مليريا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 3:
 
مليريا لفظ اطالوي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معني آهي: ”گندي هوا“ مخصوص علائقن ۾ مليريا جي عام هئڻ جو سبب اينو فليز (Anopheles) نالي مڇر آهي. هي مڇر مليرياجي جراثيم کي، جيڪو انهيءَ جي جسم ۾ پلندو آهي. انسان ۾ منتقل ڪندو آهي.
 
تيز بخار سان گڏ سيءُ لڳڻ ۽ رت جي گهٽتائي مليريا جي عام علامت آهي. مريض جي مرڻ جو سبب دماغ ۾ رت جي نالين ۾ تباهه ٿيل ڳاڙهن ذرڙن جو جمع ٿيڻ آهي. انهن ۾ رت جي گردش جي رڪاوٽ ڪارڻ بڻجندي آهي.
 
مليريا جا جراثيم اينو فليز مڇر جي معدي ۾ پلندا آهن، جيڪي معدي کان ان جي وات ڏانهن سفر ڪندا آهن، جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي چَڪُ پائيندو آهي ته، هي جراثيم ان جي منهن مان نڪري انهيءَ ماڻهوءَ جي رت جي گردش ۾ داخل ٿي ويندا آهن ۽ هڪ خاص وقفي کان پوءِ بيماريءَ جون علامتون وقفي وقفي سان ظاهر ٿينديون آهن.
مليريا جو خاتمو انهيءَ صورت ۾ ممڪن آهي ته، اينو فليز مڇر کي ختم ڪيو وڃي. ترقي يافته ملڪن ۾ جتي گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو مناسب انتظام، [[صحت]] ۽ [[صفائي]] جا اصول آهن، اتي هن بيماريءَ سان منهن ڏيڻ لاءِ [[انسان]] داخلي طور پنهنجو دفاع ڪرڻ ۽ خارجي طرح ان کي ختم ڪرڻ جا ذريعا استعمال ڪيا آهن. داخلي طور ڪجهه دوائون، جهڙوڪ: ڪلورو ڪوئين (Chloroquin)، ڪونين (Quninine)، پيلوڊرين (Paludrine)، ڊاراپرم (Daraprim) ۽ ڪن نين دوائن وغيره جو استعمال آهي، جيڪي [[انساني جسم]] ۾ داخل ٿي مليريا جي جراثيم سان جنگ ڪري انهن کي ختم ڪري ڇڏينديون آهن.
خارجي طور تي مڇر کي ختم ڪرڻ جون تدبيرون ڪيون وڃن ٿيون، ان جو طريقو اهو آهي ته، اهي سڀ جايون صاف ڪيون وڃن ٿيون، جتي اهو پلجي ٿو. بيٺل پاڻي خارج ڪيو وڃي ٿو.
مينهن جي بيٺل پاڻيءَ يا ٻئي گدلي پاڻيءَ ۾ ڊي، ڊي ٽي يا ٻيون جيت مار دوائون استعمال ڪيون وڃن ٿيون، جنهن سان مڇرن جا آنا ۽ مڇرن جي ٻچن کي ختم ڪيو وڃي ٿو.