مڌر ويل: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 4:
== تاريخ ==
جڏھن رومي اسڪاٽلينڊ تي قابض ھئا ان زماني ۾ ھڪ رستو مرڪزي اسڪاٽلينڊ کان ڪلائيڊ نديءَ جو کاٻو ڪنارو وٺندي مڌر ويل واري علائقي مان گذرندو ھو. رومين موجودھ مڌرويل شھر ويجھو ھڪ ننڍو ڪوٽ ۽ غسل ّخنو ٺھرايو ھو<ref>{{Cite book|url=http://archive.org/details/in.ernet.dli.2015.227248|title=The Roman Occupation Of South Western Scotland|last=Anne S. robertson|first=s n miller|date=1937}}</ref>، پر رومي ھن علائقي ۾ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ڪري سگھيا ۽ مڌرويل واري علائقي ۾ انگريزن ھڪ ڳوٺ اچي قائم ڪيو. ڳوٺ ۾ ليڊي ويل (Lady Well) جي نالي سان ھڪ کوھ کوٽايو ويو. اھو کوھ حضرت بيبي مريم رضيہ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو<ref>{{Cite book|url=http://archive.org/details/b21365805_0006|title=The new statistical account of Scotland. [electronic resource]|last=Society for the Benefit of the Sons and Daughters of the Clergy|last2=London School of Hygiene and Tropical Medicine|date=1845|publisher=Edinburgh and London : William Blackwood and Sons|others=London School of Hygiene & Tropical Medicine Library & Archives Service}}</ref>. عيسائي بيبي مريم کي عقيدت وچان مڌر (ماءٌ) ڪوٺيندا آھن، ايئن ھن وسنديءَ تي مڌرويل (ماءٌ جو کوھ) نالو پيو.لينارڪشائر جي نقشي ۾ پھريون ڀيرو مڌرويل جو نالو 1583ع ۾ شامل ڪيو ويو.
تاريخي رڪارڊ ٻڌائي ٿو تہ اوڻويھين صديءَ جي شروع ۾ ھي ھڪ ڳوٺ ھو جنھن جي آبادي 600 ماڻھن تي مشتمل ھئي<ref name=":0">{{حوالو_ويب|url=http://www.visitoruk.com/motherwell/19th-century-T2450.html|title=Timeline History of Motherwell, north lanarkshire|website=www.visitoruk.com|access-date=2021-12-26}}</ref>. 1841ع ۾ ھن ڳوٺ جي آبادي وڌي 1700 ٿي وئي. اوڻويھين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ ھن ڳوٺ جي قسمت تڏھن جاڳي پئي جڏھن 1848ع ۾ ھتي ريل جي پٽڙي وڇائي وئي. 1881ع ۾ ھتي لوھ ۽ اسٽيل جا ڪارخانا کليا ۽ واٽر سپلاءِ جو نظام قائم ٿيو. ھن ڳوٺ کي ھڪ برگ (Burgh) جو درجو ڏنو ويو ۽ ھتان جي آبادي 13800 ٿي وئي<ref name=":0" />. اوڻويھين صديءَ جي آخر ڌاري ھتي مڌرويل ٽائون ھال ۽ ڊالزيل (Dalziel) ھاءِ اسڪول جون عمارتون جڙي راس ٿيون. ساڳئي ئي زماني ۾ مڌرويل فوٽبال ٽيم جو اسٽيڊيم جڙي راس ٿيو جنھن کي فر پارڪ (Fir Park) ڪوٺيو وڃي ٿو.
 
ويھين صديءَ جي شروع ۾ مڌرويل ھڪ وڏي ٽائون جي حيثيت حاصل ڪري ورتي ۽ ھن جي آبادي 37000 تائين پھچي وئي. ھتي ٽرام، پلين جا پرزا ٺاھڻ ۽ گولا بارود ٺاھڻ جا ڪارخانا شروع ٿي ويا. 1930ع واري ڏھاڪي ۾ مڌرويل اسڪاٽلينڊ ۾ اسٽيل جي پيداوار جو مرڪز بنجي ويو. 1960ع واري ڏھاڪي ۾ ھتي اسٽيل جي سالياني پيداوار ڏھ لک ٽن کان بہ وڏي وئي. جڏھن حڪومت ڪارخانن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو تہ ھتي آسٽيل جي سالياني پيداوار 30 لک ٽن کان بہ وڌي وئي. 1970ع واري ڏھاڪي ۾ مڌرويل جي اسٽيل ني پلانٽن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو انگ 13000 ٿي ويو.