موهنداس ڪرمچند گانڌي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م r2.7.2) (Robot: Adding km:មហាត្មះគន្ធី
سِٽَ 7:
{{مبسس4}}جليانوالا باغ ۾ انگريزن طرفان ڪيل خون ريزي کان پوءِ ھن هندن ۽ مسلمانن کي گڏجي آزاديءَ جي جنگ ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار ڪيو. جڏهن سڀني جماعتن جا اجلاس گڏ ٿيڻ لڳا ته گانڌي جي حيثيت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو ۽ اهڙي طرح هو مسلمانن توڙي هندن جو محبوب رهنما بڻجي اڀريو. 1922ع ڌاري کيس ڇهن سالن لاءِ جيل موڪليو ويو پر سندس طبيعت خراب ٿيڻ ڪري ٻن سالن اندر آزاد ڪيو ويو. 1930ع ۾ هن جڳ مشهور لوڻ جي قاعدي ٽوڙڻ جي هلچل هلائي. ان دوران ٻه ڀيرا کيس گرفتار پڻ ڪيو ويو. اهڙي طرح سياست ۾ سرگرمي سان بهرو وٺندو رهيو.
 
{{مبسس4}}آخر 8 آگسٽ 1940ع تي ڪانگريس کان ”هندستان خالي ڪريو“ جو ٺهراءَ پاس ڪرائي شھري نافرمانيءَ جي تحريڪ شروع ڪرايائين. انگريز سرڪار ڪانگريس کي غيرقانوني جماعت قرار ڏيئيڏيئي، لکين ماڻهن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪري ڇڏيو. ان وقت [[مسلم ليگ]] ۽ ڪانگريس وچ ۾ وڇوٽين جي ڪري ٻن الڳ ملڪن جي ورهاست لاءِ ماحول سازگار هو. جڏهن ته گانڌي اهڙي ورهاڱي جي سخت خلاف هو. نيٺ لارڊ مائونٽ بيٽن وائسراءِ ٿي آيو جنهن هندستان کي ورهائي [[پاڪستان]] ۽ هندستان طور ٻن الڳ ملڪن جو بنياد وڌو. ان ئي عرصي ۾ مسلمانن ۽ هندن وچ ۾ سخت خون ريزي ٿيندي رهي، گانڌي سمجهوتي لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي ايتري قدر جو هندن جي ڪٽر فرقي پرست جماعت جي هڪ فرد گاڊسي جنوري 30، 1948ع تي صبح جي وقت پستول مان فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. اڄ به ڪروڙين ماڻهو سندس مداح آهن. تاريخ جو هي يگانو فرد آهيآهي، جنهن اهنسا جي پرچار ۾ حياتي گذاري پر نيٺ سندس موت هڪ هنساواديءَ هٿان ٿيو.
 
== حوالا ==