عثماني سلطنت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سِٽَ 154:
 
=== عثماني بحريه ===
[[عڪس:Barbaros_Park_Statue.jpg|thumb|استنبول ۾ آبناء باسفورس سان گڏ واقع ترڪ بحري عجائب گھر جي سامهون باربروسه جو مجسمو]]
[[1308ء]] ۾ مرمره سمنڊ ۾ امرالي ٻيٽ جي فتح عثمانين جي پهرين بحري فتح هئي ۽ 1321ء ۾ ان جا جهاز پهريون دفعو ڏکڻ اوڀر يورپ جي علائقي ٿريس ۾ لنگر انداز ٿيا ۽ بعد ۾ يورپ کنڊ ۾ فتحن ۾ اهم ترين ڪردار ادا ڪيو۔ عثماني بحريه دنيا جي پهرين بحريه هئي جنهن بحري جهازن تي توپون نصب ڪيون ۽ 1499ء ۾ وڙهيل جنگ زونڪيو تاريخ جي پهرين بحري جنگ هئي جنهن جي دوران بحري جهازن تي لڳل توپون استعمال ڪيون ويون۔ عثماني بحريه ئي اتر آفريڪا ۾ فتحن جي شروعات ڪئي ۽ 1517ء ۾ [[الجزائر]] ۽ مصر کي سلطنت ۾ شامل ڪيو۔ 1538ء ۾ جنگ پریويزا ۽ 1560ء ۾ جنگ جربا روم سمنڊ ۾ عثماني بحريه جي عروج جو ثبوت آهن۔  انکان علاوه عثماني بحري جهازن 1538ء کان 1566ء جي وچ ۾ هندي وڏي سمنڊ ۾ گوا جي ويجھو پرتگيزي جهازن جو مقابلو به ڪيو۔ 1553ء ۾ عثماني امير البحر صالح رئيس مراڪش ۽ آبنائي جبل الطارق کان اڳتي جا اتر آفريڪي علائقا فتح ڪيا ۽ عثماني سلطنت جون سرحدون اوقيانوس وڏي سمنڊ تائين پهچائي ڇڏيون۔ 1566ء ۾ آچي (هاڻوڪي انڊونيشيا جو هڪ صوبو) جي سلطان پرتگيزين جي خلاف عثمانين جي مدد طلب ڪئي ۽ خضر رئيس جي قيادت ۾ هڪ بحري ٻيرو سماترا موڪليو ويو هو۔ هي ٻيڙو 1569ء ۾ آچي ۾ لنگر انداز ٿيو ۽ اهڙي طرح هي سلطنت جو اوڀاريون ترين علائقو قرار ٿيو جيڪو عثمانين جي زير قيادت هيو۔ 1585ء ۾ عثماني امير البحر مراد رئيس ڪناري جزيرن ۾ لانزاروت کي فتح ڪيو۔ [[1617ء]] ۾ عثماني فوجن مديره تي به قبضو ڪيو ا۽ بعد ا۾ آگسٽ [[1625ء]] ۾ مغربي انگلستان جي علائقن سسيڪس، پلائي مائوٿ، ڊيوون، هارٽ لينڊ پوائنٽ ۽ ڪورن وال تي ڇاپا هنيا۔ [[1627ء]] ۾ عثماني بحريه جي جهازن ٻيٽ شيٽ لينڊ، ٻيٽ فارو، ڊينمارڪ، ناروي ۽ آئس لينڊ تائين ۽ [[1627ء]] کان [[1631ء]] جي دوران آئرستان ۽ سويڊن تائين به ڇاپا هڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا۔
1827ء ۾ جنگ ناوارينو ۾ [[برطانيا]]، [[فرانس]] ۽ [[روس]] جي گڏيل بحري ٻيڙي جي هٿان شڪست ۽ [[الجزائر]] ۽ يونان جي وڃائڻ بعد عثماني بحريه جي زوال شروع ٿي ويو  اهڙي طرح سلطنت جي سمنڊ پار قبضن تي پڪڙ ڪمزور ٿيندي وئي۔ سلطان عبد العزيز پهريون (دور حڪومت: 1861ء تائين 1876ء) مضبوط بحريه جي ٺاهڻ جي لاء نئين سري سان ڪوششون ڪيون ۽ وڏي سرمائي خرچ ڪرڻ بعد برطانيه ۽ فرانس کان دنيا جو ٽيون سڀ کان وڏو بحري ٻيڙو ٺاهيو جيڪو 194 بحري جهازن تي مشتمل هيو پر زوال پذير معيشت انهن بحري جهازن جي ٻيڙي کي گھڻو عرصو برقرار نه رکي سگھي۔ اصلاح پسند مدحت پاشا ۽ [[1876ء]] ۾ پهرين عثماني پارليمان جي حمايت بعد سلطان عبد الحميد ثاني (دور حڪومت: 1876ء تائين 1908ء) جو اعتبار بحريه تان کڄي ويو. ۽ روس خلاف جنگن ۾ ڪو استعمال نه هجڻ جو بهانو بنا ڪري اڪثر بحري جهاز شاخ زرين ۾ بند ڪيا ويا جتي اهي اڳلي 30 سالن تائين سڙندا رهيا۔