عثماني سلطنت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سِٽَ 197:
پندرهين صدي ۾ استنبول جي مسجد ۾ بروصه جي طرز جو نقل ڪيو ويو پر وڏين مسجدن ۾ اياصوفيه جامع جي طرز تعمير جو نقل ڪيو ويو جيڪي بازنطيني گرجا هئي جنهن کي فتح قسطنطنيه کان بعد مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو هو۔ ترڪ معمارن جديد عثماني طرز تعمير جون ڪافي شاندار ۽ بلند عمارتون ٺاهيون جن ۾ فاتح جامع، سليميه جامع، سليمانيه جامع ۽ اورتاڪوئي جامع نمايان آهن۔ عثماني طرز تعمير انهن عمارتن جي ذريعي اڄ به پنهنجي پوري شان ۽ شوڪت سان موجود آهي ايتري تائين دنيا ڀر ۾ جتي به ترڪ مهاجرن مسجدون تعمير ڪيون هو اهڙي طرز تعمير جو شاهڪار آهن۔ [[پاڪستان]] جي گادي جي هنڌ [[اسلام آباد]] ۾ واقع فيصل مسجد جا مينار به ترڪ طرز تعمير جا حامل آهن۔
 
[[عڪس:Dolmabahce Palace.Turchia.JPG|250px|thumb|دولما باغچه محل، استنبول]]
عثماني طرز تعمير جو تذڪرو سنان پاشا جي بغير اڌورو آهي جنهن پنهنجي طرز ۽ هنر سان ان عهد جي طرز تعمير کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا۔ سورهين صدي جي عثماني تعميرات ۾ سناني طرز هر جڳهه نمايان آهي ۽ اڄ به شاندار شڪل ۾ موجود آهي۔ شهزاده مسجد ۽ سليميه مسجد ان عظيم معمار جا فن پارا آهن۔ سنان قسطنطنيه، ادرنه ۽ ٻين شهرن ۾ ڪافي عظيم مسجدون تعمير ڪيون۔
عثمانين جي تيار ڪيل [[توپ قاپي]] ۽ [[دولما باغچه]] محلن پنهنجي وقت جي تعميرات جا عظيم ترين شاهڪار هيا جن ۾ پهريون ذڪر ڪيل عثماني ۽ بعد ۾ ذڪر ڪيل يورپي طرز تعمير جي زير اثر آهي۔
 
=== عثماني ترڪ ٻولي ===