مابعدالطبعيات: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
 
سِٽَ 1:
'''مابعد الطبعيات''' ، انسان جي روح جو علم (Metaphysical) ''ميٽا'' (Meta) معنيٰ مٿانهون (Beyond) ۽ ''فزيڪل'' (Physical) طبعي دنيا. يعني طبعي دنيا کان مٿاهون علم.مابعد الطبيعات جي حدن ۾ ڪيترائي اختلاف آهن. ڪي ان کي فلسفي جي مترادف استعمال ڪن ٿا، ڪي ان کي الاهيات واري مقصد ۾ آڻن ٿا ۽ ڪي وري اخلاقيات کي بہ مابعد الطبعيات جي ذمري ۾ آڻن ٿا. حقيقت ۾ اهي تمام موضوع يا مسئلا، جيڪي طبعي علمن جي دائري مان خارج، طبعي فڪر و نظر جي حدن کان مٿي ۽ مشاهدي ۽ تجربي جي احاطي مان ٻاهر آهن. سي مابعد الطبعيات جي دائري ۾اچن ٿا. <ref>ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: [[سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]]، حيدرآباد، سنڌ.</ref> اها فلسفي جي ٻين شاخن جهڙوڪ اخلاقيات، جماليات، علميات جهڙي شاخ آهي، (Metaphysics) اصطلاح يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن مان جڙي ٺهيو آهي ميٽا (Meta) معنيٰ ڏور/پري/مٿانهون ۽ فزيو (Physio) معنيٰ جسم. هن شاخ ۾ ڪائنات جي آخري ۽ بنيادي سچائي جي ڳولها ۽ ان جو اڀياس ڪيو ويندو آهي. فلسفي ۾ مابعد الطبعيات کي ڪائنات کي سمجھڻ جي هڪ طريقي طور سمجھيو وڃي ٿو. هن شاخ مادي، تحرڪ، مڪان، زمان، لامحدود، سبب ۽ ٻين بنيادي تصورن جو ڳوڙهو تجزيو ڪيو آهي.<ref>{{cite web |url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page2.html}}{ڪتاب : فلسفي جي ڪھاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}</ref>
 
== حوالا ==