روس: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
سِٽَ 137:
روس فرانس جي ايمپائر خلاف ٻين يورپي ايمپائرن جي اتحاد ۾ شامل ٿيو. 1812ع ۾ فرانس جي فوج ماسڪو تائين پھتي ھئي پر کيس سخت مزاحمت ۽ سردي جي موسم سبب ناڪامي ڏسڻي پئي<ref name="ruling"/>. اتحادي فوج نيٺ پيرس ۾ داخل ٿي. روسي فوجي آفيسر جڏھن فرانس کان واپس آيا تہ پاڻ سان گڏ لبرل ازم وارا خيال کڻي آيا ۽ 1825ع ۾ انھن زار جي اختيارن گھٽائڻ لاء انقلاب جي ناڪام ڪوشش ڪئي. [[نڪولس پھريون (روس)|نڪولس پھرين]] جو جو قدامت پسند دؤر 1825ع کان 1855ع تائين ھليو جنھن بعد ڪرائميا واري جنگ ۾ شڪست روس جو يورپ ۾ غلبو ۽ اثر رسوخ گھٽائي ڇڏيو. 1847 کان 1851 دوران روس ۾ ڪالرا جي وبا ۾ ڏھ لک ماڻھو ھلاڪ ٿي ويا. نڪولس کان پوء اليگزينڊر ٻيون ()|اليگزينڊر ٻئين جو دور 1855 کان 1881 تائين ھليو جنھن دوران صنعتڪاري کي فروغ مليو ۽ روسي شاھي فوج کي جديد بڻايو ويو جنھن 1877 1878 جي روس ترڪ جنگ ذريعي عثماني خلافت کان بلقان جا گھڻا حصا آزاد ڪرايا. عثماني خلافت، قجر گھراڻي جي ايراني ۽ چين جي چنگ گھراڻي جي اثر رسوخ گھٽجڻ سان پيدا ٿيل خال کي برطانيه ۽ روسي ايمپائر ڀرڻ شروع ڪيو ۽ انھن ٻنھي ايمپائرن جي ڇڪتاڻ [[ وڏي راند]] (The Great Game) جو نالي سان مشهور ٿي<ref name="ninteenth">{{cite web|last=Curtis|first=Glenn E.|url=http://countrystudies.us/russia/6.htm|title=Russia - Transformation of Russia in the Nineteenth Century|year=1998|location=[[Washington, D.C.]]|publisher=Federal Research Division of the [[Library of Congress]]|access-date=25 June 2021}}</ref>. اڻويھين صدي دوران روس ۾ سوشلسٽ تحريڪن جي شروعات ٿي. 1881ع ۾ انقلابين جي حملي ۾ اليگزينڊر ٻيون مارجي ويو ۽ سندس جاءِ تي ان جو پٽ [[اليگزينڊر ٽيون (روس)|اليگزينڊر ٽئين]] جي تاج پوشي ٿي جنھن جو راڄ 1894 تائين پرامن طريقي سان ھليو جنھن بعد ان ساڳي سال روس جو آخري زار [[نڪولس ٻيون (روس)|نڪولس ٻيون]] تخت تي ويٺو. ان جي دور ۾ 1905 ۾ خوني انقلاب آيو جنھن کي [[خوني آچر 2005]] سڏيو ويندو آهي. ان انقلاب ۾ بغاوت کي تي چيڀاٽيو ويو پر حڪومت ملڪ ۾ 1906 واري آئين جي صورت ۾ تمام وڏا سڌارا آڻڻ تي مجبور ٿي. ماڻھن کي اظھار جي آزادي ۽ جلوس ڪڍڻ، سياسي جماعتن جي قانوني حيثيت ۽ [[ڊوما]] جي نالي سان چونڊ واري مقننه جي قيام وارا حق ڏنا ويا<ref name="ninteenth"/>.
 
===روسي سوشلسٽ ريپبلڪ ===
 
===روسي فيڊريشن ===