مدد بحث:توھان جو پھريون مضمون: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
تخريبڪار کي ختم ڪيو غير معياري مواد هٽايو
ٽيگَ: خالي ڪرڻ 2017ع ذريعو سنوار
 
سِٽَ 1:
--Jogi don 17:57, 30 ڊسمبر 2015 (UTC)
 
== سنڌ جي مختصر تاريخ ==
 
سنڌ جي تاريخ جو مختصر جائزو.
 
امر قاسم جسڪاڻي
 
سنڌ جي تاريخ قديم تاريخن منجھان ھڪ آھي, تاريخدانن موجب سنڌو ماٿري جي تھذيب 5000 ھزار سالن کان بـ قديم آھي, ھزارين سال اڳ جڏھن دنيا اڃان تھذيب نـ ماڻي تڏھن ھي ڌرتي تھذيب جي عروج کي ڇھي رھي ھئي.
پٿر جي پھرين دور ۾ ھي ماڻھو پٿر کي ھٿيار طور استعمال ڪندا ھئا جنھن مان شڪار يا ڪاٺيون ڪٽڻ جو پڻ ڪم وٺندا ھئا.
پٿر جو نئون دور تڏھن شروع ٿئي ٿو جڏھن ماڻھن گھر اڏڻ ۽ فصل ڪرڻ شروع ڪيا, ان دور ۾ سنڌ جا اوائلي شھر ۽ ڳوٺ ھئا.
سنڌو ماٿري واري تھذيب سنڌو دريا جي الھندي ڪناري لاڙڪاڻي جي ويجھو موجود موھن جي دڙي شھر جي کوٽائي 1922ع کان پؤ عام ٿي, جتان ڪي پراڻا سڪا, سرون ۽ ٻيا زيورات پڻ مليا, تنھن کوٽائي مان خبر پئي تـ 5000 ھزار سال اڳ ھتان جا ماڻھو ڪيترا نـ ترقي پسند ۽ تھذيب يافتا ھئا. موھن جي دڙي جو شھر وڏي رٿابندي سان ٺھيل ھيو جتي ويڪرا رستا, عمارتون, نيڪال جو سسٽم, پڪا کوھ, زيورات, رڌپچأ جو سسٽم, ٺڪر جا ٿانٔ ۽ رانديڪا وغيرھ.
موھن جي دڙي مان پٿر جون مھرون, تصويرون ۽ لکتون پڻ مليو آھن.
وڏي ڳالھ اھا بـ تـ دنيا ۾ پھريون ذريعي انقلاب موھن جي دڙي جي ماڻھن پوکي راھي ڪري آندو.
ھي تھذيب اڀرندي ئي 800 سو سالن کان پؤ لاٿ ۾ اچي وئي. تاريخدان ان جا ٽي مکيـ نتيجا ٻڌائن ٿا.
1;آريا قوم جون سنڌين سان جنگيون,
2; ارضياتي تبديلين سبب سنڌو ندئ جو رستو تبديل ڪرڻ ۽ علائقي کي ٻوڙڻ,
3; يا وري ڪنھن موتمار وبا جو ڦھلجڻ.
 
سنڌ ۾ آريا تھذيب ٻي دور ۾ آئي, آريا وچ ايشيا ۽ اوڀر يورپ ڀونچ سمنڊ وٽ مٽي/ خشڪي جي ھڪ کنڊ جا رھاڪو ھئا جتي ارضياتي تبديلين سبب سمنڊ اچي ويو ۽ آرين اتان کان لڏ پلاڻ ڪري مختلف ملڪن جو رخ ڪيو ۽ ھلندي ھلندي سنڌ ۾ پڻ اچي پھتا. تاريخ ۾ ملي ٿو تـ سنڌين ۽ آرين ۾ ويڙھون پڻ ٿيون جڏھن تـ آريا جنگجو ۽ سنڌي امن پسند ھيا تنھنڪري فتح آرين کي ملي, تنھن کانپؤ ھر ھڪ رياست مٿان ھڪ راجا راڄ ڪندو ھو ۽ ماڻھو ڪم ڪار جي حوالي سان مختلف ڌنڌن ۾ ورھايل ھئا جيڪي اڳتي ھلي ذات پات واري نظام ۾ تبديل ٿيا.
 
آريا سماج چار ذاتين ۾ ورھايل ھو.
1) سڀ کان اونچي ذات برھمڻ ھئي جيڪا پڄارين ۽ ڏاھن فلسفن جي ھئي.
2) ٻي وڏي اھميت واري ذات کشتري ھئي جنھن ۾ وڏا ويڙھاڪ جنريل اڳواڻ ۽ حڪمران شامل ھئا.
3) ٽين ذات ويش ھئي, ان ذات ۾ واپاري, ھنرمند ۽ ھاري شامل ھئا.
4) چوٿين ذات شودر ھئي. شودرن کي اڇوت سمجھي نيچ ڪم ورتا ويندا ھئا.
ڪيترن ئي سالن کانپؤ مسلم دور آيو حضور صلم کانپؤ مفاد پرست مسلمان حڪمرانن اسلام جي اصل روح کان ھٽي ڪري سڄي دنيا تي حڪمراني جا خواب ڏٺا ۽ اسلام جي نالي تي سر سبز ۽ خوشحال ملڪن تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا.
برصغير ۾ عرب مسلمانن سڀ کان پھرين سنڌ تي ڪاھ ڪري حڪومت جون واڳون سنڀاليون. سنڌ جيڪا امن ۽ خوشحالي جو مرڪز ھئي اھا مختلف دورن ۾ لٽيرن, ڦورن, ڌاڙيلن ۽ خونريزن جي ور چڙھندي رھي. اڳ بـ سنڌ تي عربن جا سترھن ناڪام حملا ٿيندا رھيا ھئا پر 712 ۾ اموي خليفي وليد جي دور ۾ بصرا جي گورنر حجاج بن يوسف جي ھشي تي محمد بن قاسم جي اڳواڻي ۾ بحري, گھوڙي سوارن ۽ پيادي فوجن جي ڪٽڪ سان سنڌ تي ڪاھ ڪري ڪجھ غداري ٻوڌي ۽ ملن جي مدد سان سنڌ کي قبضي ھيٺ آندو, بن قاسم کي وليد ۽ حجاج کانپوء خليفي سليمان جي دور ۾ ٻوري ۾ بند ڪرائي مارائي ڇڏيو ھو.
نصابي ڪتابن ۽ سنڌ جي عظمت جي مخالف رياستي ڪارندين مطابق تـ ٻيڙين جو ھڪ جٿو جنھن تي عرب واپاري سندن مال ۽ عراق جي حڪمران حجاج بن يوسف لأ سريلنڪا جي حڪمران طرفان قيمتي تحفا ھئا تنھن تي سنڌ جي بندرگاھ ديبل وٽ سامونڊي ڌاڙيلن حملو ڪيو جنھن تي حجاج بن يوسف سنڌ جي حڪمران راجا ڏاھر کي چورايو تـ سامان ۽ قيدي واپس ڪرائي ڏيو پر ڏاھر انڪار ڪيو تنھن ڪري حجاج سنڌ تي محمد بن قاسم سان وڏو لشڪر موڪليو جيڪو ديبل بندرگاھ کان منجنيق ذريعي گولا ھڻي سنڌ جي راڄ ڌياني ۾ قتل عام ڪرائڻ سان گڏ وڏي تعداد ۾ عورتون, غلام ۽ سون و زيورات ۽ اناج لٽ ڦر ڪرائي کڻي ويو ۽ کيس فتح جو سلسلو ڏکڻ پنجاب ۾ ملتان تائين ھليو.
محمد بن قاسم کانپؤ ڪيترن ئي مسلمان حاڪمن سنڌ تي حڪومت ڪئي.
 
 
جن تي دورن مطابق ھيٺ بحث ڪجي ٿو.
----------------------------------------
غزنوي دورٔ (1026 کان 1050ع) تائين رھيو.
غزنوي سنڌ تي 1027ع تي حملو ڪيو ۽ سنڌ کي پنھنجي سلطنت جو حصو بڻايو. (ياد رکڻ گھرجي ھر ڌاري سنڌ تي حڪومت لٽ ڦر ۽ مال ڦٻائڻ لأ ڪئي, اھي سڀ ڌاريا حڪمران سنڌ جا سڄڻ نـ بلڪي ويري ۽ دشمن ثابت ٿيا).
 
(ھتي غزنوي سلطنت جو مختصر تعارف ڪرائيندو ھلان تـ برصغير ۾ غزنوي سلطنت ان کانپؤ جا حڪمران ھيٺ ڏجن ٿا.
سلطان محمود غزنوي 2 نومبر 971 ۾ افغانستان جي غزني شھر ۾ ڄائو. 999 ۾ پھريون غزنوي حڪمران بڻيو.
1000ع ۾ ھن برصغير تي پھريون حملو ڪيو جنھن کانپوء لڳاتار حملا ڪندو رھيو نيٺ 1026 ۾ سترھون حملو ۽ سومنات مندر مان سون زيور ۽ مال ملڪيت کڻڻ کانپوء ان کي مسمار ڪيو ويو ۽ مسلم سلطنت جو بنياد رکيو. محمود غزنوي 1030ع ۾ فوت ٿي ويو. ھن جي حڪمراني دوران ايران, برصغير ۾ پنجاب, خوارزم ۽ مڪران تائين پکيڙيل ھئي, غزنوي دور عرب ۾ عباسي خليفن وارو دور ھيو. محمود غزنوي کانپوء پٽ مسعود ۽ اسماعيل غزنوي ۾ تاج و تخت تان تڪرار ٿيو جنھن کانپوء مسعود حڪمران بڻيو.
علي ھجويري مشھور حضرت داتا گنج بخش سلطان مسعود سان گڏ برصغير ۾ آيو ھو. البيروني ۽ فردوسي پڻ غزنوي جي حڪمراني جي دور جا ڏاھا ۽ فلاسافر ھئا.
شھاب الدين محمد مشھور محمود غوري بـ مسلمان حڪمران ھيو جنھن برصغير تي حڪومت ڪئي. محمود غزنوي ۽ ترڪ سلجڪ سلطنت کانپوء غوري طاقتور حڪمران ٿي اڀريا. سلطان محمد غوري 1192ع ۾ برصغير تي حملو ڪري پرٿوي راج کي ٻين ترين واري جنگ ۾ مات ڏني ۽ برصغير جو حڪمران بڻيو. (نوٽ: پھرين ترين واري جنگ 1191ع ۾ پرٿوي جرنيل گووند راجا ھٿان غوري کي مات ملي ھئي ۽ جان بچائي نڪري ويو ھو). جئين تـ سلطان محمد غوري کي ڪو بـ اولاد نـ ھو, ھن جنگين دوران ھٿ ڪيل غلامن کي سپاھي ۽ حڪومت جي عھدن تي فائز ڪيو ھو. 1196ع ۾ غوري جي وفات جي وفات کان پوء خوارزم جي حڪمران جو تسلط وڌي ويو, تنھن کانپوء 1206ع ۾ غلام سپھ سالار قطب الدين عيبڪ غلام سلطنت جو پھريون حڪمران بڻيو ۽ 1210ع ۾ پولو راند کيڏندي مري ويو, ھن جي دور کي غلام يا مملوڪ سلطنت چئبو آھي ھن کانپوء ھڪ ٻيو غلام حڪمران محمد بختيار خلجي آيو ۽ ساڳئي دور ۾ تاج الدين غزنوي, غزنوي حڪمران بڻيو جنھن کي مملوڪ سلطنت جي حڪمران شمس الديب الطمش 1216ع ۾ مات ڏني ۽ تاج الدين کانپوء ملتان جي حڪمران فباچا کي بـ الطمش مات ڏني, غلام حڪمرانن جي سلطنت 1290ع ۾ ختم ٿي وئي.
غلام شاھي کانپوء خلجي سلطنت جو دور شروع ٿيو. خلجي سلطنت 1290ع کان 1320ع تائين ھلي جنھن جو بنياد جلال الدين فيروز رکيو ۽ ھي برصغير جي ٻين طاقتور سلطنت ٿي اڀري ھئي. غياث الدين بلبن ترڪ حڪمران بـ ڪمزور ٿي چڪو ھو ۽ غلام سلطنت بـ بيھجي وئي ھئي تـ خلجي جيڪي اڳيئي بنگال جا حڪمران پڻ رھيا ھئا انھن برصغير تي حڪمراني جو بھترين موقعو ملي ويو ھو. جلال الدين فيروز کانپوء ان جو ڀاڻيجو ۽ ناٺي علاؤالدين خلجي حڪمران بڻيو ھو. دراصل علاؤالدين, فيروز کي قتل ڪري پاڻ سلطان بڻجي ويٺو ھو ۽ چالاڪين ۽ جنگي جنون ڪري ھن ڏکڻ برصغير جو گھڻو حصو قبضي ھيٺ آندو ھو. ھي پنھنجي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري مشھور ھو. تاريخدان لکن ٿا تـ ھي ايترو تـ ظالم ھو جو عورتن ۽ ٻارڙن تي بـ رحم نـ ڪندو ھو. 1298ع ڌاري ھن تقريبن 15000 کان 30000 ھزار ماڻھن جو ھڪ ئي ڏينھن ۾ قوس ڪرايو.)
 
سنڌ ۾ غزنوي دور کانپؤ حڪومت جون واڳون سنڌين سنڀاليون.
سومرا دورٔ (1050 کان 1351ع) ھليو. ھي سنڌ جا اصلوڪا رھاڪو ھئا جن سنڌ ڌرتي تي پنھنجي حڪومت قائم ڪئي, پھريون سومرو حڪمران خفيف سومرو ۽ آخري حڪمران دودو سومرو ھيو. ھنن جي حڪومتي ٻولي سنڌي ھئي ۽ گادي جو شھر بدين ھيو. چنيسر جي غداري جي ڪري علاؤ الدين خلجي ترڪ منگول افغاني سنڌ تي ڪاھ ڪري آيو ۽ لٽ ڦر ۽ ظلم و جبر ڪيائين.
سومرن سنڌ تي تقريبن 300 ٽي سو سال حڪومت ڪئي.
 
سمان دورٔ (1351 کان 1520ع) تائين ھليو. سما پڻ سنڌي حڪمران ھئا. سومرن کانپؤ سمن سنڌ جي حڪمراني جون واڳون سنڀالي 175 سالن تائين حڪومت ڪئي. ڄام انڙ پھريون سمون حڪمران ۽ ڄام فيروز کان آخري حڪمران ھيو. سمن جي دور ۾ سنڌ جو گادي وارو شھر ٺٽو ۽ ٻولي سنڌي ھئي.
 
مختلف حڪمرانن جو دور (1520 کان 1591ع) ھليو. ھي دور پڻ سنڌ تي ظلمت ۽ وھشت جو دور رھيو ھن دور ۾ سنڌين سان ترحين ترحين جون جٺون ڪيون ويون. ھن دور ۾ شاھ بيگ ارغون, شاھ حسن ارغون ۽ مرزا عيسي ترخان وغيرھ حڪومتون ڪيون.
1522ع ۾ بابر مغل ڪنڌار کي فتح ڪيو, ان ئي دور ۾ شاھ بيگ ارغون بکر (نئي سکر) کي دارلحڪومت بڻايو ھيو. 1524ع ۾ شاھ بيگ جي مرڻ کانپؤ پٽ شاھ حسين, بابر کي ملتان تي حملي جي دعوت ڏني. بابر 1530ع ۾ وفات ڪئي تـ پٽ ھمايون 1540ع ۾ شير شاھ سوري ھٿان مات کائي سنڌ جي شھر عمرڪوٽ ۾ اچي پناھ ورتي جتي پٽ اڪبر پڻ ڄائو. شاھ حسين ارغون ۽ ھمايون جي جنگ پڻ ٿي پر جلدي ئي ھمايون سنڌ ڇڏي ايران ۽ ڪابل ھليو ويو.
1554ع ۾ عيسي خان ترخان ارغونن کان حڪومت کسي ۽ پاڻ سنڌ جو حڪمران بڻيو. عيسي ترخان جو مقبرو ٺٽي جي قبرستان ۾ موجود آھي. ارغونن ۽ ترخانن جو دور سنڌ ۾ ڪھر جھڙو دور ھيو.
.
مغل دور (1591 کان 1701ع) تائين ھليو. مغل بادشاھ اڪبر 1591ع ۾ سنڌ کي فتح ڪيو ۽ ان کي پنھنجي شھنشاھيت جو حصو بڻايو. سنڌ ۾ آخري مغل بادشاھ مرزا غازي بيگ ھيو جنھن کانپؤ حڪومت سنڌين وٽ اچي وئي.
 
ڪلھوڙا دور (1701 کان 1783ع) تائين ھليو.
پھريون ڪلھوڙو حڪمران ميان ناصر محمد ڪلھوڙو ھيو ۽ آخري ميان سرفراز ڪلھوڙو ھيو. ڪلھوڙن حيدرآباد کي سنڌ جي گادي جو ھنڌ بڻايو ۽ ھڪ قلعو تعمير ڪرايو, جيڪو اڄ بـ پڪي قلعي جي نالي سان مشھور آھي.
 
ٽالپر دورٔ (1783 کان 1843ع) تائين ھليو.
ٽالپر ترڪ بلوچ/ سنڌي بلوچ حڪمران ھئا.
ٽالپرن 1783ع ۾ ڪلھوڙن کان اقتدار حاصل ڪيو ھو. مير فتح علي خان پھريون ٽالپر حڪمران ھيو.
انگريز جو سنڌ ۾ پھرين قبضو1839ع ۾ سيٺ نائون مل جي غداري ڪري ڪراچي تي ٿيو.
ٽالپرن حڪمرانن جي سستي جي ڪري انگريز جيڪي اڳئي برصغير تي قابض ھئا اھي اچي سنڌ تي بـ ڪڙڪيا ۽ آخرڪار 1843ع ۾ ٽالپرن جي فوجي سربراھ ھاويل جي غداري ڪري انگريزن ٽالپرن جي بارودخاني تي گولاباري ڪري بارودخانو تباھ ڪيو جنھن ڪري ٽالپرن ۽ انگريزن جي جنگ گھڻو ھلي نـ سگھي ۽ انگريز جلدي ئي سنڌ تي فتح حاصل ڪري ورتي. مياڻي واري جنگ ۾ سنڌي سرفروش جرنيل ھوش محمد شيدي ھيو ۽ انگريز جرنيل چارلس نيپئر ھيو, ھٿين خالي سنڌين بارود آور انگريز جا ڪليجا ھلائي ڇڏيا پر آخر ۾ انگريز سنڌين جو قتل عام ڪيو ۽ نيٺ فتح انگريز کي ملي.
انگريز جي فتح جا ڪيترا ئي سبب ھئا, ھڪ تـ ٽالپرن جي حڪومت چار حصن ۾ ورھايل ھئي ۽ حڪمران طبقو عياش, سست و ڪاھل ۽ بزدل ھيو, ٻيو تـ ھاويل جي غداري کانپؤ پؤ سنڌي فوج وٽ ھٿيار تمام گھٽ بچأ ھئا ۽ ٽيون سبب اھو پڻ ھيو جو سنڌ ۾ موجودھ وڏيرن جا وڏا جن کي انگريز رياستون ۽ ڪيٽيون ڏنيون اھي غدار ھئا مختلف علائقن مان ايندڙ سرفروش سنڌي غدار ۽ مڪار وڏيرن جي مخبري سبب رستن ۾ ماريا ويا.
 
سنڌ ۾ انگريزن جو اچڻ:
انگريز برصغير ۾ واپار لأ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي نالي سان 1600ع ۾ پھرين بنگال ۾ آيا ۽ ھوريان ھوريان سڄي برصغير تي قابض ٿيندا ويا. سنڌ ۾ انگريز مغلن جي دؤر ۾ واپاري ٿي سنڌ ۾ آيا. واپار تـ صرف بھانو ھيو جيڪا پرک سنڌ جي ماڻھن کي پئيجي وئي ۽ سنڌ جي ماڻھن انگريزن جي چرپر کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن تي انگريز ناراض ٿي پيا ۽ 1839ع تي انگريزن ڪراچي تي زوري قبضو ڪري ورتو ۽ 1843ع ۾ انگريزن ۽ ٽالپرن وچ ۾ مياڻي واري جنگ لڳي ۽ انگريز سڄي سنڌ تي قبضو ڪري ورتو. انگريزن آزاد ۽ خدمختيار سنڌ ملڪ کي غلامي جو ڳٽ پارائي انتظامي طور بمبئي پريزيڊينسئ جي ھٿ ھيٺ ڏئي ڇڏيو ۽ گورنور آفيس حيدرآباد بدران بمبئي ۾ رکي وئي.
سنڌ جيڪا زخيرن سان مالا مال ھئي تنھن کي لٽڻ ڦرڻ لأ انگريز ڪامورا پڻ پنھنجا ڪارندا رکيا ھئا, انگريز پنھنجي حڪومت کي موئثر ھلائڻ لأ جديد مواصلاتي نظام, روڊ ۽ ريلوي لائينون وڇايون. انگريز عام ماڻھو تائين رسائي ۽ ان کي سمجھڻ لأ سنڌي زبان جي ترقي ۽ واڌاري لأ پاليسي ٺاھي ۽ مادري زبان کي ترقي ملي. 1853ع ۾ سنڌي رسم الخط منظور ڪيو. انگريز آفيسرن تي 6مھينن ۾ سنڌي سکڻ لازمي قرار ڏني ۽ انکانسوأ اسڪول, ڪاليج, ڪورٽون ۽ ٿاڻا پڻ قائم ڪيا ويا.
سکر بئراج, ڪوٽري پل, سيشن ڪورٽ حيدرآباد, ڪي ايم سي ڪراچي, فريئر ھال ڪراچي ۽ امپريس مارڪيٽ ڪراچي انگريز دور جون اڏاوتون آھن.
 
سنڌ جا ماڻھو جيڪا قديم زماني کان آزادي ۽ خدمختياري جا قائل ھئا ۽ سنڌ سدائين غلامي کانپؤ آزادي جي سھاني خوابن جي تعبير حاصل ڪندي رھي ھئي ان انگريزن جي غلامي کان پڻ جند ڇڏائڻ جا جتن ڪيا. سنڌي ماڻھن ھڪ تنظيم سنڌ محمدن ايسوسيئشن نالي جوڙي پنھنجي حقن ۽ آزادي جي لأ جاکوڙ شروع ڪئي ۽ نيٺ 1936ع ۾ سندن جدوجھد ڪاميابي ماڻي ورتي ۽ سنڌ کي الڳ صوبي جو درجو ڏنو ويو. 1938ع ۾ سنڌ مسلم ليڳ ھڪ الڳ وطن جي ڳالھ ڪئي جنھن حڪومت ڪرڻ وارا سنڌي مسلمان ھجن, 23 مارچ 1940ع تي لاھور ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس ٿيو ۽ مسلمان اڪثريت وارن علائقن ۾ الڳ حڪومت جو ٺھرأ منظور ٿيو ان ٺھرأ کي پاڪستان جو ٺھرأ سڏيو ويندو آھي. 1943ع ۾ سنڌ قانون ساز اسيمبلئ ھڪ ٺھرأ بحال ڪيو جنھن ۾ پاڪستان ٺاھڻ جي گھر ڪئي. سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان جو ٺھرأ سائين جي ايم سيد جي ڪوششن ۽ نتيجي سبب پاس ٿيو. 1940ع واري قراداد ۾ اھا ڳالھ واضع ھئي تـ سنڌ ۽ ٻيا صوبا خدمختيار رياستون ھونديون پر بدقسمتي سان سنڌين سان ڌوکو ٿيو ۽ سنڌ کي پاڪستان جو حصا بڻائي خدمخيتاري کسي وئي ۽ سنڌ جا وسيلا مال غنميت سمجھي اڄ تائين لٽيا ٿا وڃن, ڌاري آبادڪاري جي لوڌ پڻ سنڌ جي وڏن شھرن تي قابض ڪئي وئي آھي سنڌ جا بندرگاھ وفاقي حڪومت حوالي ڪري سنڌي ماڻھو جي آجپي جو اصتحلال ڪيو ويو, اھو ئي سبب ھو جو سنڌ جي پروانو, رھبر سنڌ جي ايم سيد جئي سنڌ جو نعرو ھڻي سنڌ جي خدمختياري جي گھر ڪئي. سنڌ جيڪا سنڌين جو تاريخي وطن ھئي اھا اڄوڪي جڙتو پاڪستان ۾ پنجاب جي غلام بڻجي وئي ۽ سنڌي پنھنجي ڌرتي وڃائي ويٺا آھن.
ڪجھ شخصيتون جن پاڪستان جو قيام ممڪن بڻايو.
 
واضع رھي 1940ع واري قراداد موجب پاڪستان ھڪ فيڊريشن ھوندو ۽ ان ۾ ھر رياست خدمختيار ھوندي, ھر رياست کي پنھنجا وسيلا, فوج ۽ داخلي معملا پاڻ سنڀالڻ جو حق ھوندو پر پؤ حاڪم وقت ان ڳالھ تان ڦري ويا ۽ سنڌي قوم احساس محرومي محسوس ڪندي الڳ وطن جي جدوجھد شروع ڪئي.
قائد اعظم محمدعلي جناح پاڪستان جو باني ۽ پھريون گورنر جنرل ھيو.
سي عبداللھ ھارون خلافت تحريڪ ۽ سنڌ مسلم ليگ جو اڳواڻ ھيو.
مولانا دين محمد وفائي 1920ع ۾ الوحيد اخبار ڇاپي وطن جي آزادي جي ڪوشش ڪئي.
ليڊي نصرت ھارون سنڌ ۾ مسلمان عورتن ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪندڙ عورت ھئي.
جي ايم سيد اھا تاريخ ساز شخصيت جنھن پاڪستان جي قيام جي جدوجھد ڪئي. سندس ئي جي ڪوششن جي نتيجي ۾ سنڌ اسيمبلئ 1943ع ۾ پاڪستان جي حق ۾ قراداد منظور ڪئي.
غلام محمد ڀرڳڙي 1918ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جو پھريون صدر بڻيو.
بيگم رقيـ شمس الدين پاڪستان جي قيام جي جدوجھد لأ انتھائي اھم ڪردار ادا ڪيو.
 
سنڌ آزادي کانپؤ :
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپؤ سنڌ ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي وئي ھڪ طرف سنڌي ھندو جيڪي ڌرتي جا حقيقي پٽ ھئا انھن جو قتل عام ۽ لڏپلاڻ ڪرائي وئي تـ ٻي طرف ڀارت مان بکيا, نگا,جاھل ۽ خونخوار ماڻھو سنڌ گھرايا ويا ۽ انکان علأ سنڌ جا وڏا شھر انھن حوالي ڪيا ويا, اھو ئي سبب آھي جو اڄ سنڌي ماڻھو جو ڏيوالي جي ور چڙھي ويو آھي.
 
پاڪستان ٺھڻ کانپؤ سنڌ ۾ :
جناح بين الاقوامي ھوائي اڏو, ڪراچي.
ڪوٽڙي بئراج, ڄامشورو.
فوجي فرٽيلائيزر فيڪٽري, ميرپور ماٿيلو.
۽ ايگريڪلچر يونيورسٽي, ٽنڊو ڄام جو وجود پيو. [[واپرائيندڙ:امر قاسم جسڪاڻي|امر قاسم جسڪاڻي]] ([[واپرائيندڙ بحث:امر قاسم جسڪاڻي|ڳالھ]]) 11:11, 23 جنوري 2021 (UTC)
صفحي "توھان جو پھريون مضمون" ڏانھن واپس ٿيو.