وڪيپيڊيا:کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
صفحو خالي ڪري ڇڏيو
ٽيگَ: خالي ڪرڻ موٽايل موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م 93.110.6.255 (بحث) پاران سنوارون واپس JogiAsad جي آخري مسودي ڏانھن ڪيون ويون
ٽيگ: واپس ورايل
سِٽَ 1:
{{مضمون}}
{{Nutshell|کليل مان مراد، وڪيپيڊيا جون تحريرن ۽ ٻي مواد جو آزادنه استعمال ڪرڻ آهي.}}
[[فائل:Wikipedia-logo-v2-sd.svg|250px|thumb|کاٻو|وڪيپيڊيا جو نشان، جنهن ۾ ”کليل ڄاڻ چيڪلو” لکيل آهي.]]
وڪيپيڊيا جو عنوان آهي '''کليل ڄاڻ چيڪلو'''، جنهن ۾ ڪير به ترميم ڪري سگھي ٿو.
==کليل مان مراد==
[[برٽانيڪا ڄاڻ چيڪلو]] لغت ڇاپڻ جي تاريخ بابت ڪجهه هيئن ٻڌائي ٿو:
{{Quote|[[انگريزي]] مان فرانسيس جي اڳئين اهم لغت جان پالسگريو 1530 ۾ ڇپايو، ان جي متعلق هڪ خط اڃان به باقي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي ڇاپه خاني سان طئي ڪيو ته ڪو به جلد سندس مرضي کان سواءِ نه ڇاپيو وڃي جيئن نااهل ماڻهو فرانسيسي نه سکي وڃن.|{{cite encyclopedia
| encyclopedia = برٽانيڪا ڄاڻ چيڪلو آن لائين
| title = dictionary
| url = http://www.britannica.com/EBchecked/topic/162272/dictionary#ref=ref282719
|
}}
}}
سنڌي ٻولي ۾ '''کليل''' جون ڪيتريون ئي معنائون آهن. وڪيپيڊيا ۾ '''کليل''' جي پهرين ۽ اهم معني اجازت نامي جي متعلق آهي. وڪيپيڊيا ۾ شايع ٿيل هر تحرير [https://en.wikipedia.org/wiki/Wikipedia:Text_of_Creative_Commons_Attribution-ShareAlike_3.0_Unported_License ڪريئيٽيو ڪامنز انتساب -يڪسان حصيداري اجازت نامو (CC BY-SA 3.0)] ۽ [https://en.wikipedia.org/wiki/Wikipedia:Text_of_the_GNU_Free_Documentation_License جي اين يو آزاد لکيل اجازت نامي (GFDL)] جي تحت مفت پيش ڪئي ويندي آهي، جنهن کي [[ڪاپي ليفٽ]] (ڪاپي رائيٽ جو ضد) چيو ويندو آهي. هن جي تحت تحرير جا حق ته لکندڙ وٽ محفوظ هجن ٿا پر تحرير کي آزادنه طور پڙهي، تقسيم ۽ تبديل ڪري سگھي ٿو. پر هن شرط سان گڏ ته ترميم وارو مواد به انهي اجازت نامي جي تحت پيش ڪيو وڃي. قانوني نقطن جي وضاحت لاءِ پوري اجازت نامي کي پڙهڻ وڌيڪ بهتر ٿيندو.
 
هن اجازت نامي جو مقصد آهي ته جيڪي حوالن وارو مواد آهي، اهو سڄي انسانذات جي علم جو مجموعو آهي. هر انسان لاءِ اهو مفت هجڻ گھرجي، جنهن کي [[حق۽ واسطا|حق ۽ واسطا محفوظ]] چئي محدود يا قابو نٿو ڪري سگھجي ۽ مناسب شرطن تحت ان مواد کي هر جڳه تقسيم ڪيو وڃي. ان لاءِ [[وڪيپيڊيا]] لڳ ڀڳ 500 اڳ جان پالسگريو پاران مقرر ڪيل معيارن ۽ حد بندين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
 
وڪيپيڊيا تي اهڙو مواد پيش نٿو ڪري سگھجي جيڪو اجازت نامن (CC BY-SA 3.0 يا GFDL) سان متضاد هجي. اهڙو مواد فورن ڊاٺو ويندو آهي. سنڌي وڪيپيڊيا تي تصويرن يا ٻين ميڊيا ورن فائلن کي [[منصفانه استعمال]] جي تحت پيش ڪيو ويندو آهي. جنهن جا تفصيل [[وڪيپيڊيا: غير کليل مواد]] تي ڏسي سگھجي ٿو.
 
===کليل جا وڌيڪ استعمال===
ڪجهه ماڻهو '''کليل ڄاڻ چيڪلو جنهن کي ڪير به سنواري سگھي ٿو''' کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪري ويندا آهن. ان لاءِ سنڌي ۾ کليل جون ڪيتريون ئي معنائون آهن. وڪيپيڊيا جي شريڪ باني [[جمي ويلس]] ان جي وضاحت ڪجهه هن ريت ڪئي آهي.
{{Quote|[[انگريزي]] جي لفظ Free جو مطلب '''مفت''' آهي، پر سنڌي ۾ ان جي ٻي معني '''کليل''' به آهي، اسان بنيادي طور ان جي ٻي معني کي استعمال ڪندا آهيون. ان جو انحصار ٻولي تي آهي ته ان ٻوليءَ ۾ اهو مفهوم سهولت سان ڪيئن ادا ڪيو وڃي ٿو. اسان جو مقصد مواد جو آزادنه يعني کليل يا مفت مهيا ڪرڻ آهي.}}
ان جون ڪجهه معنائون وڪيپيڊيا تي مڪمل يا جزوي طور لاڳو ٿي سگھن ٿيون، پر ضروري ناهي ته انهن معنائن کي وڪيپيڊيا جي سڄي اداري تي لاڳو ڪجي، ان لاءِ بهتر آهي ته اجازت نامو پڙهي وٺو.
 
===کليل ڄاڻ چيڪلي جو مطلب مفت ناهي===
عملي اعتبار کان ڪو به فرد جيڪو انٽرنيٽ سان ڳنڍيل آهي، اهو wikipedia.org تي موجود مواد کي مفت پڙهي سگھي ٿو، پر ان جو اهو مطلب ناهي ته وڪيپيڊيا مڪمل طور غير تجارتي ادارو آهي، وڪيپيڊيا جا نسخا وڪڻي سگھجن ٿا. وڪيپيڊيا جي اجازت نامي ۾ اها ڳالهه درج آهي ته ڪو به فرد سڄي مواد کي ڇپرائي وڪڻي سگھي ٿو.
 
ان لاءِ وڪيپيڊيا تي اهڙو مواد داخل ڪرڻ ممنوع آهي، جنهن سان وڪيپيڊيا کي تجارتي استعمال کان روڪيو وڃي، ڇو ته اهڙو مواد اجازت نامي جي خلاف ٿي ويندو.
 
===ڪير به سنواري سگھي ٿو مان مراد===
'''کليل ڄاڻ چيڪلو جنهن کي ڪير به سنواري سگھي ٿو''' مان مراد هرگز اهو ناهي ته، هرڪو پنهنجي مرضي يا غيرجانبدار ٿيڻ بجاءِ تبديلون ڪندو وتي، گھڻا واپرائيندڙ اهو سمجهن ٿا ته انهن کي هر ڳالهه لکڻ جي اجازت آهي، پر اهو درست ناهي. کليل جو استعمال اجازت نامي سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته '''ڪير به سنواري سگھي ٿو''' مان مراد آهي ته جيڪو ماڻهو انٽرنيٽ استعمال ڪري ٿو، ان کي وڪيپيڊيا تي لکڻ جي اجازت وٺڻ لازمي ناهي. پر وڪيپيڊيا ان ڳالهه تي زور ڏي ٿي ته ان تي موجود معلومات [[وڪيپيڊيا:قابل تصديق|قابل تصديق]] هجڻ سان گڏ، [[وڪيپيڊيا:غير جانبدار نقطي نظر|غيرجانبداري]] تي ٻڌل هجي. جيڪڏهن ڪا لکڻي ان معيار تي پوري لهندڙ نه هجي ته اهڙي مواد کي فورن هٽايو ويندو آهي يا واپرائيندڙ تي [[مدد:مون تي بندش وڌي وئي|بندش وڌي ويندي آهي]].
 
===اظهار راءِ جي آزادي===
عام تعارف جي مطابق اهڙا سافٽ ويئر ۽ مواد کليل ته هوندا آهن پر ضروري ناهي ته مفت به هجن. پر هڪ واري ياد ڪري وٺو ته لکيل لفظ اجازت نامي سان منسلڪ آهي، وڪيپيڊيا تي اظهار جي آزادي جو احترام ڪيو ويندو آهي پر تحريرن ۾ ان جو اخلاق بطور حڪمت عملي لازمي ناهي.