پاڪ سنڌيانا ٻيٽ: جي ورجائن ۾ تفاوت

 
جناح اسٽیشن ٭ پاڪستان مسلم دنیا جو پھريون ملڪ جنھن [[انٽارڪٽيڪا|انٽارڪٽيڪا کنڊ]] ۾ قدم رکيو۔ پاڪستان ھن سائنسي تحقیق ۾ ان وقت شامل ٿيو جڏھن پاڪستاني سائنسدانن 18 جنوري 1991ء تي ھتي ’’جناح انٽارڪٽڪ ریسرچ اسٽیشن‘‘ قائم ڪئي۔ ڪوئین ماود لینڊ ھي ھڪ [[ناروي]] ملڪ جو حصو آھي پاڪستان جي ٽيم شامل ٿيڻ سان ناروي ملڪ جون مشڪلاتون اڃان بہ آسان ٿي ويون. ڇوتہ ناروي ھن ٻيٽ کا گهڻو پري ھو ۽ پاڪستان کان گهڻو پري نہ ھو، پر ھي حصو پاڪستان جي حصي ۾ شامل نہ آھي، انٽارڪٽیڪا تي سائنسي تجربا ۽ ریسرچ اسٽیشن قائم ڪرڻ جي لاء پاڪستاني سائنسدانن ۽ مھم جوئي ٽیم 12 ڊسمبر 1990ء ۾ ڪراچي کان ڪولمبیا لینڊ نالي جھاز ۾ روانا ٿيا۔ ھن ٽیم ۾ 40 ماڻهو شامل ھئا ۽ ھي وزارت سائنس ۽ ٽیڪنالوجي، نیشنل انسٽیٽیوٽ آف اوشنوگرافي، پاڪستان آرمي ۽ پاڪستان نيوي جي گڏيل مھم ھئي۔
 
 
[[File:Jenna Antarctica station c.jpg|thumb]]
مھم جي قیادت ڪموڊور وسیم احمد جي ذمي ڏني جنھن جو تعلق پاڪستان بحریہ سان ھيو، جڏھن تہ مھم جي چیف سائنٽسٽ ڊاڪٽر ایم ایم رباني ھيو. ھي نیشنل انسٽیٽیوٽ آف اوشنوگرافي سان تعلق رکندو ھو۔ ۽ ھي 25 جنوري 1991ء جي تاریخ ھئي ۽ جمعي جو ڏينھن ھيو۔ جڏھن قرآن جو پاٺ کانپوءِ انٽارڪٽيڪا جي سرزمین تي پاڪستان جي قومي تراني سان گڏ پاڪستان جو قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ پاڪستان جي معیاري وقت جي مطابق ڏينھن جي ساڍي یارھين بجي ٽیم جي سرواڻ ڪموڊور وسیم احمد جناح انٽارڪٽڪ ریسرچ اسٽیشن قائم ڪري ھن جون چاٻيون مھم جي چیف ساٽنٽسٽ ڊاڪٽر ایم ایم رباني جي سپرد ڪري ڇڏيون۔ جناح انٽارڪٽڪا ریسرچ اسٽیشن جي قیام تي پاڪستاني سائنسدانن جي لاءِ ھي ممڪن ٿي ويو تہ ھو سڄو سال مختلف موسمیاتي حالتن مثلاً ھوا جي رفتار، ھوا جو رخ، گرميءَ جو درجو، نمي جو تناسب، سج جي روشني، بارش ۽ برساتي پاڻي جي نڪاس وغیرہ جو لڳاتار مشاھدو ڪري سگھن ۽ ائين انٽارڪٽیڪٽا جي باري ۾ مڪمل معلومات حاصل ڪري سگھن۔
==حوالا==
١٬٠١٥

سنوارون