عاجز جمالي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: وزيوئل سنوار موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: وزيوئل سنوار موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 3:
عاجز جمالي جو اصل نالو محمد ڇٽل آھي جیڪو سندس ڏاڏي جو نالو هو۔ هيءُ پهرين فيبروري 1967ع تي نواب شاھ ضلعو هاڻوڪي بينظير آباد ضلعو جي شهر ٻانڌي ۾ ڀخشل خان جمالي جي گهر ۾ جنم ورتو.<ref name=":0">{{حوالو_ويب|url=https://azizkingrani.wordpress.com/2014/12/18/poets-and-writers/|title=Poets and writers|date=2014-12-17|website=Aziz Kingrani|language=en|access-date=2021-11-13}}</ref>
==تعليم ۽ خدمتون==
عاجز جمالي کي ھاءِ اسڪول جي زماني کان ئي شاعري جو شوق ھئو ان ڪري  هن پھریان ایم سي (محمد ڇُٽل) عاجز جي نالي سان لکڻ شروع ڪيو. بعد ۾ باقاعدہ شاعري ڪرڻ لئہ پنھنجو تخلص عاجز جمالي اختيار ڪيو جیڪو سندس ھاڻي نالو ئي بڻجي ویو آهي۔ ھن جو ٻانڌي جي نج ٻهراڙي جي گھراڻي ۾ جنم ٿیو۔ پنھنجي خاندان جو پھریون فرد ھئو جیڪو اسڪول ۾ داخل ٿیو۔ چوٿین درجي ۾ ھئو تہ سندس خاندان لڏ پلاڻ ڪري پنھنجي اباڻي ڳوٺ دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڳوٺ ٽنڊو رحيم خان ۾ آیو۔  جتان سندس والد سعودي عرب ھلیو ویو. 1976 ۾ ٽنڊو رحیم پرائمري اسڪول مان پنجو درجو پاس ڪیائین۔ 1978ع ۾  سندس خاندان ٻیھر ٻانڌي ھلیو ویو. گورنمنٽ ھاءِ اسڪول ٻانڌي ۾ نائین ڪلاس تائین ریگیولر شاگرد رھیو۔ اسڪول جي ھوشیار شاگردن ۾ شمار ٿیندو ھئو۔ بعد ۾ خانداني قبائلي جھڳڙي سبب  سندس خاندان خضدار بلوچستان ھلیو ویو۔ 1984ع ۾  سندس خاندان جي ٻيهر  جوھي واپسي ٿي جتي مئٽرڪ پاس ڪئي۔  پوءِ عاجز جمالي جوهي ۾ پیٽرول جي دوڪان ۽ بوٽن جي دوڪان تي مزدوري ڪئي۔ جوهي ۾ سندس  عزیز ڪنگراڻي، منظور ٿھیم ۽ احمد خان مدھوش سان ملاقات ٿي ۽ پختي شاعري ڪرڻ لڳو بعد ۾ سنڌي ادبي سنگت جوھي ۽ جوهي نوجوان تنظیم ۾ شامل ٿيو ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏنائين.  سنڌي ادبی سنگت جوھي شاخ جو جوائنٽ سیڪریٽري ۽ سيڪريٽري پڻ رهيو۔ بعد ۾ سياسي طور ڊي ایس ایف ۾ سرگرم ٿیو۔ دوستن جي مدد سان دادو ڊگري ڪالیج مان انٽر جو امتحان پاس به ڪیائین۔ هيءُ ڊي ایس ایف ضلعي دادو جو جنرل سیڪریٽري۔ سنڌ ھاري ڪامیٽي جو مرڪزي پریس سیڪریٽري۔ ڪمیونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي صوبائي ڪامیٽي جو سرگرم میمبر به رھیو۔<ref name=":0" /> 1986ع ۾ جوھي مان ایم آرڊي موومينٽ  دوران گرفتار ٿیو۔ سینٽرل جیل حیدر آباد ۾ قید ٿیو۔ آزاد ٿي آيو تہ 1988ع ۾ سنڌ قومي اتحاد دادو جو ضلعي ڪنوینر بڻيو۔ 1991ع ۾ جوھي ڇڏي ڪراچي هليو ويو جتي باقاعدي صحافت جي شروعات ڪيائين۔ ٻن سالن تائین مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڊیسڪ ایڊیٽوریل صفحي ٿي رھیو۔ عوامي آواز  ۾ ٻارن جو صفحو '''جوت''' ڪڍیائین۔ 1993ع کان رپورٽنگ شروع ڪیائین۔ روزاني ڪاوش، روزاني جنگ سمیت ٻين مشھور اخبارن ۾ رھیو ۽ رپورٽر بڻیو۔ عاجز ھفتیوار آرسي مئگزین جو ایڊیٽر پڻ رھیو۔ 2004ع کان ٽي وي چئنلن جو رخ ڪیائین ۽ رپورٽنگ ڪيائين۔ انڊس نیوز۔ اي آر واءِ نیوز۔ رنگ ٽي وي تي پندرھن سالن تائین رپورٽنگ پروگرام ڪندو رھیو۔ ڪراچي ۾ سرگرم صحافي طور صحافتي تنظیمن ۾ پڻ سرگرم رھیو۔  ھن اردو ۽ سنڌي ۾ اڻ ڳڻيا ڪالم لکیا آهن.<ref>{{حوالو_ويب|url=https://urdu.voiceofsindh.com.pk/archives/27558/sindh-university-a-great-alma-mater/|title=سندھ یونیورسٹی، علم و ادب سیاست اور تاریخ کا رومانس|date=2021-06-26|website=Voice of Sindh|language=ur|access-date=2021-11-13}}</ref> <ref>{{حوالو_ويب|url=https://dailyoutcome.pk/mumtaz-bhutto-feudalism-and-pakistani-politics/|title=Mumtaz Bhutto: Oxford, Feudalism And Pakistani Politics {{!}} Daily Outcome|language=en-US|access-date=2021-11-13}}</ref> <ref>{{حوالو_ويب|url=https://urdu.voiceofsindh.com.pk/archives/29907/general-aslam-baig-book/|title=نہ بھٹو کو پھانسی ہوتی نہ جنرل ضیاہ کا حادثہ ہوتا|date=2021-07-24|website=Voice of Sindh|language=ur|access-date=2021-11-13}}</ref>عاجز ریڊیو پروگرام پڻ ڪیا آهن۔ ٽي وي اینڪر ۽ ڊائریڪٽر نیوز بہ رھیو۔ سوین ٽي وي پروگرامن جو ڊائریڪٽر رھیو. عاجز جمالي جو جدید سنڌ جي تاریخ تي  ڪتاب '''اڌ صدي جي آتم ڪھاڻي''' پڻ شایع ٿیل آهي۔<ref>{{حوالو_ويب|url=http://sindhsama4.blogspot.com/2014/12/blog-post_48.html|title=سنڌ سماچار Sindh Samachaar: عاجز جمالي|last=Finesindh|date=2014-12-16|website=سنڌ سماچار Sindh Samachaar|access-date=2021-11-13}}</ref>
 
==حوالا==