عربي-سنڌي صورتخطي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
عربي-سنڌي صورتخطي جديد سنڌي صورتخطي آهي جيڪا پاڪستان ۽ هندوستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سرڪاري صورتخطي آهي.
 
==تواريخ==
1852ع ۾ هندوستان جي برطانوي سرڪار صورتخطي مقرر ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي، جنهن جا ڏهه ميمبر هئا، جن ۾ چار هندو ۽ چار مسلمان ۽ ٻه انگريز هئا. گهڻي بحث ۽ مباحثي کانپوءِ سنڌي زبان جي لاءِ ”عربي سنڌي“ صورتخطي مقرر ٿي ۽ ”سر بارٽل فريئر“ ڪمشنر سنڌ جي سفارش تي، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ فيصلو ڪيو ته سنڌي لکڻ لاءِ ”عربي-سنڌي“ رسم الخط اختيار ڪئي وڃي.
 
==يونيڪوڊ==
سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ سڀئي اکر هن وقت يونيڪوڊ ۾ شامل ٿي چڪا آهن، جنهنڪري ڪمپيوٽر ۾ سنڌيءَ جو استعمال وڌندو وڃي ٿو. تنهن هوندي به ڪجھ مسئلا اڃا حل ٿيڻ باقي آهن، جهڙوڪ ”هي“ جو صحيح استعمال.