"ڳوٺ ڳاها" جي ورجائن ۾ تفاوت

ماپ ۾ بدلاءُ ناھي ،  ٣ مهينا پهرين
سنوار جو تَتُ ڪونھي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار
ڳاها تي نالو ڳاها ڪيئن پيو اهو تاريخ ۾ اڻ جوابيل سوال رهندو پر گمان ڪري سگهجي ٿو ته ڳاها قبيلي جي پٺيان پيل ڀانئجي ٿو. ڳاها قبيلو سماٽ قبيلو آهي ممڪن آهي ته ڳاها قبيلو آباد هجي ۽ انڪري مٿس نالو ڳاها پيو. ڳاها دولھ دريا خان جو ڳوٺ هو.  ڳوٺ تي نالو شايد ڳاها قبيلي جي رهائش جي ڪري پيل ڀانئجي ٿو. بهرحال سنڌ جي سمورين تاريخن  شهيد دولھ دريا خان جي ٻن ڳوٺن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هڪ ٽلٽي ٻيو ڳوٺ ڳاها. دولھ دريا خان جي ٻنهي ڳوٺن ۾ رهائش ٻُڌائي وئي آهي. ڳاها ۾ کيس ڄام نظام الدين سمو عرف ڄام نندو طرفان جاگير عطا ٿيل هئي.<ref>{{حوالو_ويب|url=https://azizkingrani.wordpress.com/2014/12/18/ancient-sites-towns-and-villages/|title=Ancient sites, towns and villages|date=2014-12-17|website=Aziz Kingrani|language=en|access-date=2021-10-02}}</ref>
==تاريخ ۽ محل وقوع==
فارسي ۾ لکيل سنڌ جي اڪثر تاريخن ۾ ڳوٺ ڳاها کي ”ڪاهان“ لکيو ويو آهي. غلام محمد لاکو ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو ۾ لکي ٿو ته ”جڏهن ڄام فيروز ۾ دولھ دريا خان ۾ اختلاف پيدا ٿيو هئو ته دريا خان ٺٽو ڇڏي پنهنجي ڳوٺ ڳاها (ڪاهان) ۾ مقيم ٿيو. اتي مدرسو قائم هو جيڪو سڄي سنڌ ۾ مشهور هو. هتي هرات مان آيل سيد يار محمد ابهري، اثير الدين ابهري۽ سندس پٽ سيد عبدالعزيز ابهري پڙهائيندا هئا. مير علي شير قانع [[تحفتہتحفته الڪرام]] ۾ ڄائائي ٿو ته عبدالعزيز ابهري ڳوٺ ڳاها ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي دفن ٿيو. تاريخ [[جنت السنڌ]] ۾ مولائي شيدائي لکيو آهي ته دريا خان ڪجھ وقت حڪومت (ڄام فيروز جي) ۾ رهيو پوءِ عهدو ڇڏي ڳوٺ ڳاها وسايائين. مٿين سڀني تاريخن ۾ ڳاها پرڳڻي ۾ منڇر منجهان سائو يا سانوه (موجوده ساوڙو ،جوهي) واھ کوٽائن لاءِ ڄام نظام الدين عرف عام ڄام نندي دريا خان سان چاڳلو هندو به موڪليو هو.<ref>غلام محمد لاکو، ڪٿاب سنڌ جي تاريخ جو تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو</ref>
مغل دور ۾ ڳاها نه صرف اهم ڳوٺ هو پر سيوهڻ سرڪار جو پرڳڻو پڻ هو. تاريخ مظهر شاھجهاني جي مصنف يوسف ميرڪ موجب ڳاها سنڌ جو (سيوهڻ سرڪار جو) چوٿون نمبر پرڳڻو هو جيڪو سيوهڻ کان اتر اولھ ۾ 21 ميلن جي مفاصلي تي واقع هو. مورخ ميرڪ موجب راءِ چند گوريا (گھوريا) جو ڳاها پرڳڻي تي اثر هو. راءِ چند گھوريا ڳاها پرڳڻي ۾ علائقي جي ماڻهن (جاگيردارن) سان لڙايون ڪيون. ميرڪ موجب گھوريا [[سيوهڻ]] پرڳڻو به ٺيڪي تي کڻي جيسر نالي پنهنجي ماڻهو جي حوالي ڪيو هو. ميرڪ وڌيڪ لکي ٿو ته سيوهڻ سرڪار جي صوبيدار خواجه نورالدين جي ڏينهن ۾ ڳاها پرڳڻي تي گھوريا هندو جي پٽ ماڻڪ جي حڪمراني هئي. تڏهن ڳاها پرڳڻي ۾ ٻه حصا گھوريا ۽ سندس پٽ ماڻڪ جا هئا ۽ ٽيون حصو مرڪزي سرڪار جو هئو جيڪو به گھوريا ٺيڪي تي کڻي پٽ ماڻڪ جي حوالي ڪيو.<ref>يوسف ميرڪ، تاريخ مظهر شاهجاني، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو </ref>
تاريخ مظهر شاھجهاني مطابق گھوريا جي پٽ ماڻڪ ڳاها ڳوٺ ۾ قلعو تعمير ڪرايو جتي هن مغل ۽ افغان ماهر تير باز ۽ توبچي مقرر ڪيا هئا. قلعي جو نالو ڪنورڪوٽ هو. ماڻڪ جو پڻ ڳاها پرڳڻي تي وڏو اثر هو ماڻڪ جو ڳاها پرڳڻي ۾ پنهورن سان تڪرار رهيو. هن ڳاها جا پنهور سردار گهرائي ڳوٺ ڳاها واري ڪوٽ ۾ قيد ڪيا هئا ۽ پنهورن جي ڳوٺ سيڪڙجي (شڪارپور پنهورڪي؟) تي قبضو ڪيو هو. جنهن تي پنهور ڏمرجي پيا هئا. ماڻڪ ۽ مير پٽ عيسي پنهور ۾ سخت ويڙھ ٿي جنهن ۾ مير پنهور مارجي ويو.