عربي-سنڌي صورتخطي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سِٽَ 172:
==يونيڪوڊ جي ڪري پيدا ٿيل مسئلا==
باوجود پنهنجي خوبين جي، يونيڪوڊ جي استعمال سان سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪجھ مسئلا پيدا ٿين ٿا.
 
اها ويڌن صرف سنڌي ٻوليءَ سان ناهي، پر ٻين ٻولين سان پڻ ڪجھ اهڙائي مسئلا آهن.
هڪ مثال فارسيءَ ۾ ڪاف جو استعمال آهي. فارسي ڪاف، ساڳيو اردو ڪاف اکر آهي جيڪو سنڌيءَ ۾ ک لکبو آهي. پر ڪيترن ئي فارسي ڪتابن ۾ عربيءَ وارو ڪاف استعمال ڪيو وڃي ٿو، جنهن جي آخري شڪل مختلف ٿئي ٿي. (جهڙوڪ: چمک ۽ چمك)
 
اهڙن مسئلن ۾ گھڻو ڏوھ ٻوليءَ جي اختياري ادارن جو آهي، جيڪي يونيڪوڊ جو صحيح استعمال نٿا ڄاڻائن، جنهنڪري فونٽ ٺاهيندڙ يونيڪوڊ کي غلط طريقي سان استعمال ڪن ٿا. جڏهن ڪنهن ٻوليءَ لاءِ تيار ڪيل سڀ فانٽ اهائي غلطي ڪن ٿا، ته اها غلطي مروج ٿي وڃي ٿي. پر جڏهن ان ٻوليءَ کان سواءِ ٻيا فانٽ استعمال ڪجن ٿا ته اهڙيون غلطيون فاش ٿيو پون. جڏهن ته يونيڪوڊ جي ايجاد جو مقصد ئي اهو هو ته اکرن جا ڪوڊ فانٽ سان لاڳاپيل نه هجن، پر جهڙو به فانٽ استعمال ڪجي، اکر ساڳيا ڏسجن.
 
===هي جو مسئلو===