"ڪشور ڪمار" جي ورجائن ۾ تفاوت

129 بائيٽون لاٿ ،  5 سال پهرين
سنوار جو تَتُ ڪونھي
م (Bot: Migrating 2 interwiki links, now provided by Wikidata on d:q471542 (translate me))
 
==ٻالڪ پڻ==
{{مبسس4}}ڪشور ڪمار، اڀاس ڪمار گنگولي جي نالي سان هڪ [[بنگال|بنگالِي]] گھِراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ ڪمجالال گنگولي [[مڌيا پرديش]] جي [[کنڊوا]] نالي هِڪَ ننڍي شهر ۾ رهندڙ وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ ۽ پيشي جو وڪيل هو. جڏهن ته سندس ماءُ گوري ديوي، هڪ امير گھِراڻي سان واسطو رکندي هئي. ڪمار پنهنجي مائٽن جو ننڍي ۾ ننڍو اولاد هو. اشوڪ ڪمار وڏي ۾ وڏو پُٽُ هو، جنهن کان پوءِ اڪيلي ڌيءَ سَتِي ديوِي، ۽ ان کان ننڍو انُوپ ڪمار، جنهن کان پنج سالَ ننڍو هو ڪشور ڪمار. <br>
جڏهن ڪمار اڃا ٻار ئي هو، ته سندس وڏو ڀاءُ [[اشوڪ ڪمار (اداڪار)|اشوڪ ڪمار]] بالِي ووڊ جو چمڪندڙ ستارو بنجي چڪو هو. ان ڳالهه جو ننڍي ۾ ننڍي ڪمار تي تمام وڏو اثر پيو. هُو [[ڪي ايل سهگل]] جو تمام وڏو فين بڻجي ويو ۽ سندس گائڪيءَ جو نقل ڪندو رهندو هو. اڪثر سندس والدين کيس سندس ڀاءُ اشوڪ تي فلمايل گيت '''مين بن ڪا پنڇي''' گنگنائڻ لاءِ منٿَ ڪندا هئا. اشوڪ جي ڪاميابيءَ بعد انوپ پڻ بالِي ووڊ جو رخ ڪيو.
 
==بالِي ووڊ ۾ شروعاتِي ڏينهن==
{{مبسس4}}ڪشور ڪمار پنهنجي وڏي ڀاءُ جي قدمن تي هليو ۽ بالِي ووڊ ۾ هڪ گائڪ طور پنهنجي عمليءَ ۾ پير رکڻ لاءِ [[ممبئي]] پهتو. اِنَ موڙَ تي انوپَ جو ڪريئر بيهي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته گائڪيءَ جي لحاظَ کان سندس آواز ايترو سٺو نه هو جيتري سندس اداڪاري. هي اهو دور هو جڏهن اهڙن اداڪارن جي وڏي اهميت هوندي هئي، جيڪي ڳائي به سگھندا هُجن. انوپ پنهنجو آواز سڌارَڻَ لاءِ آسٽريا مان ڪجھه رڪارڊَ آندا هئا. هِڪَ ڀيري گھر ۾ اندر ايندي ئي هُنَ ڪنهن ڪمري مان [[يوڊلڱ]] جو آواز ٻُڌو. هُنَ ڪاوَڙَ ۾ ڪَڙڪيو ”منهنجي رڪارڊَن کي ڪنهن هٿُ لاتو آهي؟“. پر ڪمري ۾ گھڙڻ سان کيس معلوم ٿيو ته اها يوڊلڱ اصل ۾ ڪشور ڪمار ڪري رهيو هو. ڪشور ڪمار [[يوڊلڱ]] ڪرڻ انوپَ جي آسٽريائي رڪارڊَن مان سکيو هو.
 
{{مبسس4}}ڪشور ڪمار پنهنجي وڏي ڀاءُ جي قدمن تي هليو ۽ بالِي ووڊ ۾ هڪ گائڪ طور پنهنجي عمليءَ ۾ پير رکڻ لاءِ [[ممبئي]] پهتو. اِنَ موڙَ تي انوپَ جو ڪريئر بيهي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته گائڪيءَ جي لحاظَ کان سندس آواز ايترو سٺو نه هو جيتري سندس اداڪاري. هي اهو دور هو جڏهن اهڙن اداڪارن جي وڏي اهميت هوندي هئي، جيڪي ڳائي به سگھندا هُجن. انوپ پنهنجو آواز سڌارَڻَ لاءِ آسٽريا مان ڪجھه رڪارڊَ آندا هئا. هِڪَ ڀيري گھر ۾ اندر ايندي ئي هُنَ ڪنهن ڪمري مان [[يوڊلڱ]] جو آواز ٻُڌو. هُنَ ڪاوَڙَ ۾ ڪَڙڪيو ”منهنجي رڪارڊَن کي ڪنهن هٿُ لاتو آهي؟“. پر ڪمري ۾ گھڙڻ سان کيس معلوم ٿيو ته اها يوڊلڱ اصل ۾ ڪشور ڪمار ڪري رهيو هو. ڪشور ڪمار [[يوڊلڱ]] ڪرڻ انوپَ جي آسٽريائي رڪارڊَن مان سکيو هو.
ڪشور ڪمار اداڪاريءَ کي ناپسند ڪندو هو ۽ بالي ووڊ جو مُکيه گائڪ بنجڻ جِي خواهش رکندو هو. پر سندس گائڪِي يا موسيقيءََ جِي ڪا به سکيا ورتل نه هئِي. ڪشور ڪمار پنهنجي وڏي ڀاءُ اشوڪ ڪمار جي واسطن سان فلمي دنيا ۾ پير ته رکي ڇڏيو، مگر ابتدا ۾ سُٺو تاثر ڏيڻ ۾ ناڪامياب ويو. پَرَ هُنَ اداڪاري جاري رکي، جنهن سان کيس پنهنجي ئي فلمُن جا گيتَ ڳائڻ جو موقعو ملندو رهيو. ان دور ۾ ڪشور ڪمار جو انداز سهگل وارو هو. هِڪَ ڀيري جي ڳالهه آهي جو [[سَچِن ديوِ بَرمَن]] اشوڪ ڪمار جي گھر آيو ۽ وهنجڻ جاءِ مان سهگل جي آواز جهڙو آواز ايندي ٻُڌائين. آواز کان متاثر ٿِيندي، هُن اشوڪ کان پُڇيو ته هِيءُ ڪير پيو ڳائي. ورندي ملڻ تي، هُو ڪشور جي انتظار ۾ ويهي رهيو ته وهنجي نڪري ته مِلانس. هُنَ ڪشور سان ٿورڙي گفتگُو ڪئي، جنهن ۾ هُنَ سندس آواز جي تعريف به ڪئي ۽ کيس هِڪَ نصيحَتَ به ڪئي، ”سهگل جو نقل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪر. نقال ڪڏهن به سٺا ڪلاڪار نه بڻبا آهن. تو کي پنهنجو انداز اختيار ڪرڻ گھرجي“. ان کان پوءِ ڪشور ڪمار پنهنجي گائڪِيءَ ۾ پنهنجو نئون مخصوص انداز پيدا ڪيو، جيڪو رفي، مڪيش ۽ سهگل کان بلڪل الڳ هو.
 
==ڪشور سُڃاتو وڃڻ لڳو==
 
{{مبسس4}}ڪشور ڪڏهن به اداڪاري ڪرڻ نه ٿي چاهيو، پر هُو پنهنجي وڏي ڀاءُ اشوڪ ڪمار کان ايترو ته ڊڄندو هو جو کيس ناراض ڪري نه ٿي سگھيو. اشوڪ ڪمار کيس بالِي ووڊ جو مقبول هِيرو ڏسڻ ٿي گھريو. شروعاتِي فلمون ناڪام ٿيڻ بعد، ڪشور ڪمار فصيلو ڪيو ته ايندڙ فِلمُن ۾ هُو ايتري ته ڪِنِي اداڪاري ڪندو جو اڳتي ڪو به پروڊيوسر کيس پنهنجي فلمَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ نه چوندو.
 
==آخري سالَ==
{{مبسس4}}ڪشور جو پٽ [[اميت ڪمار]] 1980ع جي ڏهاڪي ۾ مقبول گائڪ ٿي چڪو هو (آر ڊي برمن ۽ راجيش روشن جي مهرباني جن کيس هٿي وٺائي). پر ڪشور ڪمار اڃا به ميدان ۾ هو ۽ نون توڙي اڳي ئي مقبول هيروز لاءِ گيت ڳائي رهيو هو. 1980ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري ڪشور ڪمار ۽ اميتاڀ بچن درميان ڪا مس انڊراسٽينڊڱ ٿي وئي. ڪشور ڪمار ڪا فلم پروڊيوس ڪري رهيو هو، جنهن ۾ اميتاڀ (جيڪو تنهن وقت باليووڊ جو تمام وڏو هيرو بڻجي چڪو هو) کي مهمان اداڪار جي حيثيت ۾ اچڻو هو. اميتاڀ شوٽڱ لاءِ آيو، پر ڪجھه منٽ ويهي، پنهنجي سيڪريٽري کي اهو چئي هليو ويو ته ڪشور ڪمار کي ٻڌائي ته هو فلم ۾ ڪم ڪو نه ڪندو. ان ڳالهه تي ڪشور ڪمار ڪافي ناراض ٿي ويو ۽ ڪڏهن به اميتاڀ لاءِ نه ڳائڻ جو فيصلو ڪيائين. اتفاقاً، تنهن کان پوءِ اميتاڀ جون فلمون ناڪام ٿيڻ لڳيون، جن ۾ کيس اڪثر شبير ڪمار جو آواز مليل هو ۽ کيس بالي ووڊ ۾ پنهنجي ناڪامين جو بدترين دور ڏسڻو پيو. اميتاڀ ڪيترن ئي سالن بعد وري ڪون بني گا ڪروڙ پتي نالي ٽي وي سلسلي ۾ ظاهر ٿيو.
 
{{مبسس4}}[[انيل ڪپور]] لاءِ سندس پهرين فلم [[وه سات دن]] جا گيت ڪشور ڪمار ڳايا. هن انيل ڪپور جي پهرين سپر هٽ فلم مسٽر انڊيا جا گيت پڻ ڳايا. انهن ٻنهي فلمن جي موسيقي لڪشميڪانت پياري لال ترتيب ڏني. 1987ع ۾ هن آر ڊي برمن جي فلم ساگي لاءِ ڪي انتهائي سٺا گيت ڳايا -- ''ساگر جيسي آنکون والي''، ''ساگر ڪناري دل يه پڪاري''، جيڪي [[جاويد اختر]] جا لکيل هئا.
 
{{مبسس4}}1987ع ۾ ڪشور ڪمار بالي ووڊ تان رٽائر ڪرڻ ۽ کنڊوا نالي ڳوٺ ۾ پنهنجا اباڻا کڪ وڃي وسائڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ هن آڪٽوبر 1987ع ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندس مڙهه سندس جنم ڀوميءَ نيو ويو ۽ سموريون آخري رمسمون اتي ادا ڪيون ويون ۽ اهڙيءَ ريت سندس کنڊوا وڃڻ جي آخري خواهش پوري ڪئي وئي.
==ڪشور جِي ذاتِي زندگِي==
 
{{مبسس4}}ڪشور ڪمار چار شاديون ڪيون، سندس ونيون [[رُوما گُوها ٺاڪُرتا]] </font>([[1950]] - [[1958]])، {{مبسس4}}[[مَڌُوبالا]] </font>([[1960]] - [[1969]]){{مبسس4}}، [[يوگيتا بالي]] </font>([[1975]] - [[1978]]) {{مبسس4}}۽ [[لِينا چنداورڪر]] </font>([[1980]] - [[1987]]) {{مبسس4}}هُيُون. ڪشور ڪمار رُوما گھوش سان مَي 1951ع ڌاري بامبي شادي ڪئي ۽ سال اندر کين پُٽُ اميت ڪمار ڄائو. 1958ع ۾ منجھن طلاق ٿي وئي. رُوما گھوش ٻِي شادي ارُوپ گُوها سان ڪئي، جنهن مان ٻه ٻار ٿيس. هُوءَ پڻ اداڪار ۽ گلوڪار آهي ۽ فلمي صنعت ۾ وڏو نانءُ رکي ٿِي.
 
{{مبسس4}}سندس پُٽُ [[اَمِيت ڪُمار]] پڻ ان ئي سطح جو گائڪ بڻيو، البت پنهنجي پيءَ جيتري ڪاميابي نه ماڻيائين. ڪشور جو ٻيو پُٽُ [[سُمِيت ڪُمار]] پڻ ڳائيندو رهيو آهي.</font>
 
==فلم نِگارِي==
 
{{مبسس4}}ڪجھه اهم فلمون جن ۾ ڪشور ڪمار اداڪاري ڪئي:
 
*[[1954]] {{مبسس4}}نوڪري
==Bibliography==
 
{{مبسس4}}ڪجھه اهڙيون فِلمُون جِن لاءِ ڪشور ڪمار پنهنجا بهترين گيتَ ڳايا آهن.
 
*[[1961]] {{مبسس4}}''[[جھُمُرُو]]''
* [http://www.geetmanjusha.com/hindi/singer/9.html {{مبسس4}}ڪشور ڪمار جي ڳايل فلمي هندي گيتن جا ٻولَ]
 
{{مبسس4}}گِيتَ:
* [http://www.rajeevtiwari.com/songs.html {{مبسس4}}چاهڪ گاهه]
* [http://www.ganguly.de/kishore/hindi/ {{مبسس4}}چاهڪ گاهه]
 
[[categoryزمرو:شوبز]]
[[زمرو:شخصيتون]]
[[category:شخصيات]]
1,093

سنوارون