شھر: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ
←‏پور يا پر: درستگی
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 5:
== پور يا پر==
 
هن وقت ”پر“ (پور) لفظ جي عام طرح معنيٰ ناهي ”شهر“ جهڙوڪ: خيرپور، ميرپور ۽ نصرپور. رگ ويد جي منڊل پهرئين (53، 785، 8)، منڊل ٽئين (15، 4؛ ۽ ٻين منڊلن ۾ ”پُر“ لفظ ڪوٽ يا قلعي جي معنيٰ سان ڪم آيل آهي. هاڻوڪي سنسڪرت ۾ به ”پُر“ (پُور) لفظ جي معنيٰ ”شهر“ به آهي ته ”قلعو“ به آهي. ساڳي لفظ جون اِهي ٻه معنائون هن ڪري ٿيون آهن، جو اڳي جيڪي شهر هوندا هئا، تن کي عالم پناهه ڏنل هوندي هئي. هن وقت به جيسلمير ۽ ٻيا ڪي شهر قلعن يا عالم پناهن جي اندر آهن. اِهو رواج سنڌ ۾ به عام هو. مثلاً شڪارپور جو شهر، ويجهڙائيءَ جو ٻڌل آهي، سو سڄو ئي قلعي جي اندر هوندو هو. شهر ۾ آمدرفت لاءِ جدا جدا پاسن کان دروازا هوندا هئا، جي اڄ تائين لکي در، هاٿي در، هزاري در، سوي در ۽ ٻين نالن سان سڏجن ٿا. شڪارپور کان گهڻو پوءِ ڪراچيءَ جو شهر ٻڌو. اصلوڪو ڪراچيءَ جو شهر به قلعي اندر هوندو هو، جنهن کي ٻه دروازا هوندا هئا، هڪڙو دروازو سمنڊ جي طرف هوندو هو، تنهنڪري اُهو ”کارو در“ سڏبو هو، ۽ ٻيو دروازو لياري نديءَ جي مٺي پاڻي طرف هوندو هو، تنهنڪري اُهو ”مٺو در“ سڏبو هو. شڪارپور ۽ ڪراچيءَ جا وارا قلعا ڳچ وقت کان ڊهي ويا آهن، ته به دروازن جا اُهي نالا اڄ تائين هليا اچن، اِهي ٻئي شهر قلعن اندر ٻڌل هئا، جنهنڪري چئبو ته شهرن جي چوڌاري عالم پناهه يا قلعن ٻڌڻ جو رواج، جو رگ ويد واري زماني ۾ هو، سو پوءِ به سنڌ ۾ ساندهه هلندو پئي آيو. پروفيسر پٽي واري سنسڪرت ڊڪشنريءَ ۾ ڄاڻايل آهي ته ”پُر“ اُنهيءَ عالم پناهه ڏنل شهر کي چئبو آهي، ”جنهن ۾ وڏيون عمارتون هجن، چوڌاري کاهي هجي ۽ جنهنجي اِراضي هڪ ڪوهه کان گهٽ نه هجي“<ref>{ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو {{cite web|url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page19.html}}}
</ref>.