الياس ابڙو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: == تعارف == پروفيسر: سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر پروفيسر محمد -الياس- ابڙو ، 20 نومبر 1920ع ت...
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 15:09, 30 آڪٽوبر 2012ع

تعارف

پروفيسر: سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر پروفيسر محمد -الياس- ابڙو ، 20 نومبر 1920ع تي محمد رمضان ابڙي جي گهر ۾ ڄائو . 1948ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم . اي ۽ 1952ع ۾ ايل . ايل . بي ڪيائين . اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن ويو ، جتي لنڊن يونيورسٽيءَ مان 1958ع ۾ ايم . -ايس- . سي پوليٽيڪل سائنس ۽ اڪنامڪس ۾ ڪيائين . سندس ڪيترائي تحقيقي مضمون ڇپجي چڪا آهن ، جيڪي ڪيترن ئي سيمينارن ۽ ورڪشاپن ۾ پڙهيا ويا آهن . پاڻ 1949ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر ۽ 1955ع ۾ پروفيسر مقرر ٿيو . اهڙيءَ طرح سخت محنت ۽ پيشي سان سچائيءَ سبب ترقيءَ جون منزلون طيءِ ڪندو ، 1963ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ ڪامرس شعبي جو چيئرمئن ۽ 1975ع ۾ آرٽس فئڪلٽيءَ جو ڊين ۽ 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر مقرر ٿيو . -ان- کان سواءِ پاڻ ڪراچي سيڪنڊري بورڊ جو چيئرمئن ، تعليم کاتي ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ ٻين عهدن تي پڻ رهي چڪو آهي . سندس وفات 30 -آڪٽوبر- 1994ع تي ٿي.