ڪلمارنوڪ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 6:
اِروِن ندي (River Irvine) ھن جي اوڀرئين حصي مان گذري ٿي. اسڪاٽلينڊ جي مشھور شاعر رابرٽ برنس جي شاعريءَ جو پھريون ڪتاب 1786ع ۾ ھن شھر ۾ ڇپيو ھو، ان ڪري ڪتاب جي انھيءَ ڇاپي کي ”ڪلمارنوڪ ايڊيشن“ ڪوٺيو وڃي ٿو. جڳ مشھور وسڪي برانڊ ”جاني واڪر“ جو بنياد 19ھين صديءَ ۾ ھن ئي شھر ۾ پيو. ھتي ووڊافون ۽ ٽيلي پرفارمنس<ref>{{حوالو_ويب|url=https://web.archive.org/web/20171022032519/http://teleperformanceukcareers.co.uk/locations/spec-location/?/Kilmarnock|title=Kilmarnock|date=2017-10-22|website=web.archive.org|access-date=2019-12-24}}</ref> جھڙين بين الاقومي ڪمپنين جا دفتر آھن. ان کان علاوہ ھتي ريل جي انجڻن ٺاھڻ جا ڪارخانا ۽ برطانيہ ۾ ڪمپيوٽر جي مشھور ڪمپني يوٽوپيا (Utopia) جي مرڪزي آفيس واقع آھي. ھتي کاڌن کي دٻن ۾ بند ڪرڻ جا ڪارخانا پڻ آھن. ھن ئي شھر مان سينڊوڄ پيڪ ٿي سڄي اسڪاٽلينڊ ۾ وڪامجن ٿا. ھن شھر ۾ ٺھندڙ غاليچا نہ فقط اسڪاٽلينڊ بلڪہ سڄي [[برطانيہ]] ۽ ڏيساور ۾ بہ مشھور آھن.
ڪلمارنوڪ کي اھو بہ اعزاز حاصل آھي تہ ھتي دنيا جي ٻن اسڪولن مان ھڪ اھڙو اسڪول موجود آھي جتي ٻن نوبيل انعام حاصل ڪندڙ سائينسداننسائنسدانن علم پرايو. انھن مان ھڪ اليگزينڊر فليمنگ (Alexander Fleming )ھو جنھن 1928ع ۾ پينسلين ايجاد ڪئي. ٻيو جان بائڊ اور(John Boyd Orr)ھو جنھن گڏيل قومن جي کاڌخوراڪ ۽ زراعت واري اداري جو پھريون ڊائريڪٽر ھئڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. ھو دنيا جي سائنس ۽ آرٽس واري اداري جو پھريون صدر پڻ بنيو. ھن اسڪول جو نالو ڪلمارنوڪ اڪيڊمي آھي. ڪلمارنوڪ ۾ ڪيتريون ئي جڳ مشھور فلمون پڻ ٺھيون آھن. اسڪاٽلينڊ جي ٻين علائقن وانگيان ھتي جا رھواسي فوٽ بال راند جا شوقين آھن. ”ڪلمارنوڪ فوٽ بال ڪلب“ اسڪاٽلينڊ جو سڀ کان جھونو فوٽ بال ڪلب آھي. ھن ڪلب جو ھڪ عاليشان اسٽيڊيم آھي جنھن کي ”رگبي پارڪ“ ڪوٺيو وڃي ٿو. ھن شھر ۾ ٻہ گولف ڪورس پڻ آھن.
اسڪاٽلينڊ جي ٻين علائقن وانگيان ھتي جا رھواسي فوٽ بال راند جا شوقين آھن. ”ڪلمارنوڪ فوٽ بال ڪلب“ اسڪاٽلينڊ جو سڀ کان جھونو فوٽ بال ڪلب آھي. ھن ڪلب جو ھڪ عاليشان اسٽيڊيم آھي جنھن کي ”رگبي پارڪ“ ڪوٺيو وڃي ٿو. ھن شھر ۾ ٻہ گولف ڪورس پڻ آھن.
 
== تاريخ ==
چيو وڃي ٿو تہ ستين صدي عيسويءَ ۾ ھتي ”مارنوڪ“ نالي ھڪ درويش اچي پنھنجو آستانو ٺاھيو ھو ۽ ھتي ھڪ گرجا گھر پڻ قائم ڪيو ھو. انھيءَ بزرگ جي نالي پٺيان ھن شھر تي ”ڪلمارنوڪ“ نالو پيو. آھستي آھستي ھن وستيءَ ترقي ڪئي ۽ ھتي ھڪ ننڍو شھر قائم ٿي ويو. 1668ع ۾ خوفناڪ باھ لڳڻ سبب ھن شھر جو گھڻو حصو سڙي رک ٿي ويو. 120 خاندانن جو الھہ تلھہ سڙي خاڪ ٿي ويو ۽ ھنن کي آسپاس جي ميداني علائقي ۾ کليل آسمان ھيٺان راتيون ڪٽڻيون پيون<ref>{{Cite book|url=https://books.google.com.pk/books?id=5R8NAAAAYAAJ&pg=PA1&lpg=PA1&dq=st.+marnock+founded+church+kilmarnock&redir_esc=y&hl=en#v=onepage&q=st.%20marnock%20founded%20church%20kilmarnock&f=false|title=The History of Kilmarnock|last=M'Kay|first=Archibald|date=1858|publisher=A. M'Kay|language=en}}</ref>. ھنن ماڻھن وٽ پيٽ گذر جو ڪو وسيلو نہ رھيو ۽ ھو غربت جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا. اھڙي ڏکئي وقت ۾ اسڪاٽلينڊ جي سمورن گرجا گھرن ۾ چندو گڏ ڪري ھنن جي مالي سھائتا ڪئي وئي. 1800ع ڌاري ھن شھر جون رونقون موٽڻ لڳيون ۽ خوشحاليءَ جي ديوي ھتان جي ماڻھن تي مھربان ٿيڻ لڳي. انھن ئي ڏينھن ۾ ھن شھر جي نئين سر تعمير ٿي، شھر جي مشھور گھٽين ڪنگ اسٽريٽ، پورٽلينڊ اسٽريٽ ۽ ويلنگٽن اسٽريٽ جو بنياد پيو. اڳتي ھلي فني اسٽريٽ (Finnie Street) وجود ۾ آئي جنھن جو شمار اسڪاٽلينڊ جي انتھائي سھڻين گھٽين ۾ ٿئي ٿو. سينڊبيڊ اسٽريٽ واري پل ھتان جي سڀ کان پراڻي پل آھي جيڪا اڃا تائين استعمال ھيٺ آھي.
1800ع ڌاري ھن شھر جون رونقون موٽڻ لڳيون ۽ خوشحاليءَ جي ديوي ھتان جي ماڻھن تي مھربان ٿيڻ لڳي. انھن ئي ڏينھن ۾ ھن شھر جي نئين سر تعمير ٿي، شھر جي مشھور گھٽين ڪنگ اسٽريٽ، پورٽلينڊ اسٽريٽ ۽ ويلنگٽن اسٽريٽ جو بنياد پيو. اڳتي ھلي فني اسٽريٽ (Finnie Street) وجود ۾ آئي جنھن جو شمار اسڪاٽلينڊ جي انتھائي سھڻين گھٽين ۾ ٿئي ٿو. سينڊبيڊ اسٽريٽ واري پل ھتان جي سڀ کان پراڻي پل آھي جيڪا اڃا تائين استعمال ھيٺ آھي.
 
== سياسي جوڙجڪ ==