سنڌو ديش: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 3:
==آزاديءَ جي تمنا==
اها سنڌين جي ڪردار جي خاص نشاني آهي، ۽ تاريخ ان تي شاهد آهي ته جيڪڏهن ڪنهن وقت ڌارين مٿن زوريءَ يا اندروني بي اتفاقيءَ ڪري تسلط قائم ڪيو آهي ته به جلد يا بدير، موقعي ملڻ تي هنن غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ مان لاهي پئي ڇڏيو آهي. ايراني، يوناني، عرب، مغل ۽ انگريز سامراجن وقتي مٿن قبضو رکيو، پر نيٺ انهن کي ڪڍي، وري سنڌين آزادي حاصل ڪئي آهي
سنڌيجي ڪلاسيڪل شاعرن هميشه آزاديءَ جا گيت پئي ڳاتا آهن. مارئيءَ جو عمر ڪوٽ جي بند کان آزاديءَ جو ذڪر، دودي سومري جي بهادريءَ جا راتين جون راتيون جي اڳي قصا بيان ڪرڻ، موجوده شاعرن جا سنڌ جي آزاديءَ لاءَ شعر لکڻ، سنڌي ڪردار ۾ آزاديءَ جي امنگ جي سدا حيات هئڻ جا ڪجھ مثال آهن
هن وقت جڏهن اسلام، پاڪستان، مسلم قوم، اسلامي نظام حڪومت جي ڌوڪن سان مهاجر پنجابي سامراج، سنڌ کي غلام بڻائي ان تي پنهنجو تسلط قائم ڪيو آهي، ته سنڌي شاعرن صاف چيو ڇڏين ته
 
سِٽَ 13:
==سنڌوديش ننڍو ملڪ==
سنڌديش کي غلام رکڻ وارا مهاجر پنجابي سامراججا دلال ۽ ايجنٽ چون ٿا سنڌوديش ننڍو ملڪ آهي، تنهن ڪري آزيدي ممڪن ناهي، انهيءَ سلسلي ۾ پهرين ڳالھ هيءَ آهي، ته سنڌوديش ننڍو ملڪ نه آهي، بلڪه اقوام متحده جي 135 ميمبر ملڪن مان 91 جي، هيٺ نقشي ۾ ڏيکاريل آهن، ڪيترين ڳالهين جهڙوڪ ايراضي، آدمشماري يا پيدائش ۾، وڌيڪ آهي، هن کان گهڻا ملڪ آزاد مملڪيون ٺاهيو، اقوام متحده جا ميمبر بڻيو ويٺا آهن. سنڌوديش جي ا يراضي 56447 چورس ميل آهي. ان جي آدمشماري 1،40،00000 ماڻهن تائين پهچي ويئي آهي. ان مان صوبي خواھ مرڪز کي 500 ڪروڙ روپيا ساليانا ٽيڪس ملن ٿا
جيڪڏهن ڪويت ۽ قطر جهڙن ملڪن کي مڪمل آزادي حاصل آهي، اهي سندن گهٽ ايراضي ۽ آدمشماريءَ ۽ انڪم جي باوجود اقوام متحده جا ميمبر بڻجي سگهن ٿا، ته سنڌ ڪهڙو ڏوھ ڪيو، جو مسلم قوم اسلام ۽ پاڪستان جي نالن کي کيس آزاديءَ کان محروم رکيو وڃي ٿو!
سنڌ پڻ آزاديءَ بعد ترقي ڪري، انڪم وڌائي، انهن جيتري يا انهن کان به وڌيڪ انڪم ڪري سگهي ٿي. سنڌوديش کي ائين ننڍي ملڪ هجڻ جي طعني هڻندڙن جي ان ڳالھ کي صاف ڪرڻ کانپوءِ، ان مان هنن جيڪي خدشا ظاهر ڪيا آهن، انهن جي وضاحت پيڻ ڪرڻ لازمي آهي ـ
== ڀارت جا سنڌي==