عثماني سلطنت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سِٽَ 17:
 
===  واڌارو ۽ عروج جو نقطو (1453ء-1566ء) ===
{{ImageStackLeft|170|
[[ملف:Benjamin-Constant-The Entry of Mahomet II into Constantinople-1876.jpg|thumb|محمد ثانی فتح قسطنطنیہ کے بعد شہر میں داخل ہوتے ہوئے (1453ء)]]
[[ملف:Battle of Mohacs 1526.png|thumb|[[جنگ موہاکز]] ([[1526ء]]) اور عثمانیوں کی جانب سے [[فتح ہنگری]]]]
}}
1453ء ۾ فتح قسطنطنيه  ڏکڻ اوڀر يورپ ۽ روم سمنڊ جي اوڀر وارن علائقن ۾ سلطنت عثمانيه جي هڪ عظيم قوت جي طور تي اڀرڻ جو بنياد وڌو ۽ پوء 1566ء تائين [[يورپ]]، وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا ۾ فتحن جي هڪ طويل دور جو آغاز ٿيو۔ انهن فتحن جو سبب فوج جو معياري نظم و ضبط ۽ جديد عسڪري قوت هئي جنهن ۾ بارود جو استعمال ۽ مضبوط بحريه جو ڪردار تمام اهم هيو۔ رياست جي معيشت ۾ اهم ترين ڪردار تجارت جو هيو ڇو ته يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ تجارت جا تمام زميني ۽ سامونڊي رستا عثماني سلطنت مان ٿي گذرندا هيا۔ هڪ کان بعد ٻين عظيم سلطانن سلطنت جي سرحدن وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جن ۾ [[سليم پهريون]] جو نالو نمايابن آهي جنهن اوڀر ۽ ڏکڻ طرف توجهه ڏني ۽ صفوي سلطنت جي شاهه اسماعيل صفوي کي جنگ چالدران ۾ شڪست ڏني ۽ مصر ۾ عثماني حڪومت قائم ڪئي۔ سليم جي جانشين سليمان عاليشان ([[1520ء]] کان [[1566ء]]) اولهه ۾ سلطنت کي وڌاء ڏنو ۽ 1521ء ۾ بلغراد جي فتح کان بعد 1526ء ۾ جنگ موهاڪر جي ذريعي هنگري ۽ ٻين وچ يورپي علائقن ۾ عثمانين جو دٻدٻو ويهاري ڇڏيو۔ ان کان بعد ان 1529ء ۾ ويانا جو گھيراء ڪيو پر ٿڌي موسم ۽ شهر جي واسين جي زبردست مزاحمت جي ڪري هي گھراء ناڪام ٿي ويو اهڙي طرح عثماني طوفان جون موجون ويانا جي ديوارن سان ٽڪرائي واپس اچي ويون ۽ عثماني سلطنت جون سرحدون وچ يورپ جي هن شهر کان اڳتي ڪڏهن به نه وڌي سگھيون۔ سليمان جي دورن ۾ ٽرانسلوانيا، ولاچيا ۽ مالدووا سلطنت عثمانيه جو حصو بڻيا۔ اوڀر ۾ عثمانين ايران کان بغداد ٻيهر حاصل ڪري ورتو ۽ بين النهرين تي قبضو ڪر خليج فارس تائين سامونڊي رسائي حاصل ڪري ورتي۔