ايريزونا: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 168:
 
== تاريخ ==
جديد زماني کان هزارين ورهيه پهرين هتي آمريڪا جي اصلوڪن رهواسين جا ڪئين قبيلا آباد هئا. هوهوڪام (Hohokam)، موگولون (Mogolon) ۽ پوئبلون (Puebloan) قبيلن جي ثقافت ۽ ريتون ۽ رسمون هن سڄي رياست ۾ رائج هيون. هنن جون وسنديون ۽ واهڻ، جبلن تي ٿيل چٽسالي ۽ اهڙي قسم جا ٻيا تاريخي يادگار اڃا تائين موجود آهن جن کي ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا مان هزارين سيلاني هن رياست جو رخ ڪن ٿا. 1539ع ۾ اسپين جو پادري مارڪوز ڊي نيزا () يورپ جو پهريون ماڻهو هو جيڪو هنن اصلوڪن رهواسين سان لھ وچڙ ۾ آيو. هن موجودھ ايريزونا رياست جا ڪجھ حصا گهمي ڏٺا ۽ هتان جي رهواسين سان ملاقاتون ڪيون. انهن ڏينهن ۾ اسپين ۾ اها ڏندڪٿا مشهور هئي ته ايريزونا ۾ ست اهڙا شهر موجود آهن جيڪي سڄا سون مان ٺهيل آهن. انهن شهرن کي ڳولڻ لاءِ اسپين جو سياح ڪورونيدو (Coronado) سال 1540ع کان 1542ع تائين اهي سونا شهر ڳوليندو رهيو پر کيس اهڙو ڪوبه شهر نه مليو. ان ئي دور ۾ هتي پهريون ڀيرو اسپيني لوڪن پنهنجون وسنديون قائم ڪيون. اٽليءَ جو پادري جُوسبيو ڪينو (1645ع ــ 1711ع) ٻيو وڏو يورپي پادري هو جيڪو هن علائقي ۾ عيسائي مذهب جي پرچار لاءِ آيو. هن ڪيترن ئي اصلوڪن رهواسين کي عيسائي بنايو. 1752ع ۾ اسپين مان لڏي آيل ماڻهن ٽيوبيڪ (Tubac) شهر جو بنياد وڌو. 1775ع ۾ هنن ٽڪسن (Tucson) شهر قائم ڪيو.
 
1881ع ۾ جڏهن ميڪسيڪو اسپين کان آزادي حاصل ڪئي ته ايريزونا وارو علائقو ميڪسيڪو جو حصو بنجي ويو. البت يورپ کان لڏي آيل اسپيني اتي ئي رهيا ۽ هنن هي علائقو نه ڇڏيو. 48 ــ1847ع ۾ آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ جنگ لڳي جنهن ۾ آمريڪا سوڀارو ٿيو ۽ موجودھ ايريزونا جو وڏو حصو آمريڪا جو حصو بنجي ويو. 1848ع ۾ آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو جنهن تحت آمريڪا 15 ملين ڊالر ميڪسيڪو کي ادا ڪري ايريزونا جا باقي رهيل حصا آمريڪا ۾ شامل ڪري ڇڏيا.
سِٽَ 177:
[[فائل:Mexico 1824 (equirectangular projection).png|left|thumb|سال 1824 جي ميڪسيڪو جي پھرين ريپبلڪ جو نقشو جنھن ۾ الٽا ڪيليفورنيا ايرزونا سميت ميڪسيڪو جو حصو ڏيکاريل آهي]]
 
1847 18481847ع ۾ آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ جنگ ھلي ۽ آمريڪي فوج ميڪسيڪو سٽي۾ داخل ٿي تہ آمريڪا ميڪسيڪو جي اتر وارن علائقن جو دعويدار ٿيو ۽ موجوده ڪيليفورنيا رياست سميت موجوده ايرزونا جو علائقو آمريڪي قبضي ۾ اچي ويو جنھن جو نالو 1863 ۾ ايرزونا ٽيريٽري رکيو ويو ۽ 19121912ع ۾ اھا رياست قرار ڏئي آمريڪا جي يونين۾ شامل ڪئي وئي.18481848ع واري گوئاڊلوپي ھڊالگو واري معاھدي (Treaty of Guadalupe Hidalgo) به ۾ اھو طئي ٿيو ته انھن آمريڪا جي قبضي ۾ ايندڙ علائقن ۾ ميڪسيڪو جي اڳوڻن شھرين جي ٻولي ۽ ثقافت برقرار رھندي ۽ آمريڪا انھن علائقن جي عيوض ان دؤر جا پندرهن ملين ڊالر( ھاڻوڪا 424269230.77 ڊالر) معاوضو ميڪسيڪو جي ريپبلڪ کي ادا ڪندو <ref>
[[Mexican–American War]] as accessed on March 16, 2007, at 7:33 MST AM</ref>
 
سِٽَ 192:
[[فائل:Cathedral Rock Water-27527-1.jpg|thumb|[[سيڊونا]] ۾ ريڊ راڪ ڪراسنگ ويجھو [[ڪيٿيڊرل راڪ]]]]
 
ايرزونا آمريڪا جي چوڪنڊيچوڪنڊين رياستن مان ھڪ رياست آھي. اھا پکيڙ ۾ ڇھين وڏي رياست ۽ ان درجہ بندي ۾ نيو ميڪسيڪو کان پوءِ وڏي ۽ نيواڊا کان اڳ ۾ وڏي آھي. ان جي پکيڙ {{convert|113998|sqmi|km2|-3}} جنھن جو 15 سيڪڙو زمين ماڻھن جي ذاتي ملڪيت آھي باقي سرڪاري آھي جنھن ۾ ٻيلا، رڻپٽ جبل، نيشنل پارڪ وغيره شامل آهن. ھي رياست جابلو قطارن ۽ رڻپٽن جي ڪري سڃاتي وڃي ٿي ۽ ان جي ڏکڻ ۾ وسيع ميدان آھن جن ۾ زيروفائيٽ (xerophyte) وڻ ۽ ٿوھر جا ٻوٽا ڪثرت سان ملن ٿا. <ref>{{cite web|url=https://azsf.az.gov/forestry-community-forestry/urban-community-forestry |title=Urban and Community Forestry Division |publisher=Arizona State Forestry Division |accessdate=July 6, 2014}}</ref> <ref>{{cite web |url=http://www.ncsu.edu/project/wildfire/Arizona/prescott/prescott.html |title=Prescott Overview |publisher=Ncsu.edu |date=May 15, 2002 |accessdate=July 25, 2010 |archiveurl=https://www.webcitation.org/5mr4yfCYq?url=http://www.ncsu.edu/project/wildfire/Arizona/prescott/prescott.html |archivedate=January 17, 2010 |deadurl=no |df=mdy}}</ref>
 
==سياسي انتظام==