سرمد سنڌي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
مضمون کي بهتر بڻايو حوالا شامل/بهتر ڪيا
سِٽَ 13:
'''سرمد سنڌي''' ([[انگريزي]]:Sarmad Sindhi)(جنم: 7 مئي 1958ع-لاڏاڻو:27 ڊسمبر 1996ع) [[سنڌ]] جو ناميارو ڪلاڪار ۽ گائڪ هو. کيس سنڌ جو ٻيجل سڏيو ويندو آهي.<ref>{{حوالو_ويب|url=http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=سنڌ%20جو%20ٻيجل|title=سنڌ جو ٻيجل : (Sindhianaسنڌيانا)|website=www.encyclopediasindhiana.org|language=sd|access-date=2021-09-30}}</ref>
 
== زندگي جو احوال ==
سرمد جو اصل نالو عبدالرحمان مغل هو. هن خيرپور ميرس جي هڪ ننڍڙي شهر پريالو ۾ 7 مئي 1958ع تي جنم ورتو.<ref>{{حوالو_ويب|url=http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=سرمد%20سنڌي|title=سرمد سنڌي : (Sindhianaسنڌيانا)|website=www.encyclopediasindhiana.org|language=sd|access-date=2020-01-21}}</ref> ننڍي عمر کان ئي کيس ڳائڻ جو شوق هو، سندس آواز ۾ تمام گهڻي ڪشش هئي. جڏهن سرمد سنڌيءَ جي پهرين آڊيو ڪيسٽ ريليز ٿي ته ان جو هڪ گيت ”سورن سندي سڪرات آ“ جيڪو استاد بخاريءَ جو لکيل هو تمام گهڻو مشهور ٿيو. عام طور سرمد، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳائيندو هو پر سندس سرائيڪي گيت به ڏاڍا مقبول ٿيا. سرمد سنڌي هڪ ڪار روڊ حادثي سبب هن دنيا مان 27 ڊسمبر 1996ع ۾ لاڏاڻو ڪيو.<ref>[http://sindhsalamat.com/threads/3172 رحمان مُغل عرف سرمد سنڌي سنڌي قومي گيتن ڳائيندڙ | SindhSalamat<!-- Bot generated title -->]</ref>
سرمد سنڌي جو ان حادثي کان اڳ به هڪ روڊ حادثو ٿيو هو، جنهن ۾ سرمد کي تمام گھڻا ڌڪ لڳا هئا. سندس ڀاءَ [[احمد مغل]] پهريان هن جا مشهور گيت ٻيهر ڳائي شهرت ماڻي، هاڻ هو پاڻ هڪ بهترين راڳي تسليم ڪيو وڃي ٿو. سرمد سنڌي جي قومي گيتن ڳائڻ جي ڪري کيس سنڌ جو قومي راڳي پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. سرمد سنڌي شروع ۾ ٽي ويءَ تان هڪ گيت ”لڳي رهي آ ٿڌڙي هير“ ڳايو جنهن جو شاعر سميع بلوچ آهي، جيڪو پڻ تمام گھڻو مشهور ٿيو. سرمد سنڌي، شاھ عبدللطيف ڀٽائيءَ جا پڻ ڪيترائي گيت ۽ وايون ڳايون آهن. سرمد سنڌي جا سنڌي انقلابي گيت تمام گھڻا مشهور ٿيا، جن ۾ ” او قاتل بدلو وٺنداسين، مان نٿو مڃان، انقلاب ساٿيو،“ ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي بهترين گيت ذڪر لائق آهن.
 
== حوالا ==
{{حوالا}}
== ٻاهريون لنڪون ==
* [http://en.wikipedia.org/wiki/Sarmad_Sindhi سرمد سنڌي انگلش پيڊيا]
 
[[زمرو:1996ع جون وفاتون]]
[[زمرو:پاڪستاني لوڪ راڳي]]
[[زمرو:سنڌي ٻولي جا راڳي]]
[[زمرو:ميرپور خاص ضلعي جا ماڻھو]]