اباڻا (فلم): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م JogiAsad اباڻا (سنڌي فلم) کي اباڻا (فلم) ڏانھن ريڊائريڪٽ مٿان چوريو
م خودڪار: اضافو زمرا +ڳنڌڻو (14.9 core): + زمرو:ڀارتي فلمون
سِٽَ 23:
|}
 
'''اباڻا''' 1958ع جي دور جي بليڪ ايڊ وائيٽ فلم آهي، هن فلم جو هدايتڪار ڌرم ڪمار (ديپڪ شهاءِ) آهي.ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ ٺهندڙ پهرين سنڌي فلم ’اباڻا‘ 24 جنوري 1958ع تي [[احمد آباد]] ۽ الهاس نگر ۾ رليز ٿي. فلم ۾ وچولي درجي جي خاندان جي ڪهاڻي ڏيکاريل آهي جيڪو ورهاڱي کانپوءِ ڏولاون ۾ آيل آهي . فلم ۾ شيلا راماڻيءَ هڪ ريلوي ملازم عورت ۽ هڪ پريمڪا جو ڪردار ادا ڪيو جيڪا ڪنهن شڪ جو شڪار ٿئي ٿي . اها ڪهاڻي ورهاڱي کان اڳ شروع ٿئي ٿي ۽ شڪ جو نبيرو ورهاڱي کانپوءِ ٿئي ٿو . ساڌنا جيڪا اردو/هندي فلمن جي مشهور اداڪاره هئي ، ان هن فلم ۾ هيروئن جو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ معاوضي طور صرف هڪ روپيو ورتو هو . ان کانسواءِ ديپڪ آشا ، ڀڏي آڏواڻي ، ماستر ششيل ، ڪان موهن ۽ ٻين اداڪار طور ڪم ڪيو . فلم جو ڊائريڪٽر ديپڪ آشا ۽ ارجن هڱوراڻي هئا . مشهور شاعرن پرسرام ضيا ۽ پرڀو وفا فلم لاءِ گيت لکيا ، جڏهن ته ماستر چندر ، بلوسي راڻي ، آسن ميراڻي ، سرلاسامتاڻي ۽ وديا گربخشاڻي گيت ڳايا هئا . هن فلم جا گانا به تمام گهڻا مقبول ٿيا . هيءَ فلم تمام گهڻو ڪامياب وئي . هن فلم جي وڊيو سي ڊي نڪتل آهي .<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%A8%D8%A7%DA%BB%D8%A7اباڻا اباڻا : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
 
== اداڪار ==
سِٽَ 34:
== حوالا ==
{{حوالا}}
[[زمرو:ڀارتي فلمون]]