ڪاٺيا بازار: جي ورجائن ۾ تفاوت
Intisar Ali (بحث | ڀاڱيداريون) نئون صفحو: {{Infobox settlement | name =ڪاٺيا بازار (نصيرآباد) | official_name =Deh Kathia Bazar | native_name = ديھ ڪاٺيا بازار | native_name_lang = سنڌي | settlement_type = ديھ | image_skyline = | imagesize = 220px | image_alt = | image_caption = | image_map = | map_caption = | pushpin_map =Sindh#Pakistan |... ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار وڌيل موبائل سنوار |
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)
|
ورجاءُ بمطابق 22:29, 23 جُولاءِ 2021ع
ديھ ڪاٺيا بازار(انگريزي: Deh Kathia Bazar) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي نصيرآباد تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا نصيرآباد تپي ۾ واقع آهي.
ڪاٺيا بازار (نصيرآباد) ديھ ڪاٺيا بازار | |
---|---|
ديھ | |
Deh Kathia Bazar | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°22′33″N 67°55′38″E / 27.37583°N 67.92722°Eمڪانيت: 27°22′33″N 67°55′38″E / 27.37583°N 67.92722°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | نصيرآباد تعلقو |
تاريخ
بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1881ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ صادق ڳنوار، ٿرڙي وارو مقام، ڳوٺ ڳوانسر، جنھن لڳ گھر گکڻ گوانسر جا، مقام عمر فقير جو، ڳوٺ نصيرآباد جنھن لڳ انجنيئري بنگلا، مسڻ ۽ گھر رنگيلين جا، ڳوٺ سونو گوندل واقع ھيا. ديھ مان ڳوٺ نصيرآباد ڀرسان چيلو واھ ۽ لاڙ واھ گذرندڙ ھئا. ھاڻي ھن ديھ ۾ نصيرآباد شھر جو اوڀرندو حصو واقع آهي جنھن ۾ نصيرآباد شھر جو پراڻو حصو، گرڊ اسٽيشن، نصيرآباد ڊگري ڪاليج ۽ باء پاس وارو علائقو پڻ شامل آھن.
جاگرافي
ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ واسو ڪلھوڙو، ديھ گل سانگھرو ۽ ديھ مرادي، اولھ ۾ ديھ نصيرآباد، اوڀر ۾ ديھ گڪو ۽ ديھ بٺ ۽ ڏکڻ ۾ ديھ چنجڻي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. نصيرآباد باڊھ روڊ ھن ديھ مان گذرندڙ آھي.
آبادي
2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,875 ھئي جيڪا 571 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].