عبدالواحد آريسر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 3:
'''عبدالواحد آريسر''' موجوده جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) جو سربراه آهي. جي ايم سيد سان هن جي گهري وابستگي رهي آهي. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين جن سنڌ جي نوجوان طبقي کي متاثر ڪيو. ويجهي ماضيءَ ۾ سندس تقريرون ايتريون ته پراثر هونديون هيون جو ٻڌندڙ پاڻ مرادو خاموش ٿي سندس دانشمندانه ڳالهيون غور سان ٻڌندا هئا. سندس مشهور ڪتابن مان هڪ ”سائين جي ايم سيد“ آهي جيڪو ڪتاب جي ايم سيد جي ذاتي ۽ سياسي زندگيءَ متعلق لکيل آهي.
 
آريسر صاحب جو لکڻ، پڙهڻ ۽ سياسي جدوجهد اڃا تائين جاري آهي. پاڻ اڃا تائين جي ايم سيد جي ڏنل سنڌ جي آزاديءَ واري پروگرام سان سلهاڙيل آهي. ان کان علاوه سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن انهن مان ڪجه هيٺ ڏجن ٿا:.
 
==جسقم سان اختلاف==
عبدالواحد آريسر جي ايم سيد جي وفات کان پوءِ جڙندڙ جسقم جو پهريون سربراهه هيو. بعد ۾ عبدالواحد آريسر کي جسقم جي چيئرمين شپ تان هٽائي بشير خان قريشي کي جسقم چيئرمين مقرر ڪيو ويو. ان وقت کان آريسر جا بشير خان سان چيئرمينشپ تي اختلاف شروع ٿيا ۽ نيٺ بشير خان کي آءِ ايس آءِ (پاڪستان جو خفيا ادارو) جو ايجنٽ ۽ لونڊيباز اڳواڻ سڏي جسقم مان الوداع ڪري، جسقم (آريسر) جو بنياد وجهي جسقم کي ٻن حصن ۾ ٽوڙي ڇڏيائين.
 
==عبدالواحد آريسر تي لڳندڙ الزام==
عبدالواحد آريسر لاءَ مشهور آهي ته گھڻي شراب واپرائڻ سبب سندس سياسي ذهني سگھه بلڪل ناڪاره بڻجي وئي اٿس. جسقم چيئرمين بشير خان سان اختلاف رکڻ ۽ ان کي سرڪاري ايجنٽ ۽ لونڊيباز اڳواڻ سڏڻ کان پوءِ عوام ۾ سندس مقبولت ۾ بي حد گھٽتائي آئي. سياسي حلقن جي موجب هن جا ٿر جي اربابن خاص ڪري سنڌ جي اڳواڻي وڏي ويز ارباب غلام رحيم سان تمام ويجها لڳاپا رهيا آهن. قومي دانشور ۽ سنڌوديش تحريڪ جي وڪالت ڪندڙ، اصغر سنڌي جي بقول ته آريسر ظاهري طرح سياڻپ سبب غريبي جي زندگي ته گذاري رهيو آهي پر ان وٽ تمام وسيع پيسئو موجود آهي ۽ هي رسول بخش پليجو چوڻ تي سرڪار وٽ پيش ٿيو ۽ ان وقت جيل مان رهائي کان پوءِ رسول بخش پليجو (سندس جو ڪٽر دشمن) سان ڪيئي شام ٺٽي ۾ ملهائي چڪو آهي.
 
==ڇپيل ڪتاب==
* سر ۾ سانجهيءَ وير
* ترم ياترا