مڌر ويل: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 6:
تاريخي رڪارڊ ٻڌائي ٿو تہ اوڻويھين صديءَ جي شروع ۾ ھي ھڪ ڳوٺ ھو جنھن جي آبادي 600 ماڻھن تي مشتمل ھئي<ref name=":0">{{حوالو_ويب|url=http://www.visitoruk.com/motherwell/19th-century-T2450.html|title=Timeline History of Motherwell, north lanarkshire|website=www.visitoruk.com|access-date=2021-12-26}}</ref>. 1841ع ۾ ھن ڳوٺ جي آبادي وڌي 1700 ٿي وئي. اوڻويھين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ ھن ڳوٺ جي قسمت تڏھن جاڳي پئي جڏھن 1848ع ۾ ھتي ريل جي پٽڙي وڇائي وئي. 1881ع ۾ ھتي لوھ ۽ اسٽيل جا ڪارخانا کليا ۽ واٽر سپلاءِ جو نظام قائم ٿيو. ھن ڳوٺ کي ھڪ برگ (Burgh) جو درجو ڏنو ويو ۽ ھتان جي آبادي 13800 ٿي وئي<ref name=":0" />. اوڻويھين صديءَ جي آخر ڌاري ھتي مڌرويل ٽائون ھال ۽ ڊالزيل (Dalziel) ھاءِ اسڪول جون عمارتون جڙي راس ٿيون. ساڳئي ئي زماني ۾ مڌرويل فوٽبال ٽيم جو اسٽيڊيم جڙي راس ٿيو جنھن کي فر پارڪ (Fir Park) ڪوٺيو وڃي ٿو.
 
ويھين صديءَ جي شروع ۾ مڌرويل ھڪ وڏي ٽائون جي حيثيت حاصل ڪري ورتي ۽ ھن جي آبادي 37000 تائين پھچي وئي. ھتي ٽرام، پلين جا پرزا ٺاھڻ ۽ گولا بارود ٺاھڻ جا ڪارخانا شروع ٿي ويا. 1930ع واري ڏھاڪي ۾ مڌرويل اسڪاٽلينڊ ۾ اسٽيل جي پيداوار جو مرڪز بنجي ويو. 1960ع واري ڏھاڪي ۾ ھتي اسٽيل جي سالياني پيداوار ڏھ لک ٽن کان بہ وڏي وئي. جڏھن حڪومت ڪارخانن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو تہ ھتي آسٽيل جي سالياني پيداوار 30 لک ٽن کان بہ وڌي وئي. 1970ع واري ڏھاڪي ۾ مڌرويل جي اسٽيل ني پلانٽن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو انگ 13000 ٿي ويو<ref>Robert Duncan (1992) "Steelopolis -The making of Motherwell c1750–1939" Motherwell District Council ISBN 0903207990</ref>.
 
1980 ۽ 1990ع وارا ڏھاڪا مڌرويل لاءِ ڪافي ڏکيا ثابت ٿيا. نہ فقظ اسٽيل پر ڪجھ ٻيا وڏا ڪارخانا بہ بند ٿي ويا ۽ بيروزگاري چوٽ تي چڙھي وئي. ايڪويھين صديءَ جي شروع کان ھتي ڪجھ بھتري آئي آھي. جيتوڻيڪ ڪي نيون صنعتون قائم نہ ٿيون آھن پر ڪاروبار بھتر ٿيو آھي ۽ ماڻھن کي روزگار ملڻ لڳو آھي. وشا ۽ مڌرويل پاڻ ۾ ملي ھڪ شھر جو روپ ڏاري چڪا آھن. فقط ڪاغذن ۾ ھي بئي ٽائون الڳ آھن.