مڌر ويل: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سِٽَ 7:
 
ويھين صديءَ جي شروع ۾ مڌرويل ھڪ وڏي ٽائون جي حيثيت حاصل ڪري ورتي ۽ ھن جي آبادي 37000 تائين پھچي وئي. ھتي ٽرام، پلين جا پرزا ٺاھڻ ۽ گولا بارود ٺاھڻ جا ڪارخانا شروع ٿي ويا. 1930ع واري ڏھاڪي ۾ مڌرويل اسڪاٽلينڊ ۾ اسٽيل جي پيداوار جو مرڪز بنجي ويو. 1960ع واري ڏھاڪي ۾ ھتي اسٽيل جي سالياني پيداوار ڏھ لک ٽن کان بہ وڏي وئي. جڏھن حڪومت ڪارخانن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو تہ ھتي آسٽيل جي سالياني پيداوار 30 لک ٽن کان بہ وڌي وئي. 1970ع واري ڏھاڪي ۾ مڌرويل جي اسٽيل ني پلانٽن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو انگ 13000 ٿي ويو.
 
1980 ۽ 1990ع وارا ڏھاڪا مڌرويل لاءِ ڪافي ڏکيا ثابت ٿيا. نہ فقظ اسٽيل پر ڪجھ ٻيا وڏا ڪارخانا بند ٿي ويا ۽ بيروزگاري چوٽ تي چڙھي وئي. ايڪويھين صديءَ جي شروع کان ھتي ڪجھ بھتري آئي آھي. جيتوڻيڪ ڪي نيون صنعتون قائم نہ ٿيون آھن پر ڪاروبار بھتر ٿيو آھي ۽ ماڻھن کي روزگار ملڻ لڳو آھي. وشا ۽ مڌرويل پاڻ ۾ ملي ھڪ شھر جو روپ ڏاري چڪا آھن. فقط ڪاغذن ۾ ھي بئي ٽائون الڳ آھن.