ڪنواري مينار (باڪو): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
←‏اتهاس: ڳنڍڻن کي شامل/بهتر ڪيو باھ مندر
Removing Tahir_Salakhov_Maiden_Tower.jpg, it has been deleted from Commons by Fitindia because: No permission since 21 May 2021.
سِٽَ 69:
هڪ زماني ۾، هتي باڪو جو هڪ آڳاٽو (پراچين) ڳڙھ-شهر هو. هن ڳڙھ (قلعي) کي باهه-جو-مندر هو. گهڻو آڳاٽي زماني ۾، هڪ دشمن ان قلعو کي گهيري ۾ آندو هيو. دشمن باڪو جي ماڻهن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر هنن انڪار ڪيو. انهي ڪري دشمن قلعي کي تباهه ڪرڻ ۽ سڀني رهاڪو (رهواسين) کي غلام طور تي گرفتار ڪرڻ لاءِ گهيرو شروع ڪيو. ڪيترائي قلعي جو بچاءُ ڪندڙ (محافظ) دشمن جي حملن کي روڪڻ جي جاکوڙ ۾ مارجي ويا. انهيءَ مهل، دشمنن جي سئناپتي (سپھ سالار، ڪمانڊر) پاڻي جي فراهمي جي قطار (لائين) کي ڪٽڻ جو حڪم ڏنو. تنهنڪري هر ڪو قلعي اندر اڃايل هو. ڪوبه پاڻي نه کاڌو، رُڳو رت ۽ موت. ۽ [[ماگي|مکيا ماگي Magi]]، ٻين پادرين سان گڏجي، قلعي اندر باهه واري مندر ٽاور جي پوتر باهه جي پُوڄا ڪئي، ۽ [[اهورا مزدا|اهورا مازدا Ahura Mazda]] جي خدا کان ماڻهن جي سهائتا لاءِ دعا گهُري. انهي ڏينهن رات اهورا مازدا کان دعا گهُرڻ لڳا تہ هو سندن جان بچائي ۽ دشمن کي پوئتي موٽائي. آخرڪار، هن سندن دعا ٻڌي. ٻئي ڏينهن تي، ماڻهن ڏٺو تہ پوتر باهہ جو هڪ وڏو ٽڪرو باهہ جي مندر واري ٽاور تان مٿان هيٺ ڪِري پيو. هڪ سُندري ڇوڪري باهه منهجان نروار ٿي آئي، ان کي ڊگها باهه جي رنگ وارا وارَ هيا
ماڻهن جو ميڙُ گوڏن ڀَر ڪِري پيو، ۽ سندس پُوڄا ڪرڻ لڳا، هن چيو:"فڪر نہ ڪريو، آئون توهان جي سهائتا ۽ حفاظت ڪنديس، مونکي تلوار ۽ مٿو لوهہ وارو ٽوپ (هيلمٽ) ڏيو. دشمن منهنجي ڇوڪراڻا وار نہ ڏسڻ گهرجن، قلعو جو دروازو کليل هجي." انهيءَ مهل، دشمن جو سئناپتي ٻاهر قلعي جي پهلواڻ سان آمهون سامهون ويڙهہ جي انتظار ۾ هيو. جيڪڏهن قلعي جو پهلواڻ ويڙهہ کٽي وڃي ها، تہ پوءِ دشمن جي سئنا (لشڪر، آرمي) پوئتي هٽي وڃي ها، پر جيڪڏهن دشمن کٽيو، تہ پوءِ اهي قلعي تي قبضو ڪندا ۽ سڀئي رهواسي غلام ٿي وڃن ها. قلعي جو دروازو کوليو ويو ۽ دشمن جي سئناپتي ڏٺو تہ هڪ پهلواڻ کيس وڙهڻ اچي رهيو هو. ڳري جنگ هلي. خدا جي برڪت واري لمحن مان هڪ ۾، قلعي جي پهلواڻ دشمن کي گهوڙي تان هيٺ ڪيرايو ۽ ان جي ڳچيءَ ۾ ڇُري (چاقو) سڌو سنئون وڌائين. دشمن جي سئناپتي (سپهہ سالار) رڙ ڪندي چيو:"توهان کٽيو! توهان ڪير آهيو؟ پنهنجو لوهي ٽوپلو (هيلمٽ) لاهيو. مان توهان جو مُنهن کي ڏسڻ چاهيان ٿو، پهلواڻ!". هن مٿي تي پاتل لوهي ٽوپلو (هيلمٽ) لاٿو، ان ڏٺو تہ قلعي جو پهلواڻ وڏن آتشي رنگ جي وارن واري هڪ سُندر ناري هُئي. هن اچرج مان چيو:"ابول، تون هڪ ڇوڪري آهين! تون بهادر ۽ خوبصورت ڇوڪري آھين! جيڪڏھن باڪو جون ناريون ايتريون بهادر هونديون آھن، تہ توھان جي قلعي تي ڪڏهن بہ محاصرو نہ ڪندس، سُهڻي! مون کي قتل نہ ڪريو!. هو سندس حسن ۽ بهادري سبب سندس پيار ۾ پئجي ويو. هن کيس ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ چيو. بلڪل، ڇوڪري کيس قتل نہ ڪيو. هوءَ پڻ هن جي کُليل دل سبب سندس پيار ۾ پئجي وئي. اهڙي ريت، دشمن باڪو تي قبضو نہ ڪيو ۽ مقامي ماڻهن ان ٽاور جو نالو ان سُهڻي ڇوڪري جي نالي طور ڪُنواري ٽاور (ميڊن ٽاور) رکيو.<ref name="azglobalcontext.org">Mahir Khalifa-zadeh and Leyla Khalifazadeh, The Legend of Baku Maiden Tower (Zoroastrian legends), http://www.azglobalcontext.org/2017/02/the-legend-of-baku-maiden-tower_17.html</ref>
 
[[فائل:Tahir Salakhov Maiden Tower.jpg|thumb|طاھر صلاحوف جي ٺاهيل ميڊن ٽاور جي پينٽنگ]]
 
===ڏند ڪٿا باڪو ٽاور جي باهہ ٻرڻ ڇاڪاڻ بند ڪيو===