مڌر ويل: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 5:
جڏھن رومي اسڪاٽلينڊ تي قابض ھئا ان زماني ۾ ھڪ رستو مرڪزي اسڪاٽلينڊ کان ڪلائيڊ نديءَ جو کاٻو ڪنارو وٺندي مڌر ويل واري علائقي مان گذرندو ھو. رومين موجودھ مڌرويل شھر ويجھو ھڪ ننڍو ڪوٽ ۽ غسل ّانو ٺھرويو ھو، پر رومي ھن علائقي ۾ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ڪري سگھيا ۽ مڌرويل واري علائقي ۾ انگريزن ھڪ ڳوٺ ائي قائم ڪيو. ڳوٺ ۾ ليڊي ويل (Lady Well) جي نالي سان ھڪ کوھ کوٽايو ويو. اھو کوھ حضرت بيبي مريم رضيہ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. عيسائي بيبي مريم کي عقيدت وچان مڌر (ماءٌ) ڪوٺيندا آھن، ايئن ھن وسنديءَ تي مڌرويل (ماءٌ جو کوھ) نالو پيو.لينارڪشائر جي نقشي ۾ پھريون ڀيرو مڌرويل جو نالو 1583ع ۾ شامل ڪيو ويو.
تاريخي رڪارڊ ٻڌائي ٿو تہ اوڻويھين صديءَ جي شروع ۾ ھي ھڪ ڳوٺ ھو جنھن جي آبادي 600 ماڻھن تي مشتمل ھئي. 1841ع ۾ ھن ڳوٺ جي آبادي وڌي 1700 ٿي وئي. اوڻويھين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ ھن ڳوٺ جي قسمت تڏھن جاڳي پئي جڏھن 1848ع ۾ ھتي ريل جي پٽڙي وڇائي وئي. 1881ع ۾ ھتي لوھ ۽ اسٽيل جا ڪارخانا کليا ۽ واٽر سپلاءِ جو نظام قائم ٿيو. ھن ڳوٺ کي ھڪ برگ (Burgh) جو درجو ڏنو ويو ۽ ھتان جي آبادي 13800 ٿي وئي. اوڻويھين صديءَ جي آخر ڌاري ھتي مڌرويل ٽائون ھال ۽ ڊيلزيل (ڊالزڳيل) ھاءِ اسڪول جون عمارتون جڙي راس ٿيون. ساڳئي ئي زماني ۾ مڌرويل فوٽبال ٽيم جو اسٽيڊيم جڙي راس ٿيو جنھن کي فر پارڪ (Fir Park) ڪوٺيو وڃي ٿو.
 
ويھين صديءَ جي شروع ۾ مڌرويل ھڪ وڏي ٽائون جي حيثيت حاصل ڪري ورتي ۽ ھن جي آبادي 37000 تائين پھچي وئي. ھتي ٽرام، پلين جا پرزا ٺاھڻ ۽ گولا بارود ٺاھڻ جا ڪارخانا شروع ٿي ويا. 1930ع واري ڏھاڪي ۾ مڌرويل اسڪاٽلينڊ ۾ اسٽيل جي پيداوار جو مرڪز بنجي ويو. 1960ع واري ڏھاڪي ۾ ھتي اسٽيل جي سالياني پيداوار ڏھ لک ٽن کان بہ وڏي وئي. جڏھن حڪومت ڪارخانن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو تہ ھتي آسٽيل جي سالياني پيداوار 30 لک ٽن کان بہ وڌي وئي. 1970ع واري ڏھاڪي ۾ مڌرويل جي اسٽيل ني پلانٽن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو انگ 13000 ٿي ويو.