مڌر ويل: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: '''مڌر ويل''' (انگريزي: Motherwell) اسڪاٽلينڊ جو ھڪ وڏو ٽائون (Town) آھي جيڪو گلاسگو شھر جي ڏکڻ اوڀر ۾ آباد آھي. ھن ننڍڙي شھر جي آبادي 32120 آھي ۽ ھي اتر لينارڪشائر (North Larakshire) ڪائونسل جو ھيڊ ڪوارٽر آھي. اولھ ۾ ڪلائيڊ ندي ھن کي ھيملٽن کان جدا ڪري ٿي جڏھن تہ اتر ا...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
 
'''مڌر ويل''' ([[انگريزي ٻولي|انگريزي]]: Motherwell) [[اسڪاٽلينڊ]] جو ھڪ وڏو ٽائون (Town) آھي جيڪو [[گلاسگو]] شھر جي ڏکڻ اوڀر ۾ آباد آھي. ھن ننڍڙي شھر جي آبادي 32120 آھي ۽ ھي اتر لينارڪشائر (North Larakshire) ڪائونسل جو ھيڊ ڪوارٽر آھي. اولھ ۾ ڪلائيڊ ندي ھن کي ھيملٽن کان جدا ڪري ٿي جڏھن تہ اتر اوڀر ۾ سائوٿ ڪيلڊر واٽر (South Calder Water) hن کي ڪافين (Cafin) ڳوٺ کان جدا ڪري ٿو. مڌر ويل جي اتر ۾ نيو اسٽيوينسن (New Stevension) ۽ بيلشل (Bellshill) واقع آھن. جاگرافياتي طور وشا (Wishaw) ٽائون سان ڳنڍيل آھي. وشا ۽ مڌرويل جي آدمشماري لڳڀڳ ساڳي آھي. ھي ٻئي ٽائون ملي ھڪ شھر جو روپ ڌارين ٿا.
 
== تاريخ ==
جڏھن رومي اسڪاٽلينڊ تي قابض ھئا ان زماني ۾ ھڪ رستو مرڪزي اسڪاٽلينڊ کان ڪلائيڊ نديءَ جو کاٻو ڪنارو وٺندي مڌر ويل واري علائقي مان گذرندو ھو. رومين موجودھ مڌرويل شھر ويجھو ھڪ ننڍو ڪوٽ ۽ غسل ّانو ٺھرويو ھو، پر رومي ھن علائقي ۾ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ڪري سگھيا ۽ مڌرويل واري علائقي ۾ انگريزن ھڪ ڳوٺ ائي قائم ڪيو. ڳوٺ ۾ ليڊي ويل (Lady Well) جي نالي سان ھڪ کوھ کوٽايو ويو. اھو کوھ حضرت بيبي مريم رضيہ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. عيسائي بيبي مريم کي عقيدت وچان مڌر (ماءٌ) ڪوٺيندا آھن، ايئن ھن وسنديءَ تي مڌرويل (ماءٌ جو کوھ) نالو پيو.لينارڪشائر جي نقشي ۾ پھريون ڀيرو مڌرويل جو نالو 1583ع ۾ شامل ڪيو ويو.
تاريخي رڪارڊ ٻڌائي ٿو تہ اوڻويھين صديءَ جي شروع ۾ ھي ھڪ ڳوٺ ھو جنھن جي آبادي 600 ماڻھن تي مشتمل ھئي. 1841ع ۾ ھن ڳوٺ جي آبادي وڌي 1700 ٿي وئي. اوڻويھين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ ھن ڳوٺ جي قسمت تڏھن جاڳي پئي جڏھن 1848ع ۾ ھتي ريل جي پٽڙي وڇائي وئي. 1881ع ۾ ھتي لوھ ۽ اسٽيل جا ڪارخانا کليا ۽ واٽر سپلاءِ جو نظام قائم ٿيو. ھن ڳوٺ کي ھڪ برگ (Burgh) جو درجو ڏنو ويو ۽ ھتان جي آبادي 13800 ٿي وئي. اوڻويھين صديءَ جي آخر ڌاري ھتي مڌرويل ٽائون ھال ۽ ڊيلزيل (ڊالزڳيل) ھاءِ اسڪول جون عمارتون جڙي راس ٿيون. ساڳئي ئي زماني ۾ مڌرويل فوٽبال ٽيم جو اسٽيڊيم جڙي راس ٿيو جنھن کي فر پارڪ (Fir Park) ڪوٺيو وڃي ٿو.