خواجه محمد طاهر بخشي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: خواجه محمد طاهر بخشي نقشبندي مجددي هاڻوڪي دؤر ۾ سنڌ جو مشهور صوفي بزرگ ۽ روحاني مرشد آهي جنهن جا م...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
خواجه محمد طاهر بخشي نقشبندي مجددي هاڻوڪي دؤر ۾ سنڌ جو مشهور صوفي بزرگ ۽ روحاني مرشد آهي جنهن جا مريد سنڌ کان سوا پاڪستان ۽ ڪيترن ئي ٻاهرين ملڪن ۾ موجود آهن. سندس ڪيترائي خليفا [[سنڌ]]، [[پنجاب، پاڪستان|پنجاب]]، [[بلوچستان (صوبو)|بلوچستان]]، [[آسٽريليا]]، [[برطانيا]]، [[ناروي]]، [[دبئي]]، [[چين]] ۽ [[سري لنڪا]] وغيره ۾ موجود آهن.
 
مولانا محمد طاهر عباسي نقشبندي کي سنڌ ۾ سندس مريد پيار مان محبوب سڄڻ سائين سڏيندا آهن، جنهن ڪري کيس ان ئي لقب سان سڃاتو ويندو آهي. پاڻ [[درگاه الله آباد شريف]] لڳ [[ڪنڊيارو]] جو گادي نشين آهي، جنهن جي بنياد سندس والد ۽ مرشد پير سهڻا سائين وڌي هئي. سهڻا سائين لاڙڪاڻي جي مشهور بزرگ [[خواجه عبدالغفار نقشبندي|پير مٺا سائين]] جو سڀ کان وڏو خليفو هو ۽ جماعت اصلاح المسلمين جو باني پڻ هو.
 
==تعليم ۽ تربيت==
سڄڻ سائين 1963 ۾ لاڙڪاڻي جي ڀرسان درگاهه رحمت پور شريف ۾ پيدا ٿيو. اڳتي هلي سندس والد دادو ضلعي ۾ راڌڻ جي ويجهو درگاه فقيرپور شريف قائم ڪئي، جتي سڄڻ سائين پنهنجي بنيادي تعليم پرائي. ان بعد سهڻا سائين ڪنڊيارو جي لڳ درگاهه الله آباد شريف قائم ڪئي جتي هڪ وڏو ديني مدرسو به قائم ڪيو ويو. سڄڻ سائين انهيءَ مدرسي مان تعليم پرائي ۽ اعليٰ تعليم حيدرآباد ۽ ڪراچي جي مدرسن مان حاصل ڪئي جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽر جي ڊگري به حاصل ڪئي.
 
==مريد ۽ خليفا==
سڄڻ سائين جي خليفن جو تعداد 400 جي لڳ ڀڳ آهي جڏهن ته مريدن جو ڳاڻيٽو ڏھ لک کان مٿي ٻڌايو وڃي ٿو. انهن کان سوا ٻيا به لکين ماڻهو سندس عقيدمند آهن. هر سال نومبر جي مهيني ۾ درگاهه الله آباد شريف تي عرس ٿيندو آهي جنهن ۾ ڏھ لک کان وڌيڪ ماڻهو شامل ٿيندا آهن. سندس خليفا سموري [[سنڌ]]، [[پنجاب، پاڪستان|پنجاب]]، [[بلوچستان (صوبو)|بلوچستان]]، [[آسٽريليا]]، [[برطانيا]]، [[ناروي]]، [[دبئي]]، [[چين]] ۽ [[سري لنڪا]] وغيره ۾ موجود آهن ۽ ديني تبليغ توڙي روحاني ۽ اخلاقي اصلاح جو ڪم ڪندا رهن ٿا.