آرين جا خاندان ۽ بيٺڪون: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م خودڪار: خودڪار طور تي متن جي تبديلي (-category: +زمرو:)
ڳنڍڻن کي شامل/بهتر ڪيو
سِٽَ 1:
 
[[رگ ويد|رڳ ويد]] (Ragg Ved or Rug Veda) مان ڄاڻ پوي ٿي ته آڳاٽا [[آريا]] ستن ندين جا ڪنارا پاڻيءَ جي سهنج ڪري والاري ويٺا هئا، جنهنڪري سندن والاريل ملڪ ”سپت سنڌو“ يعني ست درياهو سڏبو هو. ڪن عالمن کي رگ ويد مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته '''انهن ستن ندين مان پنج نديون پنجاب واريون هيون، ڇهين سرسوتي ۽ ستين سنڌو'''، جنهن ۾ سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ نديون (Tributaries) يعني ڪابل ندي، گومتي (گومال)، سوات ۽ ڪرم به ليکيون وڃن ٿيون، جي تنهن وقت وهنديون هيون ۽ سنڌو نديءَ سان اچي گڏبيون هيون. ندين جا اهي سڀ نالا رگ ويد جي منڊل ڏهين ۾ ڏنل آهن. ان ۾ گنگا ۽ جمنا ندين جا نالا به ڄاڻايل آهن، پر اهي گهڻو پوءِ نامياريون ٿيون، ۽ پوتر ليکجڻ ۾ آيون- اول رڳو '''سرسوتي''' ندي پوتر ليکبي هئي ۽ سنڌو ندي وڏي ۽ مکيه هئي، تنهنڪري رگ ويد ۾ گهڻي ساک رڳو انهن جي لکيل آهي. انهن ندين جي ڪنارن تي آرين جون جيڪي بيٺڪون هيون، تن ۾ سنڌ، پنجاب، ڪشمير ۽ گنڌار (قنڌار) يعني هاڻوڪو پشاور ۽ ان جي آسپاس وارو ملڪ (هاڻوڪو افغانستان ۽ بلوچستان جي حدن تائين) اچي ٿي ويا. آرين جي انهن بيٺڪن کان ئي گهڻو اڳي، سور جونسي گهراڻي وارا ايوڌيا ۾، ۽ جندر ونسي گهراڻي وارا پرتيسٿان) الهه آباد) ۾ راڄ ڪندا هئا، پر اهي پاسا رگ ويد واري هندستان ۾ نه ليکيا اٿن، جو ان وقت شايد اڏهين اڻ آريه لوڪ گهڻا هئا. بنگال، بهار ۽ ٻين هنڌ به اڪثر اڻ آريه قومون رهنديون هيون، جي پڻ پوءِ آرين جي دفعي ۾ ليکجڻ ۾ آيون. سپت سنڌوءَ ۾ رهڻ ڪري آرين جو ملڪ ”سنڌو“ نالي مشهور ٿيو. سنڌ جو پرڳڻو به ”سنڌو“ سڏبو هو، جنهن جو اچار پوءِ ڦري ”هندو“ ٿيو، ۽ آهستي آهستي سڄو علائقو هندستان سڏجڻ ۾ آيو. سرسوتي نديءَ ۽ سنڌونديءَ جي وچ وارو ملڪ رگ ويد جي منڊل ٽئين (4،33) ۾ '''ديو ڪرت يوني''' ('''Davkrta yoni''') سڏيو ويو آهي، جنهنجي اکري معنيٰ آهي ”ديويا ڀڳوان جو جوڙيل ملڪ“ (God fashioned Country)، مطلب ته اهو ملڪ اهڙو سرسبز ۽ ڀريو ڀاڳيو هو، جو ڄڻ ته واليءَ خاص طرح ساڻس پنهنجو وڙ ڪيو هو، جنهنڪري آرين کيس اهو نالو ڏنو.
 
سنڌ ۾ سور جونسي: آرين ۾ هڪڙا سور جونسي ٻيا چندرونسي هئا. سور جونسي گهراڻي مان پهريون راجا اڪشو اَڪو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ايوڌيا هو، جو نالو هاڻ ”ائوڌ“ تي پيل آهي. اڪشو اڪو جي ڀيڻ جو نالو ”اِلا“ هو، جا ٻڌ سان پرڻيل هئي. ٻڌ جي پيءُ جو نالو ”سوم“ (چنڊ) هو، تنهنڪري انهيءَ خاندان وارا چندرونسي سڏبا هئا. چندر ونسي گهراڻي مان پهريون راجا پروروس هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ”پرتيسٿان“ (Partisthana) هو، جو هاڻ الهه آباد سڏجي ٿو. راجا پورس ۽ سندس اولاد ”آئل“ (Aila) يعني ”اِلا“ سڏيا ويا آهن. ميرو پربت کان وچ هماليه جبل واري واٽ وٺي اتر هندستان ۾ آيا هئا، جا ڳالهه پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي. اها هڪ وڏي سند آهي، جنهن جي آڌار تي اسان چيو آهي ته آريه اصل هندستان جا رهاڪو نه هئا؛ پر ميرو پربت کان آيا هئا.