عثماني سلطنت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سِٽَ 164:
 
=== عثماني فضائيه ===
[[عڪس:Turkish pilots in 1912.jpg|thumb|200px|ترڪ هوا باز 1912ء جي منڍ ۾]]
عثماني فضائيه جو بنياد جون 1909ء ۾ رکيو ويو اهڙي طرح هي دنيا جي قديم ترين جنگي هوا بازي جي ادارن مان هڪ آهي۔ هن جو قيام ان وقت عمل ۾ آيو جڏهن سلطنت عثمانيه پنهنجي ٻن ترڪ هوا بازن کي پيرس ۾ منعقد بين الاقوامي هوا بازي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاء موڪليو۔ فضائي جنگ جي وڌندڙ اهميت جي پيش نظر عثماني حڪومت پنهنجي عسڪري هوا بازي جي منصوبي کي منظم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو۔ ان مقصد جي لاء 1910ء جي آخر ۾ متعدد افسرن کي تربيت جي لاء يورپ موڪليو ويو جن اتي جنگي هوا بازي جي تربيت حاصل ڪئي۔ رهائش جي ناقص سهولتن جي ڪري تعليم جو هي منصوبو ختم ٿي ويو ۽ زير تربيت اهلڪار 1911ء جي اوائل ۾ ترڪي واپس اچي ويا۔ فضائيه جي قيام جي لاء حڪومتي رهنمائي جي خاتمي جي باوجود ان وقت جي عثماني وزير دفاع محمد شوڪت پاشا عسڪري فضائي منصوبي جي خيال کي عملي جامو پهرائڻ جون ڪوششون جاري رکيون ۽ ٻن افسرن کي فرانس تربيت جي لاء موڪليو۔ انهن هوابازن جي تربيت فيبروري 1921ء ۾ مڪمل ٿي ۽ ان ئي سال وڌيڪ ترڪ افسرن کي فرانس موڪليو ويو۔
سلطنت عثمانيه 3 جولاء 1912ءتي استنبول ۾ فضائي اڪيڊمي جي قيام جي ذريعي پنهنجي هوا بازن ۽ طيارن جي تياري ۽ پنهنجي افسرن جي تربيت جي شروعات ڪئي۔
ترڪ هوا بازن جي ناتجربيڪاري جي ڪري بلقان جنگن جي پهرين مرحلي (1912ء) ۾ متعدد جهازن جو نقصان کڻڻو پيو پر ٻين مرحلي (1913ء) ۾ انهن کي ڪافي ڪاميابيون مليون۔
بلقان جنگن جي خاتمي کان بعد فضائيه کي جديد خطن تي استوار ڪرڻ جي عمل جي شروعات ڪئي وئي نوان طيارا خريد ڪيا ويا۔ جون 1914ء ۾ استنبول ۾ ئي نئين عسڪري اڪيڊمي "بحري هوا بازي اڪيڊمي" جو قيام عمل ۾ آيو۔ پر پهرين مهاڀاري جنگ جي شروعات سان گڏ ئي هي عمل رڪجي ويو البته 1915ء ۾ چند جرمن افسر سلطنت ۾ آيا ۽ چند ترڪ افسر تربيت جي لاء جرمني ويا هيا۔
پهرين مهاڀاري جنگ جي دوران عثماني فضائيه ڪافي محاذن تي وڙهي جن ۾ اولهه ۾ گليسيا، اوڀر ۾ قفقاز ۽ ڏکڻ ۾ يمن جي علائقن تائين شامل هيا۔ عثماني فضائيه کي نئين سري سان منظم ڪرڻ جو کوششون جاري هيون ته 1918ء ۾ پهرين مهاڀاري جنگ جي خاتمي ۽ استنبول تي اتحادين جي قبضي سان گڏ ئي انهن جو خاتمو ٿي ويو۔
 
== عدالتي نظام ==