زرينه بلوچ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 33:
 
جيئي سنڌ، جام مُحبت پيئي سنڌ
سنڌ جي هي دلير عورت 29 ڊسمبر 1934ع جي هڪ سرد رات ۾ اڳوڻي تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ الهداد چند ۾ جنم ورتو. جيجي زرينه بلوچ جڏهن اڃان ڇهن سالن جي هئي ته سندس امڙ گلروز بلوچ وفات ڪري وئي. زرينه بلوچ جو 15 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي سوٽ سان نڪاح ٿيو. جنهن مان هن کي اختر بلوچ (صوبائي وزير سسئي پليجو جي ماءُ) زينه بلوچ ۽ اسلم پرويز جو اولاد ٿيو۔ 1958ع ۾ تعليم پرائڻ جي مسئلي تان هن پنهنجي مڙس کان علحدگي اختيار ڪري، حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي هوءَ 1960ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي لوڪ فنڪاره طور آئي ۽ هڪ سال جي اندر هن ريڊيو تي پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو۔ هڪ سال اندر ئي کيس1961ع ۾ ريڊيو جي بهترين فنڪار جو ايوارڊ مليو. جيجي زرينه بلوچ 1964ع ۾ برک سياستدان ۽ قانوندان رسول بخش پليجي سان شادي ڪري زندگيء جي نئين بهار جي شروعات ڪئي، جنهن مان هن کي هڪ پٽ اياز لطيف پليجو ڄائو. جيجي زرينه بلوچ 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي جتان 1997ع ۾ رٽائر ٿي۔
 
جيجي زرينه بلوچ رسول بخش پليجو سان شاديء کانپوء عملي سياست ۾ حصو پڻ وٺڻ شروع ڪيو۔ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسيء خلاف هن جنرل ضياءُ الحق جي آمريت خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ عورتن جي هڪ احتجاج جي اڳواڻي پڻ ڪئي جنهن تي هن کي سکر ۽ ڪراچي جي جيل ۾ به وڃڻو پيو.جيجي زرينه بلوچ سنڌياڻي تحريڪ سنڌي ادبي سنگت جي باني اڳواڻن مان هڪ هئي.
 
جيجي زرينه بلوچ تي جيجي نالو سندس لکيل ڪهاڻي جيجي تان پيو ۽ پوري سنڌي قوم هاڻي کيس جيجي جي نالي سان سڏي ٿي۔ هن ڊرامه پڻ لکيا ۽ پاڻ به اداڪاري ڪئي۔ جيجي زرينه بلوچ جو لکيل ڪتاب تنهنجي ڳولا تنهنجون ڳالهيون اڄ به سنڌ ۾ مقبول آهي. پر سندس اصل سڃاڻ سندس ڳائڻ ۽ خوبصورت ۽ مٺاس ڀريو آواز هو۔
 
سندس فن موسيقي تي ڪمال هيو ۽ هن لوڪ ڳيچ، وايون، گيت ۽ غزلن سان گڏ قومي گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو۔ شيخ اياز جي شاعريء کي هن خوبصورت انداز سان ڳايو۔ سندس ڳايل لوڪ گيتن ۽ ڊرامي هٿين گل ميندي ۾ سچ ته هن سنڌي ثقافت کي خوب اجاگر ڪيو۔سندس ڳيچن ۾ ، هٿين گل ميندي، ڀيڻ منهنجو ڇلڙو، منهنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو، مور ٿو ٽلي راڻا، سس سهري ڳل لايئه تمام گهڻو مقبول ٿيا۔
 
 
سيج ماڻين بنرا