وڪيپيڊيا:کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موٽايل موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موٽايل موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 15:
 
===کليل جا وڌيڪ استعمال===
ڪجهه ماڻهو '''کليل ڄاڻ چيڪلو جنهن کي ڪير به سنواري سگھي ٿو''' کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪري ويندا آهن. ان لاءِ سنڌي ۾ کليل جون ڪيتريون ئي معنائون آهن. وڪيپيڊيا جي شريڪ باني [[جمي ويلس]] ان جي وضاحت ڪجهه هن ريت ڪئي آهي.
{{Quote|[[انگريزي]] جي لفظ Free جو مطلب '''مفت''' آهي، پر سنڌي ۾ ان جي ٻي معني '''کليل''' به آهي، اسان بنيادي طور ان جي ٻي معني کي استعمال ڪندا آهيون. ان جو انحصار ٻولي تي آهي ته ان ٻوليءَ ۾ اهو مفهوم سهولت سان ڪيئن ادا ڪيو وڃي ٿو. اسان جو مقصد مواد جو آزادنه يعني کليل يا مفت مهيا ڪرڻ آهي.}}
ان جون ڪجهه معنائون وڪيپيڊيا تي مڪمل يا جزوي طور لاڳو ٿي سگھن ٿيون، پر ضروري ناهي ته انهن معنائن کي وڪيپيڊيا جي سڄي اداري تي لاڳو ڪجي، ان لاءِ بهتر آهي ته اجازت نامو پڙهي وٺو.
 
===کليل ڄاڻ چيڪلي جو مطلب مفت ناهي===
عملي اعتبار کان ڪو به فرد جيڪو انٽرنيٽ سان ڳنڍيل آهي، اهو wikipedia.org تي موجود مواد کي مفت پڙهي سگھي ٿو، پر ان جو اهو مطلب ناهي ته وڪيپيڊيا مڪمل طور غير تجارتي ادارو آهي، وڪيپيڊيا جا نسخا وڪڻي سگھجن ٿا. وڪيپيڊيا جي اجازت نامي ۾ اها ڳالهه درج آهي ته ڪو به فرد سڄي مواد کي ڇپرائي وڪڻي سگھي ٿو.
 
ان لاءِ وڪيپيڊيا تي اهڙو مواد داخل ڪرڻ ممنوع آهي، جنهن سان وڪيپيڊيا کي تجارتي استعمال کان روڪيو وڃي، ڇو ته اهڙو مواد اجازت نامي جي خلاف ٿي ويندو.
 
===ڪير به سنواري سگھي ٿو مان مراد===
'''کليل ڄاڻ چيڪلو جنهن کي ڪير به سنواري سگھي ٿو''' مان مراد هرگز اهو ناهي ته، هرڪو پنهنجي مرضي يا غيرجانبدار ٿيڻ بجاءِ تبديلون ڪندو وتي، گھڻا واپرائيندڙ اهو سمجهن ٿا ته انهن کي هر ڳالهه لکڻ جي اجازت آهي، پر اهو درست ناهي. کليل جو استعمال اجازت نامي سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته '''ڪير به سنواري سگھي ٿو''' مان مراد آهي ته جيڪو ماڻهو انٽرنيٽ استعمال ڪري ٿو، ان کي وڪيپيڊيا تي لکڻ جي اجازت وٺڻ لازمي ناهي. پر وڪيپيڊيا ان ڳالهه تي زور ڏي ٿي ته ان تي موجود معلومات [[وڪيپيڊيا:قابل تصديق|قابل تصديق]] هجڻ سان گڏ، [[وڪيپيڊيا:غير جانبدار نقطي نظر|غيرجانبداري]] تي ٻڌل هجي. جيڪڏهن ڪا لکڻي ان معيار تي پوري لهندڙ نه هجي ته اهڙي مواد کي فورن هٽايو ويندو آهي يا واپرائيندڙ تي [[مدد:مون تي بندش وڌي وئي|بندش وڌي ويندي آهي]].
 
===اظهار راءِ جي آزادي===
عام تعارف جي مطابق اهڙا سافٽ ويئر ۽ مواد کليل ته هوندا آهن پر ضروري ناهي ته مفت به هجن. پر هڪ واري ياد ڪري وٺو ته لکيل لفظ اجازت نامي سان منسلڪ آهي، وڪيپيڊيا تي اظهار جي آزادي جو احترام ڪيو ويندو آهي پر تحريرن ۾ ان جو اخلاق بطور حڪمت عملي لازمي ناهي.