اشتياق انصاري: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: اشتياق انصاري: اشتياق انصاري، سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب انيس انصاريءَ جو فرزند آهي. سندس مڪمل ن...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
اشتياق انصاري: اشتياق انصاري، سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب انيس انصاريءَ جو فرزند آهي. سندس مڪمل نالو اشتياق احمد -انصاري- ۽ قلمي نالو -اشتياق انصاري- آهي. سندس جنم 30 جنوري 1952ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو ۽ مستقل رهائش ”لاهوري محلي“ لاڙڪاڻي ۾ اٿس. شروعاتي -تعليم- قمبر مان ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين، بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن سان گڏ مهراڻ يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئر جي ڊگري حاصل ڪئي. شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين سان دلچسپي هئس. سٺو ائٿليٽ به رهيو ۽ شاگرد سياست ۾ به -بهرو- ورتائين ۽ ڪجهه عرصو جيل ۾ به رهيو. سير سفر ۽ تحقيق سندس مشغلو رهيو. مهم جوئيءَ واري سلسلي ۾ هن ساٿين سان گڏجي 1989ع ۾ ٻيڙين ذريعي درياهه ڪابل کان مهم شروع ڪئي، جيڪا عربي سمنڊ ۾ پورٽ قاسم وٽ ختم ڪئي وئي. انڊس ڊيلٽا بابت مهمن دوران ديبل -بندر- جي ڳولا به ڪيائين ۽ -ان- کان سواءِ اڇڙي ٿر، لاهوت ۽ کيرٿر جا تحقيقي سفر ڪيائين. هن سفرناما ۽ ڪهاڻيون به لکيون آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا“ (تحقيق) ۽ ”خيما کاهوڙين“ (سفرنامو)، اينٿراپالاجيڪل ناول ”اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ“، ”ووڙيم سڀ وٿاڻ“ (سفرنامو)، ”انيس -انصاري- فن ۽ شخصيت“،”ڌرتي ماتا“ (تحقيق)،”جتي ماڻڪ ماڳ“ (تحقيقي مضمون) ڇپيل آهن ۽ ”دکم“ (ڪهاڻيون) اڻڇپيل ڪتاب آهي. کيس سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ -آمريڪا- طرفان اوارڊ پڻ مليا آهن. هن گهڻائي ملڪ گهميا آهن. هينئر دادوءَ ۾ -ايگزيڪيوٽو- انجنيئر (واپڊا) طور فرض نڀائي رهيو آهي. حسين آباد، حيدرآباد ۾ پنهنجي جيون ساٿڻ شبنم گل سان گڏ رهائش پذير آهي، جيڪا پڻ سنڌي زبان جي مشهور ڪهاڻيڪاره ۽ ڊرامه نگار آهي. By:Khalid Chandio
 
{{-ڏسندا-}}
 
{{ڪچو}}