مير جان اللہ شاهه: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
== حوالا == {{حوالا|2}} {{سنڌي صوفي}}
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
م خودڪار: اضافو زمرا +صفائي (14.9 core): + زمرو:All stub articles
سِٽَ 2:
 
'''مير جان الله شاهه رضوي'''
[[سيد حيدر حقاني]] جي اولاد مان مير جان الله شاهه يا مير جان شاهه، وڏو بزرگ ۽ فارسي زبان جو باڪمال ۽ صاحب ديوان شاعر ٿي گذريو آهي. هو طريقت ۾ [[شاهه عنايت شهيد]] جهوڪ واري جو مريد ۽ وڏو خليفو هو، انهيءَ ڪري قادري طريقي ۾ آيو. شاهه شهيد جي شهادت تي ڏاڍو پر درد ۽ پرسوز[[ مرثيو]] فارسي زبان ۾ لکيائين. 4 - ربيع الاول سنه 1167 هه(1754ع) تي وفات ڪيائين.
سنڌي زبان جي باڪمال شاعر حضرت[[ قادر بخش بيدل]] روهڙيءَ واري جا وڏا هن بزرگ جا مريد هئا. حضرت بيدل به هن بزرگ جي سجاده نشين جو مريد هو. مير جان الله شاهه فارسي جو صاحبِ ديوان شاعر هو. سندس شعر نهايت اعليٰ درجي جو آهي، ۽ هندستان جي ان زماني جي شاعرن مرزا بيدل،[[ آزاد بلگرامي]] ۽ [[واقف بٽالوي]] جي مقابلي جو آهي. تصوف جي مضامين سان گڏ حسن و عشق جو ذڪر به دلگداز انداز ۾ ملي ٿو. فني پختگي، رواني ۽ اثر انگيزي سندس ڪلام جون خاص خصوصيتون آهن. سندس شعر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
صاحبِ تسليم را برهان نمي آيد بکار –
اهلِ دين را حکمت يونان نمي آيد بکار