سنڌي ادبي بورڊ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
'''آگسٽ 1940ع ۾ سنڌ جي تڏهوڪي صوبائي وزير تعليم جي. ايم. سيد جي ڪوششن سان سنڌ سرڪار سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۽ تخليقي ۽ تحقيقي سرگرمين جي وسيع پئماني تي ڦهلاءَ خاطر ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي نالي سان هڪ اداري جو بنياد رکيو. جناب ميران محمد شاهه ان صلاحڪار بورڊ جي چيئرمن مقرر ٿيو. سندس سرواڻيءَ ۾ سنڌ جي ٻين عالمن ۽ ڏاهن [[ڊاڪٽر ايڇ. ايم. گربخشاڻي]]، [[شمس العلماء عمر بن محمد دائود پوٽي]]، [[علامه آء آءِآء قاضي]]، [[ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي]]، ديوان سوڀراج نرملداس ”فاني“، جناب پير علي محمد شاهه راشدي، مولانا دين محمد وفائي ۽ جناب عثمان علي انصاريءَ سميت پندرهن ميمبرن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي. سن 1948ع ۾ سنڌ سرڪار طرفان ان مرڪزي صلاحڪار بورڊ جي انتظامي ڍانچي کي نئين سر ترتيب ڏيئي، جناب سيد ميران محمد شاهه چيئرمن، شمس العلماء عمر بن محمد دائودپوٽو وائيس چيئرمن ۽ جناب عثمان علي انصاريءَ کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
سيپٽمبر 1950ع ۾[[ سنڌ]] سرڪار سنڌي ادبي بورڊ ۾ تحقيق ۽ تاليف جي ڪمن کي عملي جامو پارائڻ خاطر ”سنڌي ادب لاءِ اعليٰ اختيارن واري ڪاميٽي“ قائم ڪري اُن کي ”مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ پاران منظور ڪيل رٿائن تي عمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. هن ڪاميٽيءَ جو چيئرمن صوبائي وزير تعليم مقرر ٿيو، جڏهن ته ”سنڌي ادب جي مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي چيئرمن، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ۽ سيڪريٽري تعليم سميت ست ٻيا ميمبر به ڪاميٽيءَ تي کنيا ويا.
ڊسمبر 1951ع ۾ سنڌ جي عوام کي هڪ منظم ادبي ادارو فراهم ڪرڻ جي خيال کان، سنڌ سرڪار ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ ختم ڪري، ان کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو نالو ڏنو. ان بورڊ کي بعد ۾ تعليم، صحت ۽ مڪاني ادارن واري کاتي جي ٺهراءَ نمبر B/4619 – 4694 هيٺ رجسٽريشن آف سوسائٽي ايڪٽ 1860/ XXI تحت، نمبر: 468 بتاريخ 26 مارچ 58-1957ع تي خيرپور ميرس ۾ اسسٽنٽ رجسٽرار آف جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز جي آفيس ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويو. گڏوگڏ بورڊ جي ”اعليٰ اختيارن واري ڪاميٽيءَ“ جي ميمبرن جو انگ به ستن مان وڌائي يارنهن ڪيو ويو.