هن ۾ عنوان جي م...)
 
علم جي سڀني شعبن يا ڪنهن هڪ شعبي تي حاوي تاليف، جيڪا لغت کان مختلف ۽ جامع هوندي آهي. هن ۾ عنوان جي مفهوم کان سواءِ، ان جي [[تاريخ]] به بيان ٿيل هوندي آهي ۽ ان تي مختصر ۽ عام بحث به ڪيل هوندو آهي.
دنيا جي قديم ترين انسائيڪلوپيڊيا پلني دي ايلڊر (Pliny the Elder) جو ڪتاب ”نئچرل هسٽري“ آهي، جيڪو 37 جلدن تي ٻڌل آهي. هن ڪتاب ۾ تقريباً سڀني علمن جو مختصر ذڪر آهي. ڏهين صديءَ ۾ ابونصر فارابيءَ ”احصاءُ العلوم“ نالي ڪتاب مرتب ڪيو، جنهن ۾ ان دؤر جي مک علمن جو ذڪر ڪيل آهي. هن ڪتاب جو هڪ نسخو ڪتب خانه اسڪوريال (مئڊرڊ) ۾ موجود آهي. وچئين دور ۾ ڪيترائي انسائيڪلوپيڊيائي ڪتاب تاليف ٿيا. علامه نويري (1278ع- 1333ع)، ٽيهن جلدن ۾ هڪ -انسائيڪلوپيڊيا- جو ڪتاب ”نهاية الارب في فنون الادب“ جي نالي سان مرتب ڪيو، جيڪو پنجن شعبن تي مشتمل هو: (الف) فلڪيات، ارضيات ۽ عالم سفلي، (ب) انسان ۽ ان سان لاڳاپيل معلومات، (ج) حيوانات، (د) نباتات ۽ طب، (هه) تاريخ. راجر بيڪن، ونسنٽ آف بوويس ۽ برونيتو لاتيني جون تصنيفون به تيرهين صديءَ جون آهن. وليم ڪيڪسٽن، ونسنٽ آف بوويس جي انسائيڪلوپيڊيا جو انگريزي ترجمو ”مرر آف دي ورلڊ“ جي نالي سان 1481ع ۾ ڪري اها شايع ڪئي. جديد انسائيڪلوپيڊيا جي واڌ ويجهه، جنهن ۾ مواد جي ترتيب، الفابيٽ جي حساب سان هوندي آهي، سا ماضي قريب ۾ ٿي. جان هيرس ”علوم و فنون جي عالمگيري انگريزي لغت“ 1704ع ۾ شايع ڪئي. 1728ع ۾ افرائيم چيمبرز (1740ع) هڪ انسائيڪلوپيڊيا ساڳئي نالي سان شايع ڪئي. سندس انهيءَ تاليف ۾ ڪيترائي دانشور سندس مددگار هئا ۽ انهيءَ ڪتاب ۾ تقابلي حوالا به ڏنل هئا. 1771ع ۾ ايڊنبرا ۾ ”انسائيڪلوپيڊيا برٽئنيڪا“ ٽن جلدن ۾ شايع ٿي. ان جي ترتيب به الفابيٽ جي حساب سان هئي. ان جو ٻيو ايڊيشن جيڪو تقريباً پنجن سالن کان پوءِ شايع ٿيو، ڏهن جلدن تي مشتمل هو. انهيءَ کان پوءِ هن انسائيڪلوپيڊيا جا نوان ايڊيشن وقت بوقت نڪرندا رهندا آهن ۽ هر سال هن ڪتاب جو هڪ ضميمو به شايع ٿيندو آهي، جنهن ۾ -تازي- معلومات هوندي آهي. 1772ع ۾ فرانسيسي ”انسائيڪلوپيڊيا“ 28 جلدن ۾ شايع ٿي. انهيءَ جي تاليف ۾ ڪيترن ئي عالمن ۽ دانشورن حصو ورتو ۽ اُها سڀ کان وڌيڪ مشهور انسائيڪلوپيڊيا آهي. ان کان پوءِ 1796- 1808ع ۾ جرمن انسائيڪلوپيڊيا ”براڪهائوس“ (Brock haus) ۽ 1833ع- 1829ع ۾ تيرنهن جلدن ۾ آمريڪن انسائيڪلوپيڊيا، ”آمريڪانا“ (Americana) شايع ٿي، انهيءَ جو مؤلف فرانس ليبر (Lieber) هو. عرب ملڪن ۾ بطرس البستانيءَ، (1883ع- 1876ع) ۾ ”دائرة معارف البستاني“ جا پهريان ڇهه جلد شايع ڪيا. ان کان پوءِ هن جا پٽ ۽ ٻيا ماڻهو گڏجي، هن ڪتاب جا وڌيڪ جلد شايع ڪندا رهيا، ايستائين جو 1954ع ۾ افرام البستاني، انهيءَ انسائيڪلوپيڊيا جي تڪميل لاءِ، عالمن جي هڪ جماعت جي گڏيل تعاون سان اڳوڻن سڀني جلدن جي نظرثاني به ڪئي.
1938ع ۾ استاد محمد فريد وجدي ”دائرة معارف القرن العشرين“ ويهن جلدن ۾ شايع ڪئي. قاهره (مصر) ۾ عربي انسائيڪلوپيڊيا (الموسوعة العربية) هڪ جلد ۾ ڇپي. انڊونيشي انسائيڪلوپيڊيا جو پهريون حصو 1954ع ۾ شايع ٿيو. ترڪي انسائيڪلوپيڊيا جي تاليف جو ڪم 1946ع ۾ شروع ٿيو. جاپاني انسائيڪلوپيڊيا (28 جلد) 31- 1930ع ۾ شايع ٿي ۽ ان جو ضميمو 1939ع ۾ نڪتو. اولهه ۾ جيڪي انسائيڪلوپيڊيائي تاليفون موجوده صديءَ (20 هين صديءَ) ۾ شايع ٿيون، انهن ۾ اهم ترين هي آهن:
هن سلسلي جو خيال هڪ رٿا جي صورت ۾ 1991ع ۾ عوام جي آڏو آندو ويو هو. اُن تي سوچ ويچار جو سلسلو سال 1993ع ۾ ڪيو ويو ۽ باقاعدي ڪم آگسٽ 1998ع کان شروع ڪيو ويو.
هن انسائيڪلوپيڊيا تي جن عالمن ڪم ڪيو، انهن مان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اٿارٽيءَ جو پهريون چيئرمئن هو، جنهن ان رٿا جي منظوري ڏني. ان کان پوءِ ان جو خاڪو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ٺاهيو. 1998ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا باقاعدي انسائيڪلوپيڊيا ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي مقرر ڪري ڪم جي ابتدا ڪرائي ۽ هڪ ايڊيٽوريل بورڊ جوڙيو جنهن ۾ محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. اها رٿا 2001ع کان پوءِ بند ڪئي وئي، جنهن کي وري 2008ع ۾ جاري ڪيو ويو. هن رٿا جي سرپرستي موجوده چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ نگراني موجوده سيڪريٽري تاج جويي ڪئي آهي. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر بدر ابڙي ۽ ريسرچ آفيسر محمد عثمان ميمڻ ڪارڪنن جي رهنمائي ڪئي ۽ اها 2009ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي آهي .<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%86%D8%B3%D8%A7%D8%A6%D9%8A%DA%AA%D9%84%D9%88%D9%BE%D9%8A%DA%8A%D9%8A%D8%A7</ref>
 
==حوالا==
{{حوالو}}
٩٬٦١٢

سنوارون