عربي-سنڌي صورتخطي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سِٽَ 174:
 
===هي جو مسئلو===
يونيڪوڊ ذريعي سنڌي ٻولي لکڻ سان سڀ کان وڏو مسئلو هي اکر جو ٿئي ٿو. ان مسئلي ۾ ڪجھ ڏوھ يونيڪوڊ جو آهي ته ڪجھ وري سنڌي فانٽ ٺاهيندڙن جو آهي، جن يونيڪوڊ جو صحيح استعمال نه ڪيو.
 
سنڌيءَ ۾ هڪڙي ئي هي استعمال ٿئي ٿي، جيڪا يونيڪوڊ جي ”هي دو چشمي“ وانگي آهي. پر ان سان گڏ سنڌي صورتخطيءَ ۾ اڻي به استعمال ٿئي ٿي. مثال طور: تہ، بہ، نہ، ڪجهہ، وغيره. اها اڻي صرف لفظن جي آخر ۾ استعمال ٿئي ٿي، ان جي ڪا شروعاتي يا وچين صورت ناهي ٿيندي.
 
يونيڪوڊ ۾ اڻيءَ لاءِ ڪو به اکر ڏنل ناهي. پر اردو هي (هي گول) جي آخري شڪل بلڪل انهيءَ اڻي واري آهي. هئڻ ائين گهرجي ها ته سنڌيءَ ۾ هي دو چشمي سان گڏ هي گول جي آخري شڪل شامل ڪجي ها. پر فونٽ ٺاهيندڙن عربي هي کي استعمال ڪيو، ۽ ان جي آخري شڪل کي هي گول واري آخري شڪل وانگي ڪري ڇڏيائون.
 
يونيڪوڊ ۾ هي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽي اکر ڏنل آهن، ۽ ٽيئي سنڌي صورتخطي ۾ استعمال ٿين ٿا.
 
{| class="wikitable"
Line 186 ⟶ 193:
| 0647 || هي || ه || هـ || ـهـ || ـه
|-
| 06C1 || اردو هي گول || ہ || ہـ || ـہـ || ـہ
|-
| 06BE || هي دو چشمي هي || ھ || ھـ || ـھـ || ـھ
|}