ناري واد: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
عورتازاد _(Feminismfeminism): فيمنزم يا عورتازاد ڪيترين ئي تحريڪن تي مشتمل هڪ نظريو، هڪ فڪر آهي،<ref>{{حوالو_ويب|url=http://dic.sindhila.edu.pk/index.php?txtsrch=Feminism|title=Feminism {{!}} Online Sindhi Dictionaries {{!}} آن لائين سنڌي ڊڪشنريون|website=dic.sindhila.edu.pk|access-date=2020-03-17}}</ref> جنهن جو مقصد [[ناري|عورتن]] لاءِ سياسي ، سماجي، معاشي حقن ۽ موقعن جي حاصلات آهي، جيڪي کين جنسي برابريءَ جي بنياد تي ملڻ گهرجن. ڇو ته [[ناري|عورتن]] واري انهي [[عورتن جي جدوجهد|تحريڪ]] مطابق [[مرد|مردن]] پنهنجي مخصوص نظام تحت عورتن کي هميشه سياسي، سماجي، معاشي ۽ نفسياتي طور محروم ۽ غلام رکيو آهي، جنهن لاءِ سڀ کان وڏو الزام انهي تحريڪ پاران پدري نظام Patriarchy کي ڏنو ويندو آهي. ان کان علاوه سندن چوڻ موجب پدري نظام جنسيت Sexist تي مبني آهي، جيڪو غلط آهي. پدري نظام موجب عورتون پيدائشي طور ڪمتر Inferior، جڏهن ته مرد Superior ڄاڻايو ويو آهي. جڏهن ته عورتازاد انهي حياتياتي فرق (Biological Difference) کان انڪاري نه هوندي به انسان طور برابريءَ جي لاءِ ڪوشان آهي. سندن چوڻ موجب اها سڃاڻپ ثقافتي ۽ سماجي گهڙت Social Construction آهي، جيڪا ئي عورتن کي عورت بجاءِ مادي، هيڻي يا زناڻو بڻائي ٿي، ڇوته عورت جي ڪمزور، هيڻي ۽ نااهل هجڻ واري سڃاڻپ بايولاجيڪل نه، پر پدري اثر واري ثقافتي ۽ سماجي آهي. پدري نظام ئي اهڙي شناخت تي زور ڏي ٿو. سنڌي ادب ۾ خيرالنساءِ جعفري، نور الهديٰ شاهه، فهميده حسين، سحر امداد، تنوير جوڻيجو، نذير ناز، عطيه دائود، امر سنڌو ۽ ٻين ڪيترن ليکڪائن جي لکڻين ۾ ان فڪر جا عڪس ملن ٿا. <ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>
 
== حوالا ==