عربي-سنڌي صورتخطي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 174:
 
اها ويڌن صرف سنڌي ٻوليءَ سان ناهي، پر ٻين ٻولين سان پڻ ڪجھ اهڙائي مسئلا آهن.
هڪ مثال [[فارسي|فارسيءَ]] ۾ ڪاف جو استعمال آهي. فارسي ڪاف، ساڳيو [[اردو]] ڪاف اکر آهي جيڪو سنڌيءَ ۾ ک لکبو آهي. پر ڪيترن ئي فارسي ڪتابن ۾ [[عربي|عربيءَ]] وارو ڪاف استعمال ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي آخري شڪل مختلف ٿئي ٿي. (جهڙوڪ: چمک ۽ چمك)
 
اهڙن مسئلن ۾ گھڻو ڏوھ ٻوليءَ جي اختياري ادارن جو آهي، جيڪي يونيڪوڊ جو صحيح استعمال نٿا ڄاڻائن، جنهنڪري فانٽ ٺاهيندڙ يونيڪوڊ کي غلط طريقي سان استعمال ڪن ٿا. جڏهن ڪنهن ٻوليءَ لاءِ تيار ڪيل سڀ فانٽ اهائي غلطي ڪن ٿا، تہ اها غلطي مروج ٿي وڃي ٿي. پر جڏهن ان ٻوليءَ کان سواءِ ٻيا فانٽ استعمال ڪجن ٿا تہ اهڙيون غلطيون فاش ٿيو پون. جڏهن تہ يونيڪوڊ جي ايجاد جو مقصد ئي اهو هو تہ اکرن جا ڪوڊ فانٽ سان لاڳاپيل نہ هجن، پر جهڙو بہ فانٽ استعمال ڪجي، اکر ساڳيا ڏسجن.
سِٽَ 208:
 
===ڪاما جو مسئلو===
سنڌيءَ ۾ ڪاما جي شڪل [[انگريزي|انگريزيءَ]] واري ڪاما جي ابتڙ آهي، پر هيءَ ابتڙي افقي آهي، عمودي نہ آهي. جڏهن تہ عربي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ ڪاما جي شڪل افقي ۽ عمودي ابتڙ واري (يعني اونڌي) آهي. شروع ۾ يونيڪوڊ ۾ صرف اِها عربي واري ڪاما (ڪوڊ پوائنٽ: 060C) ئي ڏنل هئي ۽ سنڌي ڪاما شامل نہ هئي، جنهنڪري سنڌي فانٽن ۾ اهائي ڪاما استعمال ڪئي ويئي. پر فانٽ ٺاهڻ وارن ضرورت مطابق ان جي شڪل سنڌي ڪاما واري ڪري ڇڏي. هاڻي سنڌي فانٽ استعمال ڪرڻ سان تہ ڪاما جي شڪل صحيح ڏسجي ٿي، پر جيڪڏهن ڪو ٻيو عربي فانٽ استعمال ڪجي، تہ عربيءَ واري ڪاما ڏسبي.
 
اڳتي هلي، يونيڪوڊ سنڌي واري ڪاما بہ يونيڪوڊ ۾ شامل ڪئي (ڪوڊ پوائنٽ: 2E41). پر جيئن تہ اها دير سان شامل ڪئي ويئي، تنهنڪري هن وقت هيءَ ڪنهن بہ سنڌي توڙي عربي فانٽ ۾ شامل ناهي. پر ان ڳالھ جي اشد ضرورت آهي تہ اها ڪاما سڀني سنڌي فانٽن ۾ شامل ڪئي وڃي، ۽ سنڌي ڪيبورڊ ۾ بہ اردو واري ڪاما جي بجائي هيءَ سنڌي ڪاما ئي ڏني وڃي.
سِٽَ 229:
| 2E41 || ⹁ || ابتي ڪاما || سنڌي
|-
| 3001 || 、 || || [[چيني]] (فهرست وغيره لاءِ)
|-
| FF0C ||, || پوري ويڪرائي ڪاما ||