سج: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
لنڪ لڳائي وئي ٻئي پيج سان
سِٽَ 2:
'''''سج''''' هڪ [[تارو]] آهي جنهن جي چوڌاري [[زمين]] ۽ ٻيا 8 [[گرھ]] گردش ڪري رهيا آهن. هن پوري نظام کي [[نظام شمسي]] چيو ويندو آهي. سج نظام شمسي جي مرڪز تي آهي. هي زمين تي زندگيءَ لاءِ توانائيءَ جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي. هي پنهنجي بناوت ۾ [[پلازما]]([[ائٽمن]]،[[اليڪٽران]]،[[پروٽان]] ۽ [[آئنس]] جي [[گيس]]) جو هڪ گول بال آهي. سج جو قطر زمين کان 109 دفعا وڏو آهي، جڏهن ته مادي جي مقدار جي حوالي سان سج زمين کان 330,000 ڀيرا وڏو آهي. سج جي ڪل مادي جو 75 سيڪڙو [[هائيڊروجن]] آهي ۽ باقي لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو [[هيليم]] اٿس. ٿورڙي مقدار ۾ ٻيا [[عنصر]] جهڙوڪ [[آڪسيجن]]، [[ڪاربان]] ۽ [[لوھ]] وغيره به موجود اٿس. سج تقريبن 5 ارب سال اڳ ٺهيو.
 
سج ۾ توانائي [[نيوڪليئر فيوزن]] جي ري ايڪشن سان ٺهندي آهي. سج جي مرڪز ۾ هائڊروجن جا [[نيوڪلئسايٽمي نيوڪليس|نيوڪليس]] پاڻ ۾ ملڻ سان ڊيوٽيريم ٺهندو آهي ۽ وڏي مقدار ۾ توانائي خارج ٿيندي آهي. سج جي سطح تي گرمي پد 5600 ڊگري سينٽيگريڊ ۽ ان جي مرڪز ۾ ڏيڍ ڪروڙ ڊگري سينٽيگريڊ آهي.
 
[[en:sun]]