زرينه بلوچ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 2:
زرينه بلوچ 1934ع تي حيدرآباد جي ڳوٺ الهداد چنڊ ۾ محمد موسى جي گهر ۾ جنم ورتو . گهر ڀاتين ۾ سندس والده محترمه گل روز صاحبه سندس ڀائر محمد يوسف ۽ محمد عثمان بلوچ شامل آهن. سندن تعليم قاضي عبدالقيوم اسڪول مان حاصل ڪيائين. 1960ع تي فائنل جو امتحان پاس ڪري سنڌ جي نياڻين کي علم جي روشني ڦهلائڻ لاءِ استاد جي مقصد اخترار ڪري شاگردن کي خاص طور تي نياڻين کي علم جي روشني ڏئي همٿايو ۽ زندگيءَ جو مقصد سيکاريو.سندس سنڌي قوم جي ٿيندڙ هر جلسن ۾ گڏ هوندي هئي جنهن جو مثال مارشلا جي دور ۾ پيري پنڌ قافلو جنهن ۾ پانڌيئڙن تي پوليس ڪڙڪي پئي ٻين سنڌي نياڻين سان گڏ جيجي پڻ تشدد جو نشانو بڻي, سنڌ جي خوشحالي ۽ آزادي جي لاءِ ضياءِ الحق جي دور ۾ کين ٻه سال قيد ۾ پڻ گذاريو، اهڙي ماءُ کي پوءِ سنڌي ڇو نه جيجي جو لقب ڏئي. ڪوئل جهڙي آواز ۾ پاڻ سنڌوديش جو قومي ترانو پڻ ڳايو آهي. پاڻ سائين جي ايم سيد جي نظريي جي تمام گهڻو ويجهو هئي ٿيندڙ هر پروگرام (سائين جي ايم سيد جي سالگراھ) ۾ پڻ شرڪت ڪندي هئي.
 
جيجي جي پهرئين ڪهاڻي”روح رهاڻ“ رسالي ۾ڇپجي آئي پاڻ ڪهاڻين جو ڪتاب پڻ لکيو ” تنهنجي ڳولا تنهنجون ڳالهيون “ جي مهاڳ ۾ سنڌ جي ڪهاڻيڪار خيرالنساءِ جعفري لکي ٿي ته ” زرينه تون ان ڪري اهم آهين جو تو ۾ سچ جو ثمر آهي سموري سنڌ تنهنجي ساهن ۾ تنهنجي ڳلي ۾ پاتل آهي تون ئي ته آهين، جنهن قوم کي ” جيئي سنڌ، جيئي سنڌ جام مُحبت پيئي سنڌ “ جهڙو لازوال گيت ڏنو. تنهنجي فن، سچ ۽ ايمان کي ئي محسوس ڪري آمريڪا، ڀارت، انگلينڊ ۽ دبيءَ جي سنڌين توکي سنڌ جو سونو نقشو ڳلي ۾ ميڊل طور پارايو هو جو اڄ به تنهنجي دل جي ڌڙڪن تي لڏي رهيو آهي. جڏهن تنهنجي دل اهو نقشو لڏندي ڏسندي آهيان، تڏهن لڳندو آهي ته سنڌ حرڪت ۾ آهي، سنڌ برڪت ۾ آهي. باقي هونئن ته سموري سنڌ الاءِ ڪهڙن ڪهڙن ۽ ڪيترن سياسي سيلابن ۾ ٻڏي رهي آهي. ڪاش! هر دل وسيع زرينه جيئن هجي! اڃا انيڪ سيلاب ساھ ۾ سانڍي پنهنجي وجود، پنهنجي شڪتي ۽ فن کي سر سبز رکي سگهي. ڪاش هر دل تي پنهنجي ڌرتيءَ جا اهڙا نقشا اڀريل هجن“ ـ
 
پاڻ استاد، قومي ڪارڪن، ڪهاڻيڪار، شاعره ۽ ڳائڻ سان گڏ اداڪاري جو ڪردار به خوب نموني سان نڀايو سندن ڪيل ڪردار عام هوندو هو ڪنهن به قسم جي غير ضروري سجاوٽ نه ڪئي، جيجي دنگيءَ منجھ درياھ، راڻيءَ جي ڪهاڻي، جهنگل، ڪاروان، ديوارين، آن ۽ ٻين ڊرامن ۾ اداڪاري ڪري چڪي آهي انهن ڊرامن کي ”ورلڊ ڊراما فيسٽيول“ انعام پڻ مليا، جيجي کي لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، قلندر لال شهباز ايوارڊ، سگا ايوارڊ، وحيد ايوارڊ، رام پنجواڻي ايوارڊ ۽ ٻين لاتعدادن ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو.
 
ڪوئل جهڙو آواز پهريان 1962ع تي ريڊيواسٽيشن تي هلايو ويو. اڳتي هلندي جيجي تمام گهڻا لوڪ گيت ڳائيندي ماڻهن جي دل ۾ جاءِ وٺندي وئي. پاڻ استاد محمد جمن کان پڻ سکيا ورتي هن جي آواز ماڻهن کي ايترو ته جهمائي ڇڏيو جو جڏهن هو مور ٿو ٽلي چوندي هئي ته ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن تيز ٿي ويندي هئي ۽ هو خوشي منجهان نچڻ شروع ٿي ويندا هئا ۽ پاڻ کي سنڀالي نه سگهندا هئا، جيجي سنڌي ڀينرن سان گڏ ويهي سهرا پڻ ڳايا آهن