شاھ عبداللطيف ڀٽائي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
معمولي ڪاپي ايڊٽ
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 4:
{{Infobox saint
| name = شاهہ عبداللطيف ڀٽائي
| image = Shah Abdul Latif BhittaiBhitai.jpg
| imagesize =
| alt =
سِٽَ 13:
|death_date = 1 جنوري 1752 (عمر 63 سال)
|death_place = [[شاهہ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار]]، [[ڀٽ شاھ]]، سنڌ
| influences = [[جلال الدين محمد رومي]]
[[فريد الدين عطار|عطار]]
[[سعدي (شاعر)|شيخ سعدي]]
[[ڪبير]]
[[شاهه حسين]]
| tradition = [[شاعري]]
| influenced = [[سچل سرمست]]
[[قادر بخش بيدل|بيدل]]
[[شيخ اياز]]
[[طالب الموليٰ]]
سِٽَ 19:
|venerated in = [[اسلام]]

'''شاھ عبداللطيف ڀٽائي''' ({{lang-en|Shah Abdul Latif Bhittai}}) سن 1689ع ۾ [[حيدرآباد]] ضلعي جي هاڻوڪي ٽنڊي آدم تعلقي جي هڪ ڳوٺ سُئي ڪنڌر، [[هالا]] حويلي ۾ ڄائو.<ref>http://www.wichaar.com/news/272/ARTICLE/15870/2009-08-22.html</ref>. شاھ عبداللطيف، حبيب شاھ جو پٽ، عبدالقدوس شاھ جو پوٽو، جمال شاھ جو پڙپوٽو ۽ جمال شاھ، شاھہ عبدالڪريم بلڙي واري جو ٽيون پٽ هو. شاھ تاڃيءَ پيٽي [[سيد]] هو. سندس والدهماءُ ڏيرن فقيرن منجهان هئي. سندن ڳوٺ ڀٽ کان ٿورو ئي پنڌ آهي، اڃان تائين ان ڳوٺ ۾ شاھ جا ڪنڊا نالي ديھ آهي.

== تعليم ۽ تربيت ==
چون ٿا تہ شاھ حبيب پنهنجي پٽ کي وائي ڳوٺ جي مشهور عالم [[آخوند نور محمد ڀٽي]]ءَ وٽ علم پرائڻ لاءِ موڪليو، وائيءَ جو ڳوٺ، ڀٽ کان ڇھ ۽ [[اڏيري لعل]] کان ٻہ ڪوھ پري آهي. چون ٿا تہ شاھ [[الف]] اچاري [[ب]] چوڻ کان نابري واري. شاھ صاحب [[امي]] (اڻ پڙهيل) هو يا نہ تنهن بابت جدا جدا عالمن جدا جدا رايا ڏنا آهن. ڪن جو چوڻ آهي تہ هو هڪ يگانو عالم هو ۽ ڪن صاحبن جو رايو آهي تہ مٿس علم لدني نازل ٿيل هو جو ڌڻيءَ طرفان ڪامل [[ولي|ولين]] کي عطا ٿيندو آهي.

شاھ صاحب سان اڪثر ٽي ڪتاب ساڻ هوندا هئا: [[قرآن شريف]]، مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنوي، شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام. انهن ڪتابن تي ڪنھن بہ هنڌ ڪجھ بہ لکيل ناهي جنھن کي شاھ جو دستخط چئجي. مير علي شير قانع ٺٽوي، جيڪو '''عبداللطيف''' جو معتقد هو سندس ئي زماني ۾ رهندو هو، سو پنھنجي ڪتاب تحفة الڪرام ۾ لکي ٿو جيتوڻيڪ عبداللطيف اڻ پڙهيل هو تہ بہ ساري عالم جو علم دل جي لڪيل تختيءَ تي لکيل هو. تحفه ڪرام شاه صاحب جي وفات کان صرف سورنھن سال پوءِ يعني 1786ع ۾ لکيل آهي انھي ڪري ڪي علامگياني ان کي هڪ اهم سند سمجهن ٿاحقيقتٿا، حقيقت ۾ عارفن اوليائن جو ذڪر ڪندي مير علي شير قانع وڃي ڪرامتن ۽ معجزن جي عشق ۾ گرفتار ٿيو آهي. سندس دفتر مان ڪو خاص تاريخي يا شخصي احوال خير ٿو ملي.

[[فائل:Dargah Hazrat Shah Abdul Latif Bhittai ra.jpg|280px|thumb|شاھ صاحب جي مزار جو منظر]]

== شاھ جو عشق ==
روايت آهي تہ شاھ ويھن ورهن جو ٿيو تہ کيس مجازي محبت جو ڪان لڳو. چون ٿا تہ [[ڪوتڙي]]ءَ جي [[مرزا مغل بيگ]] جو [[شاھ حبيب]] ۾ ڪامل ويساھ هو ۽ کيس دعا ڦيڻي لاءِ اڪثر پنھنجي گھر ۾ وٺي ويندو هو. هو آرغونارغون هو سندس گهر ۾ سخت پردو هوندو هو. سندس گهر ۾ اگهائي ٿي پوندي هئي تہ [[مرشد]] کي عرض ڪري دعا لاءِ وٺي ايندو هو. هڪ دفعي سندس نياڻي بي چاڪ ٿي پئي اتفاق سان ساڳي وقت [[شاھ حبيب]] جي طبيعت بہ ناساز هئي انهيءَ ڪري [[مرزا بيگ]] جي عرض تي پٽ عبداللطيف کي ساڻس وڃڻ جي هدايت ڪيائين. شاھ، مغل جي دختر جو حسن بيخود ٿي ويو ۽ سندس [[آڱر]] پنهنجي هٿ ۾ جھليندي چيائين،

{{cquote2|جنھن جي آڱر سيد هٿ ۾ تنھن کي لهر نڪو لوڏو|}}
سِٽَ 45:
== شاھ جو سير ۽ سفر ==

هڪ ڏينھن شاھ اوچتو ئي اوچتو بنا ڪنهن کي ٻڌائڻ جي [[جوڳي|جوڳين]] جي سنگ م [[هنگلاج]] ڏانھن هليو ويو. ڏسجي ٿو تہ هو ساڻن [[گنجي ٽڪر]] واري واٽ وٺي ويو هو ۽ سندن صحبت ۾ ٽي ورهيہ [[سفر]] ۽ [[سياحت]] ۾ رهيو. جوڳين جي صحبت ۾ جيءَ کي انيڪ جفائون ڏنائون. جھاني تجربا پرايائين ۽ اَملھ اتمڪ خزانا هٿ ڪيائين. [[هنگلاج]] ڏانھن ويندي ويندي جيڪي هنڌ ۽ مڪان ڏٺائين تن جو ذڪر سسئي وارن سرن سر کاهوڙي، سر رامڪلي وغيره ۾ ڪيو اٿس. [[هنگلاج]] کان موٽندي شايد ٺٽي کان سنڌو نديءَ وارو پتڻ اڪري [[مغلڀين]]، [[لکپت]]، [[هالار]]، [[دوارڪا]]، [[پور بندر]]، [[جھونا گڙھ]] [[گرنار]] ۽ [[کنڀات]] گھميو. چون ٿا تہ ٺٽي ۾ [[مخدوم معين]] ۽ ٻين عالمن فاضلن سان بہ رهاڻون ڪيائين. [[مخدوم معين]] کي [[مخدوم تارو]] بہ چوندا آهن. وطن ڏانهن ورندي [[جيسلمير]] ۽ ٿر بہ گهمندو آيو ٿو ڏسجي، سر مارئي ۾ ٿر جي نظارن ۽ ٿرين جي جي زندگيءَ جو اکين ڏٺو احوال ڏنو اٿس. ممڪن آهي تہ [[جيسلمير]] کان پنج ڪوهہ پري لڊاڻو ٽڪري ۽ ان سان لڳل ڪاڪ ڪنڌي بہ ڏسي آيو هجي سر مومل راڻو اهڙي شاهدي ڏئي ٿو،

{{cquote2|ساري ڏج سيد چئي، لڊاڻي تان لاءِ.|}}
سِٽَ 67:
== شاھ جي شادي ==
شاھ جي گهر موٽي اچڻ کان ستت ئي مٿس شاديءَ جو ٻنڌڻ پيو. جنهن جي ڪارڻ گهڻو وقت بيتاب ٿي [[جهنگ]] [[واديون]] ۽ رڻ ڦريو هو. تنهن سان ئي قدرت سندس ناتو جوڙيو. اها هئي مرزا [[معل بيگ]] جي نياڻي. [[بيبي سيده بيگم]] جنهن کي شاھ جا مريد پوءِ ادب وچان [[تاج المخدرات]] (ستين جو ڇٽ) سڏيندا هئا.
[[فائل:House of Shah Abdul Latif Bhittai 01.jpg|280px|thumb|شاھ صاحب جي حويلي]]
شاھ جي شادي ڪيئن ٿي، سا بہ هڪ حيرت جھڙي ڳالھ آهي. هڪ ڏينھن اتفاق سان ايئن ٿيو جو ڪي دَل ذات جا رهزن مردن جي غير حاضريءَ جو فائدو وٺي [[مرزا مغل بيگ]] جي گھر تي ڪاهي آيا سارو قيمتي سامان ٻهاري ويا. پوءِ مغلن [[هٿيار بند]] ماڻهو ساڻ ڪري [[ڌاڙيلن]] جو پيڇو ڪيو ۽ اچي شاھ جي پاڙي مان لانگھائو ٿيا. اها روئداد ڏسي شاھ سچي نيت سان پنهنجي ۽ پنهنجن ماڻهن جون خدمتون آڇين پر مرزا ان کي حقارت سان ٿوڪاري ڇڏيو شاھ کي انهيءَ تان ڏاڍو رنج رسيو چون ٿا تہ سندن زبان مان بي اختيار بد دعا نڪري وئي. مرزا پنهنجي ماڻهن سميت [[شاهينگن]] هٿان مارجي ويو. اهو حادثو 1124 هجريءَ مطابق سن 1813ع ۾ پيش آيو. مغلن جي زالن سيدن جو رنج مٽائڻ لاءِ اچي کانئن معافي ورتي. پوءِ [[مرزا مغل بيگ]] جي نياڻي جي شادي شاھ سان ڪريائون. بيبي صاحبہہ هڪ نهايت پاڪ دامن پارسا ۽ نيڪ اطوار عورت هئي [[شيخ سعدي]]ءَ جو فرمودو آهي،

{{cquote2|زن نيڪ و ففرزانجه و پارسا ، ڪند مرد درويش را پاشا.|}}
سِٽَ 78:
=== شاھ جو اولاد ===

شاھڻکي ڪو اولاد ڪو نہ ٿيو چون ٿا تہ بيبي صاحبہہ کي هڪوار اميد واري ٿي هئي. پر ڪهياء ٿي پيس انهيءَ جو ڪارڻ هن ريت ڄاڻايل آهي،

هڪ ڏينھن شاھ پنهنجي هڪ [[فقير]] کي پري کان سهڪندو ايندو ڏٺو پڇڻ تي معلوم ٿيس تہببيبي صاحبہہ کي پلي تي دل ٿي هئي ۽ اهو فقير ڊوڙي وڃي گهڻي پنڌ تان پلو هٿ ڪري آيو هو. اهو حال ڏسي شاهہ چيو تہ اهڙو [[اولاد]] ئي گھوريو جو ڄمڻ کان اڳي ئي منھنجي فقيرن کي ٿو رلائي.

شاهہ هميشہ چوندو هو تہ هي فقير ئي منهنجو اولاد آهن جن جون دليون عشق کان گهايل آهن [[تحقيق]] [[درويش]] جا مريد سندن نوري پت آهن.
سِٽَ 90:
== شاھ جا آخري ڏينھن ۽ وفات ==
[[فائل:Mausoleum of Shah Abdul Latif Bhittai 05.jpg|280px|thumb| مقبري اندر مزار جو منظر]]
شاهہ صاحب پيءُ جي [[وفات]] کان پوءِ رڳو ڏھ ورھيہ زندھ رهيو پيءُ جي گذر ئي کان پوءِ اتالي سميت ڪوٽڙي ڇڏي وڃي ڀٽ تي رهيو. سندس [[هاڪ]] هينئر هنڌين ماڳين پکڙجي ويئي ۽ ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو، وٽس سارو ڏينهن سرود ۽ سماع جاري رهندو هو دهلي جا ٻہ مشھور گويا اَٽل ۽ چنچل بہ اچي سندس خدمت م حاَضر ٿيا. [[راڳ]] شاھ صاحب جي جان هو. موسيقي يا ڳائڪيءَ جو جو ڪامل ڄاڻو هو پاڻ بہ پنھنجو چيل ڪلام ڳائيندو هو. چون ٿا تہ وفات کان ٿورو اڳ گهڻو ڪري هيٺين ڪافي چوندو رهندو هو. اها ڪافي [[سر سھڻي]] جي پھرين داستان کان پوءِ اچي ٿي

{{cquote2|ڪھڙي منجھ حساب. هئَڻ منهنجو هوت ري لا...|}}

شاه صاحب [[صفر]] مھيني جي 14 تاريخ 1165ھ مطابق 1752ع ۾ جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس عمر حضرت [[محمد]] صہ ۽ حضرت [[علي]] جي عمر جيتري ٿي. يعني 63 ورھ.

== شاھ جو عالمي شاعرن ۾ مقام ==
{{Refimprove section}} {{POV section}}
اسان جو موجوده دؤر ”بين الاقواميت“ تي نازان آهي، حالانڪہ انهيءَ نظريي جو بنياد، ديني خواه قانوني طور، اڄ کان تقريباً چوڏهن سؤ سال اڳي رکيو ويو. پر انهيءَ هوندي به اسين مسلمانن اڄ به دل جو جان سان پڪا ”قوم پرست“ آهيون. عجب تہ اهو آهي جو خود قرآن کي به ”قومي نظريي“ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جنهن جو لازمي نتيجو اهو نڪتو آهي جو هر معاملي ۾، ”منهنجو“ ۽ ”تنهنجو“ خيال ڪار فرما آهي ۽ انهيءَ ڪري هر ڪو ”پنهنجن“ شاعرن تي فخر ڪري ٿو. اهڙي خيال ۾ ڪو بہ حرج ڪونهي؛ بشرطيڪه ڪو صاحب محض ”پنهنجي“ کي چمڪائڻ خاطر ٻئي جي گهٽتائي نه ڪري. در حقيقت صحيح ذوق حسن مفقود آهي، انهيءَ ڪري ئي حسن کي انهيءَ لاءِ نٿو ساراهيو وڃي اهو حسن آهي، پر محض انهيءَ لاءِ ته اهو ”منهنجو“ آهي. تنهنڪري شاهه عبداللطيف متعلق ڪنهن به راءِ قائم ڪرڻ لاءِ اسان کيس انهيءَ ڪسوٽيءَ تي ڀيٽڻ نٿا گهرون، جا اسان جي پنهنجي دل چاهي ٿي؛ مگر ان لاءِ اسان اهي تنقيدي معيار مد نظر رکندا سون جي ٻاهرين غير جانبدار ماڻهو مقرر ڪيا آهن، ۽ جي اڄوڪي ادبي دنيا ۾ مسلم ۽ مروج آهن.

'''پهريون معيار''': اٽڪل هڪ سؤ سال اڳ ڪارلائيل (Carlyle) نظم کي ڇڏ نثر اختيار ڪيو ۽ چيائين: ”جيڪڏهن ويد، انجيل ۽ قرآن بہ نثر ۾ آهن تہ منهنجي لاءِ بہ اهو ئي ڪافي آهي“. نظم نويسن جي استفادي خاطر وڌيڪ هيئن بہ چيائين: جيڪڏهن اوهان جو نظم ڳائڻ جي لائق نہ آهي تہ ان کي ”شعر“ هرگز نٿو چئي سگهجي ۽ ان جو لکڻ ئي فضول آهي“.

هاڻي اچو ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي شاعر کي انهيءَ ڪسوٽي تي پرکيون. پوءِ خواه کڻي اهو شيڪسپيئر (Shakespeare) هجي يا ملٽن (Milton) تائين، ۽ ڏسون ته اهو انهيءَ معيار تي پورو اچي ٿو؟ پر انهيءَ فيصلي کان اڳ اچو ته انهن متعلق جيڪي ڪجهه پاڻمرادو طئي ٿي چڪو آهي، انهيءَ تي غور ڪريون. سوال آهي ته آيا سندن شعر جو هر هڪ مصرعو خود سندن ملڪن ۾ هن کان اڳ ڳائجي چڪو آهي يا نه؟ هن سلسلي ۾ هن سوال کي ته آيا سندن ڪلام هن وقت به ڳائڻ جي لائق آهي يا نه، ڀل کڻي درڪنار ڪجي انهيءَ باري ۾ موجوده نئين روشنيءَ جو صاحب مبادا مرڪي چوي: ”پر، سندن سمورو ڪلام ڪو ڳائڻ – جوڳو (Lyrical) نه آهي، پر اهڙن ٻين عنوانن تي مشتمل آهي جن جو ڳائڻ لازمي نه آهي“. هائو، پر اهو دليل ڪار لائيل جي نظريي جي عين مطابق ناهي.

لطيف پنهنجي بيتن کي ڪڏهن بہ هڪ ”ڪارنامو“ ڪري نه ڄاتو، ڇاڪاڻ ته سندس واسطي انهن جي چوڻ ۾ ڪنهن به خاص قسم جي ڪوشش جي ضرورت ئي ڪانه هئي. هن اهي بيت هڪ اهڙي وجداني ڪيفيت ۾ چيا، جنهن ۾ ”ڪوشش“ جي گنجائش ئي ڪانه هئي. انهيءَ ڪري هن پنهنجي شعر کي ”نياپو“ ڪري سڏيو ۽ سندن شعر جو هر هڪ مصرعو، بنا ڪنهن خاص تاڪيد جي ڳائجي رهيو آهي. جن ماڻهن سندن ڪلام کي سمجهيو آهي، خواه اهي ماڻهو جن ان کي ذري جيترو به ڪين سمجهيو آهي، سڀيئي سندس بيتن کي آلاپين پيا. بهر حال سندس شعر ڳائجي پيو ۽ ماڻهن کي ان جي ڳائڻ کان ڪير به موڙي نٿو سگهي. هيءَ حقيقت ڪارلائيل جي نظريي جي مڪمل تائيد ڪري ٿي ته بيشڪ شعر اهو آهي، جنهن کي هر هڪ ماڻهو پڙڻ جي بدران ڳائڻ ئي چاهي ٿو.

جيئن اسان راڳ کي ” آوازن جي تنظيم“ سمجهون ٿا، تيئن هڪ عرب مصنف شعر کي ”لفظن ۾ سمايل راڳ“ ڪري ڄاڻايو آهي، يعني ته هو انهيءَ نظريي کي ترجيح ڏئي ٿو ته هر مصرع ترنم جي خصوصيت جو هجڻ شعر جو هڪ لازمي جز آهي. بس! دنيا جي سڀني وڏن شاعرن جي ڪلام کي پرکڻ لاءِ اها پهرين ڪسوٽي آهي. ڪو به صاحب انهن کي انهيءَ ڪسوٽيءَ تي ڀيٽي پنهنجو نتيجو ڪڍي سگهي ٿو.

ممڪن آهي ته ڪو صاحب مختلف شاعرن جي ڪلام جي ضخامت جي حجت اٿاري، پر انهيءَ ڏس ۾ به لطيف جي ڪلام ذخيرو دنيا جي اڪثر وڏن شاعرن جي ڪلام جي ذخيرو جي ڀيٽ ۾ ڪافي ڪجهه آهي. سندس رسالي ۾ ڪم و بيش 36 مختلف عنوان آهن ۽ ان مان هر هڪ جا ڪيئي مختلف داستان آهن. انهيءَ لحاظ سان به، سواءِ شيڪسپيئر ۽ گوئٽي جي، ٻين ڪن ٿورن شاعرن جي ڪلام جو ذخيرو سندس ڀيٽ ۾ اچي سگهندو.

'''ٻيو معيار''': ٻيو معيار، جو موجوده دؤر جا وڏا وڏا نقاد شعر کي پرکڻ لاءِ تسليم ڪن ٿا، سو هيءُ آهي ته: آيا شاعر جي ڪلام جي ڪنهن به مصرع ۾ ڪو به اهڙو لفظ بدلائي سگهجي ٿو؟ جو انهيءَ تبديلي سان مصرع کي زياده مؤثر يا فصيح بڻائي سگهي، يا ان ۾ وڌيڪ ترنم پيدا ڪري سگهي؟.
سِٽَ 137:

== حوالا ==
{{حوالا|2}}
{{coord|25|48|24.21|N|68|29|28.76|E|display=title}}
{{سنڌي صوفي}}