سنڌي ادبي بورڊ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: آگسٽ 1940ع ۾ سنڌ جي تڏهوڪي صوبائي وزير تعليم جي. ايم. سيد جي ڪوششن سان سنڌ سرڪار سنڌي ادب جي واڌ ويجهه...
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
 
 
آگسٽ 1940ع ۾ سنڌ جي تڏهوڪي صوبائي وزير تعليم جي. ايم. سيد جي ڪوششن سان سنڌ سرڪار سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۽ تخليقي ۽ تحقيقي سرگرمين جي وسيع پئماني تي ڦهلاءَ خاطر ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي نالي سان هڪ اداري جو بنياد رکيو. جناب ميران محمد شاهه ان صلاحڪار بورڊ جي چيئرمن مقرر ٿيو. سندس سرواڻيءَ ۾ سنڌ جي ٻين عالمن ۽ ڏاهن ڊاڪٽر ايڇ. ايم. گربخشاڻي، شمس العلماء عمر بن محمد دائود پوٽي، علامه آءِ. آءِ. قاضي، ڪاڪي ڀيرومل
Line 7 ⟶ 6:
مارچ 1955ع ۾ سنڌ سرڪار طرفان سنڌي ادبي بورڊ کي خود مختيار اداري جي حيثيت ڏئي اداراتي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ باقاعده آئين منظور ڪيو ويو.
اهڙي خودمختيار حيثيت ملڻ کان پوءِ بورڊ سنڌي ادب جي واڌاري، سميت تحقيقي مسودا ۽ ڪتاب ڇپرائڻ جي سلسلي ۾ اڳ کان وڌيڪ ذڪر جوڳا ڪم ڪرڻ شروع ڪيا، جن جو تذڪرو نه صرف ڏيهه ۾ ناماچاريءَ سان ٿيڻ لڳو، بلڪه پرڏيهه ۾ به مڃتا ملڻ لڳي.
سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي قيام کان وٺي اڄ تاين سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ڀلائيءَ، ۽ واڌاري خاطر سرگرم عمل آهي. وقت بوقت ٿيندڙ انتظامي تبديلين ۽ ڪم ڪار جي طريقيڪار ۾ ردوبدل سان بورڊ جي سرگرمين ۽ ترجيحن جا رُخ تبديل ضرور ٿيا آهن، پر اداري جي بنيادي مقصد ۽ ڪارج تي ڪوبه فرق ناهي آيو. ان جو روشن ثبوت اهو آهي جو سنڌي ادبي بورڊ اڄ به هڪ باوقار اداري جي حيثيت ۾ پنهنجا فرض خاطر خواه انداز سان ادا ڪري رهيو آهي. گُذريل اڌ صديءَ جي تاريخ ۾ بورڊ تقريبن 500 ڪتاب ڇپرائڻ کانسواءِ تسلسل سان ٽي رسالا: ”مهراڻ“، ”سرتيون“ ۽ ”گل ڦل“ شايع ڪري رهيو آهي ۽ هن اداري سنڌ ۾ علمي، ادبي ماحول پيدا ڪرڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي