هالا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م r2.7.1) (Robot: Adding pnb:ہالہ
م r2.7.3) (Robot: Modifying en:Hala, Sindh; cosmetic changes
سِٽَ 3:
 
 
== ڀونءِ نگاري ==
ڀونءِ نگاريءَ پٽاندر هالن جي بيهڪ اتر ۾ ويڪرائي ڦاڪ "25 '9 °27 ۽ اوڀر ۾ ڊگھائي ڦاڪ "5 '19 °68 آهي. حيدرآباد کان 45 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اتر ۾ '''هالا''' هن وقت ضلعي [[مٽياري]]ءَ جو هڪ تعلقو آهي. '''هالا نوان''' قومي شاهراه سان لڳو لڳ آهن جڏهن ته '''هالا پراڻا''' هالا نوان کان اٽڪل 3 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آباد آهن. قومي شاهراه سان لڳو لڳ هالا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ چار دروازا آهن، جن کي باب نوح، باب طالب الموليٰ، باب غلام حيدر، ۽ باب جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي.
 
== تاريخ ==
هاڻوڪن پراڻن هالن جي ڀرسان هڪ تلاءُ هوندو هو، جنهن جي ڀرسان هالا قوم پنهنجي رهڻ لاءِ ڳوٺ ٻڌايو، جنهن صورت ۾ ڪنڊ جي معنى آهي تلاءُ، انهيءَ ڪري ڳوٺ تي نالو پيو ”هالا ڪنڊي“ ان ڳوٺ جي بلڪل لڳ ”ٽوڙيء“ نالي ڳوٺ هو، جتي مخدوم نوح جا وڏا اچي آباد ٿيا هئا. مخدوم نوح به ان ڳوٺ ۾ ئي تولد ٿيو. هالا نوان مخدوم نوح جي اولاد مان مخدوم مير محمد 1140هه ۾ ٻڌايو، ڇاڪاڻ جو پراڻن هالن کي ٻوڏ جو خـطرو هو. نئين شهر تي ”مرتضى آباد“ نالو رکيو ويو، پر جيئن ته هي شهر ”هالا“ جو بدل هو، تنهنڪري هن تي عام نالو ” هالا نوان“ ۽ پراڻي شهر تي ” پراڻا هالا“ مشهور ٿي ويو.
 
== آمد رفت ==
هالن کي رسڻ لاءِ حيدرآباد ۽ نواب شاه درميان هلندڙ ڪوچ يا عام بسن تي سوار ٿي سگھجي ٿو. ان کان سواءِ ٻيو ڪو به ذريعو جهڙوڪ ريل رستو نه آهي. هالن ۾ اڃا تائين ٽانگا رائج آهن. ڪجھه عرصي کان چنگچي پڻ هالن جي رستن تي هلي رهي آهي.
 
== دستي هنر ==
 
=== جنڊيءَ جو ڪم ===
[[Imageعڪس:Jandee.jpg|thumb|left|200px|جنڊيءَ جو ڪم]]
هالن ۾ جڙندڙ جنڊيءَ جون کٽون ۽ پينگھون سڄي سنڌ ۾ پسند ڪيون وينديون آهن. ڪيتريون شيون ته پرڏيهه به اماڻيون وينديون آهن.
 
=== ڪاشيءَ جو ڪم ===
[[Imageعڪس:Kashee.jpg|thumb|left|200px|ڪاشيءَ جو ڪم]]
ڪاشيءَ مان اڪثر شو پيس جوڙيا ويندا آهن. پر ڪاشي ۾ اصل ڪم ڪاشيءَ جِي سِرُن ۾ ٿيندو آهي. هالا جي مشهور نيري ڪاشيءَ جي سِرَ سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. هالا ۾ [[مخدوم نوح]] جي مزار ۽ [[ڄامشورو|ڄامشوري]] ۾ واقع [[سنڌالاجي]]ءَ اندر ٿيل ڪم هالا جي ڪاشيءَ جو اعلى مثال آهن.
 
=== کاڌي ===
[[Imageعڪس:Khadhee.jpg|thumb|left|200px|کاڌيءَ جو ڪپڙو]]
ڪپڙي جو هيءُ قسم سالن کان جڳ مشهور آهي. اڳي کاڌي اڻڻ جي تمام پراڻي مشين تي ٺاهي ويندي ھئي، جنهن کي [[آڏاڻو]] سڏبو آهي. هن وقت آڏاڻن ۾ ڪجھه جدت آئي آهي ۽ تورو گھڻو ڪم بجليءَ تي هلندڙ مشين کان ورتو وڃي ٿو. تنهن هوندي به کاڌي اڻڻ جو ڪم اڃا تائين محنت طلب آهي ۽ کاڌي اڄ به ايئن ئي مقبول آهي جيئن اڳي هئي.
 
=== رلي ===
[[Imageعڪس:Ralee.jpg|thumb|left|200px|رلي]]
رلي سموري سنڌ ۾ عام استعمال ڪئي ويندي آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ ئي رليون ٺاهيون وينديون آهن. مگر هالن ۾ رليءَ جو ڪم گھڻو ۽ تمام نفيس ڪيو ويندو آهي.
 
=== اجرڪ ===
[[Imageعڪس:Ajraka.jpg|thumb|left|200px|اجرڪ]]
 
=== سنڌي ٽوپي ===
[[Imageعڪس:Sindhi-Topi.jpg|thumb|250px|سنڌي ٽوپيون]]
سنڌي ٽوپي جيتوڻيڪ سموري سنڌ ۾ پهري ويندي آهي، پر اتر سنڌ ۾ اها وڌيڪ عام آهي. سنڌي ٽوپي هالن جي دستي هنرن ۾ خاص اهميت رکي ٿي.
 
== ميونسپل نظام ==
هالن ۾ هن وقت تعلقه حڪومت جو نظام قائم آهي، جنهن منجھه 4 يونين ڪائونسلون آهن. هالن جي ڪل آبادي 100،000 يعني هڪ لک آهي، جنهن جي اڪثريت سنڌي آهي.
 
 
== تعليمي ادارا ==
[[category:ڀونءِ ڀياس ۽ ڀونءِ نگاري]]
 
 
{{-ڏسندا-}}
 
*[http://sd.wikipedia.org/wiki/Image:Sindh.jpg سنڌ جو نقشو]
{{ڪچو}}
 
[[categoryزمرو:ڀونءِ ڀياس ۽ ڀونءِ نگاري]]
[[زمرو:سنڌ جا شهر]]
[[زمرو:سنڌ جا شهر ۽ ڳوٺ]]
{{ڪچو}}
 
[[en:Hala, Halakandi & HalasSindh]]
[[es:Hala]]
[[pnb:ہالہ]]