وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2022/مهينو جنوري: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: شيراز (انگريزي: Shiraz) ايران جو پنجون وڏو شھر آھي. ھي شھر ايران جي صوبي فارس جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 1565572 آھي. جيڪڏھن شھر جا مضافاتي علائقا ڳاڻاٽي ۾ آڻجن تہ پوءِ شھر جي آبادي 18 لکن کان بہ مٿي ٿي ويندي. ھي ايران جي ڏاکڻئين حصي جو وڏي...
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 13:08, 5 جنوري 2022ع

شيراز (انگريزي: Shiraz) ايران جو پنجون وڏو شھر آھي. ھي شھر ايران جي صوبي فارس جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 1565572 آھي. جيڪڏھن شھر جا مضافاتي علائقا ڳاڻاٽي ۾ آڻجن تہ پوءِ شھر جي آبادي 18 لکن کان بہ مٿي ٿي ويندي. ھي ايران جي ڏاکڻئين حصي جو وڏي ۾ وڏو شھر آھي. ھي فارس جي جابلو علائقي ۾ آباد آھي ۽ ھن شھر جي سرزمين جي سامونڊي سطح کان اوچائي 1486 ميٽر آھي. ھتان جي موسم خوشگوار آھي ۽ ھي ھزار سالن کان وڌيڪ عرصي کان واپار جو ھڪ وڏو مرڪز رھيو آھي. شيراز ميونسپالٽيءَ جي ڪل پکيڙ 240 چورس ڪلوميٽر آھي جيڪا 11 سيڪٽرن ۾ ورھايل آھي. آٽڪل 2000 ق.م ۾ ايلامائيٽ (Elamite) ٻوليءَ ۾ لکيل مٽيءَ جي تختين تي ھن شھر جو نالو تيرازيس (Tirazis) لکيو ويو آھي. شروع ۾ ھي شھر ابو نضر قلعي واري علائقي ۾ آباد ھو ۽ 693ع ۾ بنو اميہ گھراڻي جي دور حڪومت ۾ موجودھ ھنڌ تي ٻيھر آباد ڪيو ويو. ھن شھر 9 کان 11 صديءَ جي وچ ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪئي. تيرھين صديءَ ۾ ھي شھر علم، ادب ۽ ثقافت جو وڏو مرڪز بنجي ويو. 1750ع کان 1800ع تائين زند گھراڻي جي بادشاھيءَ دوران ھي پرشيا جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو. ايران جا ٻہ وڏا شاعر سعدي ۽ حافظ ھن شھر جا رھواسي ھئا. سندن مزارون موجودھ شھر جي اترئين حصي ۾ موجود آھن. ھن شھر ۾ ڪيترائي خوبصورت باغ آھن جن مان باغ ارم پنھنجو مٽ پاڻ آھي. ھن شھر ۽ پسگردائيءَ ۾ عاليشان قسم جا گلم, غاليچا ۽ قالين ٺھن ٿا. ھتي سيمنٽ، کنڊ، ڀاڻ، ڪپڙي ٺاھڻ ۽ تيل صاف ڪرڻ ۽ ٻين ڪيترين ئي شين ٺاھڻ جا ڪارخانا آھن. ھتي اليڪٽرانڪس جي شين جو ڪاروبار بہ عروج تي آھي. شيراز ۾ ايران جو پھريون شمسي توانائيءَ تي ھلندڙ بجلي گھر بہ موجود آھي. تازو شھر جي ٻاھران باباڪوھي جبلن تي پن چڪيون (Wind Turbines) لڳايون ويون آھن.