"ٻڌمت" جي ورجائن ۾ تفاوت

٩٣ بائيٽون واڌ ،  ٢ مهينا پهرين
م
خودڪار: اضافو زمرا +ترتيب (14.9 core): + زمرو:GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
(معمولي ڪاپي ايڊٽ اسٽائيل کي بهتر ڪيو)
ٽيگَ: 2017ع ذريعو سنوار
م (خودڪار: اضافو زمرا +ترتيب (14.9 core): + زمرو:GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون)
 
 
[[گوتم ٻڌ]] پنھنجي پنٿ ۾ چار سچ بيان ڪيا (1) زندگي ڏک ئي ڏک آھي (2) ڏک جو سبب نفساني خواھشون آھن (3) نفساني خواھشن جي خاتمي سان ڏک پاڻمرادو نشٽ ٿي وڃي ٿو ۽ (4) نفساني خواھشن جي ناش لاءِ ”نرواڻ“ (مڪتي) حاصل ڪيو وڃي. ٻيءَ معنيٰ ۾ ٻڌ ڌرم ۾ سڄو زور ”نرواڻ“ حاصل ڪرڻ تي ڏنل ھو، مھاتما گوتم ٻڌ ”نرواڻ“ جي حاصلات لاءِ ھيٺيان ٨ اصول بيان ڪيا:
# ''صحيح ارادو ۽ تڪميل جو عقيدو، يعني دنيا ۽ زندگيءَ جي اصليت کي صحيح نموني سڃاڻڻ، سمجھڻ ۽ ڏسڻ''
# ''صحيح، مثبت ۽ حقيقت پسنداڻي سوچ، جنھن ۾ غلط ۽ ناپائيدار شين کي حاصل ڪرڻ جو خيال به نه اچي. نفساني خواھشون ترڪ ڪرڻ ۽ اھنسا واري واٽ وٺڻ''
# ''عملي طور صحيح چلت، سٺي ۽ مناسب نموني سان ڳالھائڻ''
# ''صحيح ۽ حق حلال لاءِ جاکوڙڻ، جنھن ۾ مناسب طريقي سان ڪمائي زندگي گذارجي.''
# ''سچ ڳالھائڻ''
# ''سٺن ۽ صحيح تجربن ۽ مشاھدن جي يادگيري ڪرڻ''
# ''صحيح نيڪ نيتي، سٺين ڳالھين کي ياد رکڻ ۽ فضول ۽ خراب ڳالھين کي وسارڻ''
# ''صحيح ۽ سچائيءَ تي ٻڌل عبادت.''
 
== شرڌا (عقيدا) ==
ٻڌ ڌرم کي موريا خاندان جي راجائن تمام گھڻو زور وٺرايو، جنھن سبب اھو دنيا جي وسيع خطي ۾ پکڙجي ويو، ھندستان ۾ مھاراجا اشوڪا جي دور (3 صدي ق. م) ۾ ٻڌمت اوج تي ھو. مھاراجا اشوڪا، [[سنڌ]]، [[بلوچستان]] ۽ [[افغانستان]]، سوات، ڪشمير ۽ نيپال تائين ٻڌ ڌرم جا ڪيترائي ڪتبا کڙا ڪرايا، جن مان ڪي اڄ به موجود آھن. 647ع ۾ راجا ھرش جي دؤر حڪومت ۾ ٻڌ ڌرم جو زوال ٿيڻ لڳو. ھرش کان پوءِ راجپوتن زور ورتو، جيڪي ڪالي ديويءَ جا پوڄاري ۽ ٻڌمت جا دشمن ھئا، جنھنڪري ٻڌ ڌرم هوريان هوريان ھندستان مان گھٽجڻ لڳو،پر لنڪا ۽ برما ۾ قائم رھيو. چين ۾ ھيءُ ڌرم پھرين صدي عيسويءَ ۾ داخل ٿيو، بعد ۾ ڪوريا جي رستي چين مان جپان پھتو، ھن وقت به ٻڌ ڌرم ڪيترن ئي ملڪن ۾ زندھ مذھب آھي ۽ دنيا جي ٽن وڏن مذھبن (اسلام، عيسائيت، يھوديت، سان گڏ چوٿون مذھب شمار ٿئي ٿو.
 
== پنٿ ==
ھن وقت ٻڌمت ۾ چار خاص پنٿ (فرقا) آھن (1) ظاھر ۽ باطن ۾ ھر شيءِ جي وجود کي تسليم ڪندڙ (2) فقط ظاھري شين جي وجود ۽ انھن مان علم حاصل ڪرڻ واري فلسفي کي مڃيندڙ (3) ظاھري شين جي وجود کان انڪار ڪندڙ، جيڪي ظاھر کي خواب يا عقلي پيدائش تسليم ڪن ٿا ۽ (4) ظاھر ۽ باطن ۾ ڪنھن وجود کي تسليم نه ڪندڙ، جن جي عقيدي موجب ڪنھن به قسم جي تخليق نه ٿي آھي ۽ نه ٿيندي.
 
''ھندستان ۾ ٻڌ مذھب نالي ماتر وڃي رھيو آھي ۽ ان جو اصل روح ختم ٿي چڪو آھي. ھندو ڌرم وارن مھاتما گوتم ٻڌ کي وشنو جو اوتار سمجھي ان جي ضروري تعليم کي ھندو ڌرم ۾ شامل ڪري ڇڏيو آھي ۽ ان کي پنھنجي ئي ڌرم جي شاخ سمجھڻ لڳا آھن، جنھنڪري ٻڌ مت جي جدا حيثيت وٽن ڄڻ ته ختم ٿي چڪي آھي. ٻڌ ڌرم جي پوڄارين کي ”ٻوڌي“ ۽ مذھبي تبليغ ڪندڙن کي ”ڀڪشو“ چيو وڃي ٿو. چين ۾ ٻڌ ڌرم پهرين صدي عيسويءَ ۾ پهتو ۽ بعد ۾ ڪوريا جي رستي جاپان پهتو. هتي ان ”مهايان“ مت جي صورت اختيار ڪري ورتي. تبت ۾ ٻڌ ڌرم، لاما ڌرم ٿي ويو، هن ڌرم ۾ گهڻا فرقا پيدا ٿيا، جن مان ”زين“ به هڪ آهي.''
 
== خانقاھ ==
 
ٻُڌن جي خانقاهه کي ’وِهار‘ چئبو آهي ۽ عبادت جو مکيه مرڪز اسٽوپا ٿئي ٿو. ڪن اسٽوپائن جي وچ ۾ مهاتما گوتم ٻڌ جون هاٺيون به دٻليءَ ۾ بند ڪري پوريون ويون هيون. سنڌ ۾ به وِهار ۽ هاٺيون پوريل اسٽوپا مليا آهن.
ھِنايان پنٿ وارن جو بنيادي زور ٻُڌ جي اَٺن اصولن واري واٽ، جوڳ ۽ مراقبن تي ھو. ان ريت باقي دنيا ان مَت ڏانھن مائل ٿيڻ کان قاصر ھئي. مھايان پنٿ ھِنايان ۾ ترميم ڪري ٻُڌڪن اصولن ۾ ردوبدل ڪئي. بادشاھن ۽ رياست جي ٻُڌ ٿيڻ کان پوءِ ان جي توسيع ۽ حفاظت لاءِ فقط ٻُڌ راھبن سان سماج ھلي نه ٿي سگھيو، ان لاءِ سڄي پورھيت طبقي ۽ رياستي نظام کي ان ھيٺ رکڻو ھو. مھايان پنٿ ھِنايان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ماڻھن کي ٻُڌ مَت ۾ شامل ڪري سگھيو ٿي، ۽ ايئن ئي ٿيو. پوءِ، ان ئي مھايان (وڏي گاڏي) طبقي Theravada پنٿ کي ھِنايان (ننڍي گاڏي) چيو.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=ٻڌمت ''انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي لئنگيج اٿارٽي، حيدرآباد.]</ref>
 
== حوالا ==
{{حوالا|2}}
 
[[زمرو:ٻڌمت|ٻڌمت]]
[[زمرو:مذهب]]
[[زمرو:GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون]]
١٤٬٤٧٨

سنوارون